تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ پڻ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ پڻ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد ..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ٻڌڪي سائيٽ **

ٻُڌڪي سائيٽ (Budh-Site ):گنجي ٽڪر جي ڏکڻ ۾ آخري ڇيڙي تي واقع ’شيخ سرهيو‘ ٽڪريءَ جي سڃاڻپ وارو هيءُ ماڳ ٻُڌڪي دور سان تعلق رکي ٿو. انگريز محقق هينري ڪزنس هن ماڳ جو اشارو ان وقت ڏنو، جڏهن هو سعيدپور ٽڪر تي واقع ’سڏيرڻ جو ٺلهه‘ جو ذڪر ڪري ٿو. سڏيرڻ به ٻُڌڪي سائٽ ۽ اسٽوپا آهي. هينري ڪزنس اشارو ڏنو آهي ته سڏيرڻ جي ٺلهه کان ٽي ميل (5 ڪلو ميٽر) اتر طرف هڪ ٽڪريءَ تي پڻ هڪ ننڍي اسٽوپا جا نشان آهن.

سعيد پور ٽڪر ۽ پير سرهيو ٽڪريءَ جي وچ مان پيچاري ڦاٽ جو لنگهه آهي، جيڪو هاڻي ڪوٽڙي بئراج جي سرشتي سان جڙيل آهي. امڪان آهي ته ٻُڌڪي دور ۾ پيڃاري ڦاٽ درياهه جو اهم لنگهه هجي. شيخ سرهيي واري ٽڪر تي ٻُڌڪن آثارن ۾ جيتوڻيڪ هن وقت ڪنهن به اسٽوپا جا نشان باقي نه آهن، پر اهو محسوس ٿئي ٿو ته خزاني جي کوجين جنهن جاءِ کي کوٽي تباهه ڪيو آهي، اتي اهو اسٽوپا هوندو جنهن جو ذڪر ڪزنس صاحب ڪيو آهي. هن ماڳ تان ٻُڌڪي دور جون ٺپيل آرائشي سرون ڪافي تعداد ۾ ملن ٿيون. هتي اوائلي اسلامي دور جو ٺڪراٺو، نيري ڪاشي ۽ قديم زماني کان ڦٽل هڪ مسجد جا آثار به آهن. ماڳ ڪجهه ايڪڙن ۾ پکڙيل آهي جنهن ۾ پراڻن آثارن مان کنيل سرن سان....وڌيڪ پڙهو