تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ پڻ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ پڻ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد ..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** باميان **

باميان (Bamyan ):افغانستان جي شهر ڪابل جي اتر الهندي طرف 80 ميلن جي فاصلي تي هندوڪش جبلن جي وچ ۾ برف سان ڍڪيل ”ڪوهه بابا“ جي هنج ۾ واقع ”باميان وادي“ هڪ پهاڙي ماٿري آهي، جتي پٿر جي دور جا آثار ۽ انساني تهذيب، تمدن ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جا ماڳ مڪان ۽ گوتم ٻڌ جا عظيم الشان بت موجود آهن. ماضيءَ ۾ هيءَ ماٿري تاريخي شاهراهه ريشم کي وچ ايشيا سان ملائڻ جو واحد رستو رهي آهي. قديم دور کان هي تاريخي ماڳ پنهنجي فطري حسن ۽ تهذيب جو مرڪز آهي ۽ دنيا جي سياحن ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ وڏي ڇڪ رکي ٿو. باميان ماٿريءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻه ڪشادا لَڪَ ”درهَ فولادي“ ۽ درهء ڪڪرڪ“ استعمال ڪرڻا پون ٿا. جڏهن ته چوڌاري وڏا پهاڙ ۽ اوکا لڪ، ڦاٽ ۽ اونهيون کاهيون آهن.




ڪتاب ’جنت السنڌ‘ جو ليکڪ رحيم داد خان مولائي شيدائي لکي ٿو: ”هندوڪش جي جبلن جي وچ ۾ ”باميان“ وڏو بت خانو هو، جتي غارن ۽ غفائن ۾ 12 هزار بت رکيل هئا، اتي موجود بُت خانن مان هڪڙي عمارت سون جي هئي, جنهن کي عرب محقق زڪريا قزويني ”بيت الذهب“ جي نالي سان لکيو آهي ۽ هر هڪ بُت جو احوال جدا جدا ڏنو آهي. حجاج بن يوسف جي ڏينهن ۾ باميان فتح ٿيڻ....وڌيڪ پڙهو