تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ پڻ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ پڻ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد ..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ٻنون (شهر) **

ٻَنون: ٻني جو شھر ضلعي ٺٽي جي اوڀر سرحد وٽ سنڌو نديءَ جي کاٻي ڪپ مان ڦٽندڙ قديم پڃاري ڦاٽ جي کاٻي ڪپ تي واقع آھي ۽ چوڌاري بچاءَ بند اٿس. شھر جي اوڀر طرف بزرگ سيد پير ڏني شاهه جي مزار آھي. اولهه طرف پڃاري ڦاٽ تي اڏيل دروازن واري پل، جيڪا ھاڻي زبون آھي. پاڪستان کان اڳ آمد رفت درياهه شاهه ۽ پڃاريءَ وسيلي ٻيڙين ۾ ٿيندي ھئي. ھتي ھڪ سئو کان وڌيڪ ٻيڙيون ھونديون ھيون، جن وسيلي سکر، حيدرآباد، ٺٽي، ڪيٽي بندر ۽ پڃاري ڦاٽ تي دڙي، سجاول ۽ جاتيءَ سان واپار ٿيندو ھو. اناج، ڪاٺ، انب، گيهه، کلون، چوپايو مال، پولٽري، کنئور ۽ ماکي وغيره روانگي مال ۾ شامل ھو، اصل شھر کي باهه لڳڻ سبب انگريزن سال 1882ع ڌاري مقامي زميندار پير محمد عمراڻيءَ کان زمين عيوض زمين وٺي اتي نئين سر ڳوٺ ٻڌايو. ھتي ڊسپينسري، پرائمري اسڪول، ٿاڻو، ٻيلي کاتي جي آفيس، روينيو آفيس، پي. ڊبليو جي کاتي جو انسپيڪٽر بنگلو ۽ آفيس تعمير ٿيا. اڳي شھر ۾ ھڪ سئو کن دڪان ھئا. واپار ۽ گھڻي زمينداري ھندن وٽ ھئي. مسلم آباديءَ جو وڏو حصو ميربحرن جو ھو، گذران مڇيءَ جو شڪار ۽ نيويگيشن سامان ۽ مسافر آڻڻ ۽ نيڻ سان ھو. باقي ٻين جو گذر کيتيءَ ۽ گلي بانيءَ تي ھو....وڌيڪ پڙهو