تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد ..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** احمد سلطان چانڊيو **

احمد سلطان چانڊيو: چانڊيا قبيلي جو سردار، 17 مئي 1937ع تي، ’غيبي ديري‘ ۾ ڄائو. نواب غيبي خان جو پوٽو هو، جنهن احمد سلطان جي تعليم ۽ تربيت لاءِ علامه علي خان ابڙي کي اتاليق مقرر ڪيو. نواب غيبي خان پنهنجي پڳ پٽ کي ڏيڻ بدران سڌي طرح پوٽي ڏانهن منتقل ڪئي. پهريون دفعو 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1962ع ۾ لاڙڪاڻي مان اولهه پاڪستان (ون يونٽ) اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. 1956ع ۾ ٻيهر ساڳئي تڪ مان ڪامياب ٿيو. 1970ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ لاءِ لاڙڪاڻي مان آزاد اميدوار جي حيثيت سان چونڊ وڙهيو، پر پيپلزپارٽيءَ جي اميدوار کان چار سئو ووٽن تان هارائي ويو. چونڊن کان پوءِ ڀُٽي صاحب جي حڪومت کيس نظربند ڪري ڇڏيو.

15 سيپٽمبر 1976ع تي سردار احمد سلطان پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ 1977ع وارين چونڊن ۾ پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي بنامقابلي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. ڀُٽي صاحب جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ مارشل لا حڪومت کيس ڪوڙن پاسپورٽن ۽ ڪوڙين ويزائن ٺاهڻ جي ڏوهه ۾ ٻه سال سخت پورهئي سان قيد ۽ پنج لک روپيا ڏنڊ جي سزا ڏني. 1985ع جي عام چونڊن ۾ بنا مقابلي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. صوبائي اسيمبليءَ ۾ اخ....وڌيڪ پڙهو