تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد ..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** پاٽائي شيخ لاڏجيو **

پاٽائي، شيخ لاڏجيو: شيخ لاڏجيو پاٽائي 930 هه مطابق 1524ع ڌاري سنڌ جي قديم ڳوٺ پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو، نوجوانيءَ ۾ اتان لڏي برهانپور هليو ويو. کيس سنڌي ڪافيءَ جو موجد به سڏيو ويو آهي. هو خوبصورت هجڻ سان گڏ سريلي آواز جو مالڪ هو ۽ سنڌي موسيقيءَ ۾ کيس ڪمال جي مهارت هئي. خاص ڪري ڪافي اهڙي ته وڻندڙ پرسوز آواز ۾ ڳائيندو هو، جو ٻڌندڙن تي سحر طاري ٿي ويندو هو. شيخ لاڏجيو، شيخ قاسم بن يوسف سنڌي، شيخ طاهر محدث سنڌي، شيخ مبارڪ سنڌي ۽ شيخ جندالله شطاريءَ جو صحبتي ۽ سنگتي هو. شيخ مبارڪ سنڌي، جيڪو ان وقت جو وڏو عالم ۽ فاضل هو، اهو ۽ شيخ لاڏجيو گڏجي برهانپور ۾ اچي وسيا. شيخ لاڏجيي جي دم سان برهانپور ۾ راڳ ۽ سماع جون محفلون منعقد ٿينديون هيون. ۽ انهن جي ڪشش سان نوان ۽ پراڻا لڏي آيل سنڌي برهانپور ۾ جمع ٿيندا رهيا، ۽ اتي اڳتي هلي ”سنڌي محلو“ وڏو محلو بنجي ويو. شيخ لاڏجيو قناعت ۽ توڪل کي پسند ڪندو هو. علامه غوثي لکي ٿو ته: ”سندس حجرو حضرت مسيح الاولياءَ رح جي جامع مسجد جي اترين ديوار سان گڏ هو. اندازاً ستر سالن جي عمر ۾ 1007هه/ 1598ع ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس شيخ ابراهيم بن عمر سنڌيءَ جي مقبري ڀرسان دفن ڪيو ويو.....وڌيڪ پڙهو