تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** صادق فقير توکان ٿيندر ڌار **

صادق فقير: توکان ٿيندر ڌار (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري راڳي صادق فقير جي فن ۽ شخصيت بابت مختلف اديبن، ليکڪن، شاعرن جي مضمونن ۽ منظوم خراج تي مشتمل آهي، جنهن کي ناليواري اديب اسحاق سميجي مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب کي چئن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. جن ۾ زندگي نامو، مضمون/ تاثر محبت جي منظوم ڀيٽا ۽ تعزيتي نوٽ بڪ شامل آهن. ڪتاب ۾ ناليوارن اديبن، ليکڪن: عبدالواحد آريسر، نصير مرزا، اياز گل، مختيار ملڪ، نثار کوکر، علي دوست عاجز، مظهر لغاري، ايوب کوسو، علي آڪاش، مير حسن آريسر، خليل ڪنڀار، دودو چانڊيو، ضراب حيدر، رکيل مورائي، اشفاق لغاري، ساجد چانڊيو، تولارام سوٽهڙ، عاجز جمالي، ماڪن شاهه رضويءَ جا صادق فقير بابت مضمون شامل آهن، جڏهن ته اياز گل، ماڻڪ ملاح، خليل ڪنڀار، روبينا ابڙو، ادل سومري، گلشن لغاري، اسحاق سميجي، شوڪت چاچـڙ، علي دوست عاجز، بخشل باغيءَ پاران ڏنل منظوم ڀيٽا ڪتاب م شامل آهي. ڪتاب ۾ رنگين تصويرون پڻ شامل آهن. 304 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي روشني پبليڪيشن ڪنڊياري 2015ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 325 روپيا آهي.....وڌيڪ پڙهو