تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ پڻ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ پڻ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد ..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي **

انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي: آڪٽوبر 1989ع ڌاري هندستان جي شهر پوني ۾ سنڌي اديبن پاران ڪوٺايل ادبي سيمينار ۾ يڪراءِ ٺهراءُ بحال ڪيو ويو ته هندستان ۾ سنڌي ٻولي، ادب، فن ۽ تعليم جي بقا ۽ بچاءَ لاءِ هڪ ادارو قائم ڪيو وڃي. نتيجي ۾ انهي ئي سال (1989ع) آديپور، ڪڇ ۾ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو بنياد وڌو ويو، ۽ 1990ع کان انهيءَ جون باقاعدي سرگرميون شروع ٿيون. انسٽيٽيوٽ جي آفيس، هڪ خريد ڪيل بنگلي ۾ قائم ڪئي وئي. شروع (91- 1990ع) ۾ انسٽيٽيوٽ جو خرچ پندرهن هزار ٿيو. سال 93- 1992ع ۾ اُن جي بجيٽ ساڍا ست لک رپيا ٿي. هن وقت ان جي بجيٽ تمام گهڻي مٿي آهي.


انسٽيٽيوٽ جي سرگرمين ۾ جدا جدا درجن وارا سنڌي ڪلاس هلائڻ، موسيقيءَ، ناچ، چترڪاريءَ ۽ ناٽڪ جي سکيا ڏيڻ سان گڏ پرسنئلٽي ڊيولپمينٽ ڪورس، I.A.S ۽ ٻين سول سروس جي امتحانن لاءِ صلاح ۽ اڀياس جا ڪلاس هلايا وڃن ٿا. ان کان سواءِ انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ’سنڌواڻي‘، ’بليٽن‘، ۽ ’رچنا‘ ادبي مخزن جي اشاعت، رفرنس لائبرري، ڪمپيوٽر سينٽر ۽ الڳ الڳ قسمن جي لغتن کان سواءِ انسٽيٽيوٽ پاران ”ساڌو هيرانند نولراءِ اڪيڊميءَ“ جي نالي سان هڪ سنڌي ميڊيم اسڪول پڻ ه....وڌيڪ پڙهو