تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد ..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** حسني قادري، پير غلام شاهه جيلاني **

حسني قادري، پير غلام شاهه جيلاني: جماعت قادريه جيلانيه جي روحاني پيشوا، بزم جيلاني سنڌ ۽ جميعت مشائخ اهلسنت پاڪستان جي سرپرست حسني قادري، پير غلام شاهه جيلاني، 5 جون 1945ع تي نورائي شريف ۾ جنم ورتو. نورائي شريف حيدرآباد کان 30 ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف آهي. سندس نسب جو سلسلو حضرت غوث اعظم دستگير عبدالقادر جيلانيرح سان ملي ٿو. پير صاحب ابتدائي تعليم ۽ تربيت والد بزرگوار کان حاصل ڪئي، بعد ۾ سنڌ جي مڃيل عالمن کان درگاهه نورائي شريف ۽ درگاهه اميناڻي، ضلعي دادوءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد مفتي خليل احمد برڪاتيءَ وٽان مدرسه احسن البرڪات، حيدرآباد مان درس نظامي مڪمل ڪيو. هن طريقت ۽ تصوف جون رمزون پنهنجي والد کان حاصل ڪيون. سندن طبيعت ۾ ابتدا کان وٺي صفائي سٿرائي ۽ نفاست شامل رهي. ننڍيءَ عمر کان ئي جلسن ۾ خطاب ڪندو هو ۽ جوانيءَ تائين پهچندي وڏن خطيبن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. سندس وعظ عام ماڻهن جي اصلاح، انسان دوستيءَ لاءِ رغبت، صفائي ۽ پاڪائيءَ جي تعليم، خوف الاهيءَ ۽ عشق مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي ترغيب تي مشتمل رهيو آهي. سڄيءَ سنڌ ۾ سندس معتقد ۽ پوئلڳ موجود آهن. ان کان سواءِ سندن معتقدن جو چڱو تعداد پاڪستان سم....وڌيڪ پڙهو