امير حيدر شاهه

امير حيدر شاهه: سنڌ جي قومپرست سياستدان جي ايم سيد جو وڏو فرزند سيد امير حيدر شاهه، سال 1933ع ۾ سن شهر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي شهر سن ۾ حاصل ڪيائين ۽ بعد ۾ پنهنجي ننڍي ڀاءُ امداد محمد شاهه سان گڏ ڪجهه عرصو علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي نگرانيءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ تعليم ورتائين. مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ انگلنڊ ويو. هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن سندس والد محترم سائين جي. ايم. سيد، ون يونٽ جي مخالفت سبب جيل ۾ هو. امير حيدر شاهه جي انگلنڊ ۾ اعليٰ تعليم لاءِ وڃڻ سبب سندس ننڍو ڀاءُ سيد امداد محمد شاهه، باوجود خواهش جي، ميڊيڪل ۾ پڙهائي برقرار رکي نه سگهيو ۽ پيءُ ۽ ڀاءُ جي غير موجودگيءَ ۾ زمينداري سنڀالڻ لڳو. امير حيدر شاهه ولايت مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري واپس وطن اچڻ تي پنهنجي زمين جي سنڀال ۽ زمينداري معاملن تي ڌيان ڏنو. سندس والد 1948ع ڌاري ئي پنهنجي جائداد ۽ زمينون پٽن ۽ ڌيئرن ۾ ورهائي ڇڏيون هيون، ان ڪري امير حيدرشاهه پنهنجي حصي جي زمين، جيڪا ڪوٽڙي ۽ سڪرنڊ تعلقن ۾ هئي، سنڀالڻ لڳو. هن، سن ۽ آسپاس جي راڄن تي هٿ رکيو ۽ انهن جي راڄوڻي فيصلن ۾ حصو وٺندو رهيو. پنهنجن راڄن ۽ دوستن جو خيرخواهه ۽ مددگار رهيو. مهمان نوازي، والد ۽ وڏن کان ورثي ۾ ملي هئي. سندس والد صوفي مسلڪ جو هو، جڏهن ته امير حيدر شاهه فڪري طرح اهل تشيعت سان لاڳاپيل رهيو. محرم الحرام جي مهيني ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ حضرت امام حسين عليه السلام جي نالي تي نذر نياز ۽ مجلسون ڪرائيندو رهيو. سيد امير حيدر شاهه سياست جي شروعات 1961ع کان ڪئي، جڏهن هو سن يونين ڪائونسل جو چيئرمئن چونڊيو. هن چيئرمئن ٿيڻ شرط شهرين تان پوليس جو آزار ختم ڪرايو ۽ ٿاڻي جي عملي کي گهرائي هدايت ڪيائين ته سن ۽ آسپاس جي ماڻهن کي نه ستائين ۽ نه رشوت وٺن. پوليس جي کاڌي پيتي جي هر ضرورت سندس طرفان پوري ڪئي ويندي هئي. هن سن ۽ آمري ۾ اسڪول کولائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سن مڊل اسڪول (بعد ۾ هاءِ اسڪول) جي شاگردن جي مفت رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جي سلسلي ۾ پنهنجي ڀاءُ امداد محمد شاهه سان ٻانهن ٻيلي رهيو. 1965ع ۾ جنرل ايوب خان جي دور ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان دور ۾ دادو ضلعي کي سياسي طرح قومي اسيمبليءَ جي فقط هڪ سيٽ مليل هئي. سندس مقابلو سنڌ جي نامياري سياستدان رئيس عبدالحميد خان جتوئيءَ سان ٿيو ۽ ان کان سيٽ کٽي ويو. نواز شريف جي پهرئين دور اقتدار ۾ امير حيدر شاهه آزاد اميدوار طور سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ چونڊيو. هن قومي اسيمبليءَ توڙي سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي حقن لاءِ آواز اُٿاريو. امير حيدر شاهه سنڌ جي اڪثر خاندانن سان پنهنجي والد وانگر سماجي ناتا قائم رکيا. سندس هڪ فرزند پي آءِ اي ۾ پائلٽ آهي، ٻيو فرزند ڊاڪٽر ۽ باقي ٻه فرزند زمينداري سنڀاليندا آهن، جن مان هڪ آمريڪا ۾ ڪجهه وقت اعليٰ تعليم به ورتي هئي. سيد امير حيدر شاهه 20 آگسٽ 2021ع تي سن ۾ وفات ڪئي.


لفظ امير حيدر شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.00.00  عيسوي

امير حيدر شاهه 1933ع ۾ سن شهر ۾ پيدا ٿيو


2021.08.20  عيسوي

سيد امير حيدر شاهه 20 آگسٽ 2021ع تي سن ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پوپ گريگوري
جانڻ سونارو
ڀنڀرو ڀنڀرا
جوڻيجو مائي ڪالر
جاويد ٽاڪاڻي
جمال الدين افغاني
احمد متقي
اسلم آزاد
ذاڪر حسين طبله نواز
ابن الهيثم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون