تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-04-19 عيسوي تاريخ ۾


1882.04.19ع :  چارلس ڊاروِن، 19 اپريل 1882ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1886.04.19ع :   نواب خداداد خان ولد گل محمد خان لغاريءَ، 19 اپريل 1886ع تي جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1943.04.19ع :  مشھور شاعر ۽ صحافي انور شعور ولد اشفاق حسين خان جو جنم 11 اپريل 1943ع تي مڌيا پرديش (هندستان) جي شھر... وڌيڪ پڙهو 1949.04.19ع :   اديب ۽ سماج سڌارڪ رسول بخش ولد حاجي موريل ٻگھيو، 19 آڪٽوبر 1949ع تي ساهتي پرڳڻيءَ جـي قـديـم تاريخي... وڌيڪ پڙهو 1955.04.19ع :  عمر شريف، 19 اپريل 1955ع تي لياقت آباد، ڪراچي (سنڌ) ۾ هڪ اردو ڳالهائيندڙ گهراڻي ۾ جنم ورتو. ... وڌيڪ پڙهو 1967.04.19ع :  الطاف ملڪاڻي 19 اپريل 1967ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو ... وڌيڪ پڙهو 1969.04.19ع :   مشهور سياستدان ۽ چانڊيا قبيلي جو سردار، سردار خان ولد نواب شبير احمد چانڊيو 19 اپريل 1969ع تي غيبي ... وڌيڪ پڙهو 1975.04.19ع :   بخشل باغي جو جنم 19 اپريل 1975ع تي، دولت ڪالوني نوابشاهه ۾ ٿيو. ... وڌيڪ پڙهو 1981.04.19ع :  سنڌ جو مشهور مزاحيه اداڪار خادم حسين ولد حاجي علي اڪـبـر کـوکـر، 19 اپـريـل 1981ع تي ڳـوٺ دڙي خـيـر ... وڌيڪ پڙهو 2005.04.19ع :  پوپ بينڊيڪٽ 19 اپريل 2005ع تي 78 سالن جي عمر ۾ پوپ چونڊيو ويو ... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** رزاق سهتو **

رزاق سهتو: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار، ڊرامانگار ۽ اديب رزاق سهتو، پهرين اپريل 1962ع تي الهه وسائي سهتي جي گهر، ڳوٺ صوفاڻي، تعلقي ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ 1978ع ۾ ڪمپريهينسوِ هاءِ اسڪول خيرپورميرس مان، انٽر 1980ع ۾ ممتاز ڪاليج مان ۽ بي. ڪام 1984ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، شاهه عبداللطيف ڪئمپس خيرپور ميرس مان ڪيائين.

عملي زندگيءَ جو آغاز 1984ع ۾ سنڌ ايمپلائيز سيڪيورٽيءَ کان ڪيائين، جنهن کان پوءِ 1986ع کان وٺي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ اهم عهدن تي فائز رهيو، جڏهن ته مختلف وقتن تي سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي سيڪريٽريءَ جي عهدي تي به رهيو آهي.

رزاق سهتي لکڻ جي شروعات شاعريءَ کان ڪئي ۽ جلد ئي هن نثر ۾ لکڻ شروع ڪيو. سندس مضمون مختلف سنڌي اخبارن جهڙوڪ: روزاني عوامي آواز، جاڳو، هلال پاڪستان ۽ پڪار ۾ شايع ٿيندا رهيا. سندس لاڙو ڊرامن ڏانهن به رهيو آهي. سندس ڪيترا ڊراما مختلف سنڌي چئنلن تان نشر ٿي چڪا آهن، جن ۾ ڊرامه سيريل ’شام‘ ۽ آرٽ پلي ’سهارو‘ قابل ذڪر آهن، جڏهن ته هڪ اردو ٽيلي فلم ’اعلان‘ به لکي چڪو آهي.

سن....وڌيڪ پڙهو