تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد ..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** تذڪره سرو آزاد **

تذڪره سرو آزاد: تذڪره سرو آزاد جو مصنف مير غلام علي تخلص آزاد آهي. مير غلام علي حسيني اصل بلگرام جو رهاڪو هو ۽ سندس نسب حضرت زيد شهيد بن امام زين العابدين عليه السلام سان ملي ٿو. مير آزاد 25 صفر 1116هه/18 جون 1704ع تي اوڌ صوبي شهر بلگرام ۾ ڄائو. هوش سنڀالڻ کان پوءِ پنجن ناميارن استادن کان تعليم حاصل ڪيائين. ابتدائي تعليم مير طفيل احمد بلگرامي کان وٺڻ بعد مير عبدالجليل بلگرامي (ناني) کان لغت، حديث، سيرتِ نبوي ۽ ادب، مير سيد محمد دائي کان شعر و شاعري، عروض ۽ فصاحت و بلاغت، شيخ محمد حيات سنڌي کان مديني ۾ مذهبي تعليم ۽ شيخ عبدالوهاب طبطاوي کان مڪي ۾ علم حديث پرايائين. پاڻ پنهنجي سوانح ۾ لکي ٿو ته سڄي عمر ۾ صرف ٽي دفعا بلگرام مان مسافرت ڪيائين. پهريون دفعو شاهجهان آباد (دهلي) ۾ ٻيو دفعو سنڌ ۾ ٽيون دفعو حجاز ڏي حج جي قصد سان ويو. هن نامور اديب، تاريخدان ۽ شاعر 84 سالن جي عمر ۾ سنه 1200/1785ع ۾ وفات ڪئي، ڪنهن شاعر سندس ماده تاريخ وفات هنن لفظن مان ڪڍي آهي ”آه غلام علي آزاد“ (1200هه).



مير غلام علي آزاد بلگرامي جون تصنيفون هي آهن. 1. ديوانِ آزاد، 2. مثنوي (مير عبدالجليل بلگر....وڌيڪ پڙهو