تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد ..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** پيرزادو غوث محمد گوهر **

پيرزادو غوث محمد ’گوهر ‘:مخدوم غوث محمد گوهر، شاهه محمد صديقي پيرزادي جي گهر ۾، 11 جون 1935ع تي ڪوٽڙي محمد ڪبير (تعلقي محرابپور) ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.

مخدوم غوث محمد، پرائمري تعليم ڪوٽڙي ڪبير مان ورتي، ۽ ميٽرڪ تائين تعليم ڪنڊياري ۽ هالاڻي هاءِ اسڪولن مان حاصل ڪيائين. هن کي سندس والد جي مامي فقير غلام قادر پيرزادي نپايو. جنهن جو مٿس گهڻو راز هو. جڏهن ان فقير غلام قادر جي عمر 60 سالن کي پهتي ته هن ننڍڙي غوث محمد کي وڌيڪ اسڪولي تعليم پرائڻ کان منع ڪندي چيو ته ”تنهنجو والد ۽ آءٌ پوڙها ٿي چڪا آهيون، ان ڪري تون ابي ڏاڏي جي زمين اچي سنڀال. ائين غوث محمد پيرزادي وڌيڪ پڙهائي ڇڏي اچي مائٽاڻي زمينداري سنڀالي، ان دوران فقير غلام قادر (جنهن کي سڀ نانو چوندا هئا) کيس گهر ويٺي خانگي طرح عربي، فارسي ۽ انگريزي سيکاري. پيرزادي غوث محمد گوهر جي والد 1975ع ۾ وفات ڪئي ۽ فقير غلام قادر، 1977ع ۾ انتقال ڪيو، جنهنڪري ناناڻي توڙي ڏاڏاڻي پڳ جو کيس وارث ٿيڻو پيو.

مخدوم غوث محمد گوهر ٽن سالن تائين عشر زڪوات ڪميٽي، نوشهري فيروز جو چيئرمئن به رهيو. ان کان سواءِ ٽن سالن تائين، سچل چيئر، ....وڌيڪ پڙهو