تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-04-16 عيسوي تاريخ ۾


1889.04.16ع :   برطانيه جو ڄائو ۽ هالي ووڊ جو جڳ مشهور مزاحيه اداڪار چارلي چپلن، 16 اپريل 1889ع تي لنڊن ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1919.04.16ع :   تعليمي ماھر ۽ استاد ، پروفيسر آمنه خميساڻي ، ضلعي دادوءَ جي پاٽ شھر ۾ ، 16 اپريل 1919ع تي ڄائي ... وڌيڪ پڙهو 1927.04.16ع :   عيسائين جي موجوده روحاني پيشوا، پوپ بينڊيڪٽ 16 آهي، جنهن جو اصل نالو جوزف الوائس ريٽزنگر آهي.سندس ج... وڌيڪ پڙهو 1935.04.16ع :  رشيد آخوند، ڪراچيءَ ۾ 16 اپريل 1935ع تي جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1942.04.16ع :  خليفي صاحب 92 سالن جي عمر ۾ 16 اپريل 1942ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1946.04.16ع :  ڪيولرام سامتاڻي ، تاريخ 16 اپريل 1946ع تي گمبٽ ، سنڌ ۾ ڄائو .... وڌيڪ پڙهو 1950.04.16ع :  اڪبر ” نظير “ نمائي . 16 اپريل 1950ع تي اُڏيرو لال ۾ پيدا ٿيو ... وڌيڪ پڙهو 1952.04.16ع :  انور بلوچ: ڪهاڻيڪار ، ناول نويس ۽ ڊرامي نگار -انور بلوچ- جو جنم ،16 -اپريل- 1952ع تي ڳوٺ محمد حسين -... وڌيڪ پڙهو 1961.04.16ع :  ڊاڪٽر ٽلومل ڌيرواڻي 16 اپريل 1961ع تي لاڏاڻو ڪري ويو... وڌيڪ پڙهو 1962.04.16ع :  جامعه راشديه درگاهه پير ڳوٺ جي مهتمم مفتي محمد صالح مهر جي حڪم سان 16 اپريل 1962ع تي مدرسه صبغة الاس... وڌيڪ پڙهو 2010.04.16ع :  ’راز‘ ناٿن شاهيءَ سنڌي ۽ اردو خطاطيءَ ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي. سندس شاهه لطيف جي سنڌي بيتن ۽ آغا سليم جي شا... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** الله ورايو محمدي ڏيپلائي **

الله ورايو ’محمدي‘ ڏيپلائي: ڊاڪٽر الله ورايو محمدي، 30 ڊسمبر 1930ع تي ڏيپلي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو. ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان ايم. بي. بي. ايس ڪرڻ کانپوءِ ريڊيالاجيءَ ۾ اعليٰ تعليم برطانيا مان حاصل ڪئي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري ۾ ريڊيالاجسٽ جي عهدي تي فائز ٿيو. 2000ع کان 2006ع تائين اسريٰ يونيورسٽي، حيدرآباد ۾ پروفيسر ۽ هيڊ آف ريڊيالاجي ڊپارٽمينٽ ٿي رهيو. 2005ع ۾ ريڊيالاجيڪل سوسائٽي آف پاڪستان طرفان، وٽس 3000 نـايـاب ٽـيـچـنـگ ۽ ڊائـگـنـاسـٽـڪ ايـڪـسـري ڪـلـيـڪـشـن هـئـڻ ڪـري لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ حاصل ڪيو. 2007ع ۾ Star Millennium گولڊ ميڊل مليس. سماجي خدمت جي شعبي ۾ هي پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيش حيدرآباد، سنڌ چئپٽر جو صدر (1980ع)، پئٽرن پيشنٽس ويلفيئر آرگنائيزيشن (ايل. ايم. سي: 1985ع)، چيئرمئن هيلٿ ڪميٽي سنڌ گرئجيوئيٽس ايسوسيئيشن (1985ع)، سينيئر وائيس پريزيڊنٽ ڳوٺ سڌار سنگت (1985ع)، ميمبر پلاننگ ڪميشن آف پاڪستان (سوشل ويلفيئر ونگ: 1990ع)، ميمبر سنڌ ويلفيئر ڪائونسل (1980- 1992ع)، ميمبر سنڌ پراونشل ڪائونسل فار ڊس ائبلڊ (1993ع کان 2021ع تائين)، صدر سنڌ ميمڻ جماعت (1985ع کان 2021ع تائين)....وڌيڪ پڙهو