تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** بشير احمد انصاري ڊاڪٽر **

بشير احمد انصاري، ڊاڪٽر: ٻارن جي مشهور ڊاڪٽر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر بشير احمد انصاريءَ، 4 جون 1963ع تي هالا نوان، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. هن پرائمريءَ کان انٽر تائين تعليم هالا نوان جي درسگاهن مان حاصل ڪئي. 1989ع ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشوري مان ايم. بي. بي. ايس ۽ 1992ع ۾ ساڳيءَ ئي يونيورسٽيءَ مان ڊي. ايس. ايڇ ڪيائين. هيءُ ٻارن جي بيمارين ۾ مهارت رکي ٿو. 1996ع ۾ سول اسپتال سانگھڙ ۾ ميڊيڪل آفيسر، 1996ع کان 2000ع تائين لياقت يونيورسٽي اسپتال ڄامشوري جي ٻارن جي وارڊ جو رجسٽرار ۽ ڀٽائي اسپتال لطيف آباد ۾ ٻارن جي شعبي جو ميڊيڪل آفيسر رهيو آهي. هن جو ٻارن جي بيمارين تي لکيل هڪ ڪتاب ’ٻارن جون بيماريون‘ شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ ٻارن جي مختلف بيمارين تي 39 مضمون شامل آهن، جن بيمارين جو حل به ڏنل آهي. سندس هي ڪتاب ميڊيڪل ۾ پرهندڙ شاگردن، نرسنگ اسٽاف ۽ صحت جي شعبي سان تعلق رکندڙن جي معلومات لاءِ نهايت ئي ڪارائتو ڪتاب آهي. ڊاڪٽر بشير احمد انصاري هالا نوان ۾ رهائش پذير آهي.....وڌيڪ پڙهو