ڊاڪٽر الياس عشقي

ڊاڪٽر الياس عشقي

الياس عِشقِي ڊاڪٽر

الياس عِشقِي، ڊاڪٽر: اردو ۽ سنڌي زبانن جو ناميارو شاعر، اسڪالر ۽ اديب، ڊاڪٽر الياس عشقي، 25 ڊسمبر 1922ع تي جئپور جي هڪ علمي گهراڻي ۾ ڄائو. سندس والد علامه زري جئپوري، هڪ بهترين شاعر ۽ عالم هو. ڊاڪٽر الياس عشقي اردو، سنڌي ۽ فارسيءَ جو وڏو شاعر هو. هن 1945ع ۾ آگري يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (فارسي) ۽ 1947ع ۾ ايم. اي (اردو) جون سندون ورتيون. 1950ع ۾ ريڊيو پاڪستان سان وابسته ٿيو ۽ عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين ۽ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان رٽائر ٿيو. هن کي فارسي، سنڌي، اردو، هنديءَ ۽ انگريزي ٻولين تي مڪمل عبور هو. 1983ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس فارسي ڪلام جو مجموعو ”شهر آشوب“، 1949ع ۾ ملتان مان شايع ٿيو. ان کان سواءِ سنڌي شاعرن جي ڪلام جو سندس منظوم اردو ترجمو ”موج موج مهران“، انجمن ترقي اردو ڪراچيءَ طرفان شايع ٿيل آهي. هن کي خاص ڪري شاهه لطيف جي ڪلام تي وڏو عبور حاصل هو. هن شاهه جي ڪيترن سُرن جو اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو، جنهن جو فارم ساڳيو سنڌي بيت وارو رکيائين. سندس ترجمو اصل ڪلام واري لذت ڏئي ٿو. هن جو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت اردوءَ ۾ لکيل ڪتاب ”آوازِ لطيف“ مڪتبه دانيال پاران ڇپجي رهيو آهي. ڊاڪٽر الياس عشقيءَ کي 14 آگسٽ 2000ع تي حڪومت پاڪستان ”هلال امتياز“ جي اعزاز سان نوازيو.سندس وفات 16 جنوري 2006ع تي سعودي عرب ۾ پُٽ وٽ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.12.25  عيسوي

ڊاڪٽر الياس عشقي ، 25 ڊسمبر 1922ع تي جئپور ۾ ڄائو


2006.01.16  عيسوي

ڊاڪٽر الياس عشقي 16 جنوري 2006ع تي سعودي عرب ۾ گذاري ويو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام مراد علي جوکيو
دايو غمدل فقير
بکر شيخ
چتر ڀڄ
پندار
ڏکايل غلام حيدر ڪلهوڙو
ڪيف رضواني
حڪيم غلام محمد عرشي
پلي نمرو
پرويز سجاد حيدر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون