خليل جبران

خليل جبران

خليل جبران

خليل جبران: جڳ مشهور لبناني مصنف، مصور ۽ شاعر خليل جبران، 6 ڊسمبر 1883ع تي لبنان جي ڳوٺ بشريٰ ۾ ڄائو. هيءُ هڪ مذهبي گهراڻي ۾ ڄائو، سندس والدين مذهبي طور عيسائي هئا. سندس پيءُ جو نالو ميخائل/ مڪائيل بن ساد هو، جنهن جو ارادو هو ته هو خليل لبنان جي پهاڙين ۾ ٻڪريون چاري، پر سندس ماءُ ڪامله، جيڪا هڪ ماروني پادريءَ جي ڌيءَ هئي، عربي ۽ فرينچ پڙهيل هئي، ان مڙس جي مرضيءَ خلاف جبران خليل کي پڙهايو. 12 سالن جي عمر ۾ هن صنوبرن جي ڇانوَ واري ڳوٺ کي پنهنجي والده، سڳين ڀيڻن (مريانه ۽ سلطانه) ۽ ويڳي ڀاءُ سان گڏ الوداع چيو ۽ آمريڪا جي رياست بوسٽن جي چائنا ٽائون ۾ اچي آباد ٿيو، جتي جي هڪ اسڪول ۾ داخلا وٺي پڙهڻ شروع ڪيائين.
1898ع ڌاري بيروت موٽي آيو ۽ اتي ٽي سال گذارڻ کان پوءِ 1902ع ڌاري پيرس جو سفر ڪيائين. ان کان پوءِ ڪجهه ڏينهن نيويارڪ ۾ رهي وري بوسٽن موٽي آيو. 1902ع ۾ سندس ڀيڻ سلطانه ٽي. بيءَ وگهي فوت ٿي وئي ۽ 1903ع ۾ سندس ماءُ ڪينسر وگهي ۽ نڳو ڀاءُ ٽي بيءَ وگهي فوت ٿي ويا. جبران 17 ورهين جي عمر ۾ چترڪاري/ مصوري به ڪئي. 1904ع ڌاري خليل جبران جي تصويرن جي نمائش Pred Holland Day’s Studio (پريڊ هالينڊ ڊيز اسٽوڊيو) ۾ ٿي. 1905ع ڌاري نيويارڪ ۾ موسيقيءَ تي Al- Musiqa (ال ميوزيڪا) رسالو ڇپايائين، جنهن ۾ هن موسيقيءَ جا، خاص ڪري عربي موسيقيءَ جا ڪجهه سُرَ ترتيب ڏنا:
خليل جبران جي جواني نيويارڪ ۾ عمارتن جي پاڇي ۾ پروان چڙهي، 1906ع ڌاري نيويارڪ ۾ سندس ’ارائسل ا مروج‘ عنوان سان ڪهاڻين جو ڪتاب ڇپيو، جنهن ۾ هن زميندار شاهيءَ کي تنقيد جو نشانو بڻايو. 1908ع ۾ نيويارڪ ۾ ئي سندس ٻيو ڪتاب ’الارواح المتمڪلردا‘ ڇپيو، جنهن ۾ چار ڪهاڻيون هيون، جن جو متن ’روحاني باغي‘ جي موضوع تي ٻڌل هو. 1912ع ڌاري نيويارڪ ۾ ئي سندس ’الاجنيها المتڪسيرا‘ نالي ناول شايع ٿيو، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’ڀڳل کنڀڙاٽيون‘ ۽ ’ٽٽل پر‘ جي عنوانن سان هند ۽ سنڌ جي مختلف ليکڪن ترجمو ڪيو آهي.
1914ع ڌاري خليل Dam’s Wa Ibtisama نثري نظم جو ڪتاب ڇپايو، جيڪو بعد ۾ انگريزيءَ ۾ ‘Tears and Laughter’ جي نالي سان ترجمو ڪيو ويو. 1918ع ڌاري سندس نيويارڪ ۾ ‘The Madman’ نالي پهريون انگريزي ڪتاب ڇپيو، جنهن ۾ پهاڪا، تمثيلون ۽ نصيحت ڀريا ٽوٽڪا شامل آهن. 1919ع ڌاري نيويارڪ مان سندس Twenty Drawings نالي ڪتاب ڇپيو. ساڳئي سال ’المواڪب‘ نالي عربي فلسفي تي ٻڌل سندس نظم جو ڪتاب پڻ ڇپيو.
1920ع ڌاري خليل جبران ’الاوسج‘ نالي نثري نظم ۽ مضمونن جو ڪتاب ڇپرايو. 1926ع ۾ نيويارڪ مان سندس “Sand and Foam” نالي چوڻين ۽ پهاڪن جو ڪتاب ڇپيو. 1928ع ۾ خليل جبران جو ڪتاب “Jesus, The son of Man” ڇپيو، جيڪو حضرت عيسيٰ عه بابت مختلف تجزين/ راين جي روشنيءَ ۾ لکيو ويو آهي. 1931ع ۾ سندس نثري نظم جو ڪتاب “The Earth Gods'” شايع ٿيو، جنهن ۾ ڌرتيءَ جا ٽي خدا ڏيکاريا ويا آهن، جيڪي هڪٻئي سان صلاح مشورا ڪري انسان جي تقدير جو فيصلو ڪن ٿا. هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ’ٽي ديوتا‘ جي نالي سان تاج جويي ترجمو ڪيو آهي.
خليل جبران جي وفات 10 اپريل 1931ع تي نيويارڪ ۾ ٿي. کيس بيروت آڻي جنم ڀومي بشريٰ ۾ دفنايو ويو. جبران جي وفات کان پوءِ سندس ٻه ڪتاب ڇپيا: (1) 1932ع ۾ ‘The Wanderer’ ۽ (2) 1933ع ۾ ‘The Garden of the Prophet’.
جبران جي مڙني تصنيفن ۾ عربي تحريرون، انگريزي تحريرن کان وڌيڪ آهن. سندس ڪتاب پيغمبر (Prophet) چاليهن سالن تائين دنيا جي سڀ کان وڌيڪ وڪامندڙ ڪتابن مان هڪ هو، جنهن جون انگريزيءَ ۽ عربيءَ ۾ چيو وڃي ٿو ته 20 لکن کان وڌيڪ ڪاپيون وڪرو ٿيون ۽ دنيا جي ويهن زبانن ۾ هن ڪتاب جو ترجمو ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌي زبان به شامل آهي. هي ڪتاب خليل جبران جي انگريزي زبان ۾ سڀ کان اهم تخليق هئي. پر عربيءَ ۾ هن جي پهرئين ناول ’ڀڳل کنڀڙاٽيون‘ (Broken Wings) کي سڀ کان بهترين تصنيف تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس لکڻيون اخلاقي ۽ مثالي آهن، جن ۾ بائيبل جي طرز تحرير ۽ خالص مشرقي رنگ موجود آهي، سندس اوائلي تحريرن ۾ حضرت مسيح جو ڪردار سندس مکيه موضوع رهيو آهي.
خليل جبران اهو ليکڪ هو، جنهن قانون، مذهب توڙي زماني جي غلط رسمن خلاف بغاوت جو آواز بلند ڪيو ۽ امن آشتيءَ واري سماج جي پُرزور حمايت ڪئي. خليل جبران تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ٻن زبانن عربي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيو. سندس عربي ڪتابن ۾ (1) دمعة ايتسامة،
(2) الموسيقي، (3) عرائس المروج، (4) الارواح المترمرده، (5) الاجخة المتڪسره، (6) المواصف، (7) ابدائع والطرائف، (8) المراڪب ۽ انگريزيءَ ۾ The Mad Man، The Sand & Foam، The Prophet، The Fore Rennur سڀ کان وڌيڪ مشهور ٿيا. خليل جبران جا سنڌيءَ ۾ تمام گهڻا ڪتاب ترجمو ٿي ڇپيا آهن. ميهڙ جي سنڌي اديب ۽ استاد م. ن. محزون ذري گهٽ خليل جبران جي سموري ادب ۽ فلسفي کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. ان کان سواءِ فضل احمد بچاڻي، نجم عباسي، زيب سنڌي ۽ ٻين ڪيترن اديبن به خليل جبران کي ترجمو ڪيو آهي. اهڙين ترجمو ٿيل ڪتابن مان ڪجهه جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) سپون (مترجم: فضل احمد بچاڻي: 1960ع)، (2) ڪنوار جي سيج (مترجم: م. ن. محزون (1964ع)، هن جو زيب سنڌيءَ به ترجمو ڪيو، جنهن جا 1991ع ۽ 1993ع ۾ ٻه ڇاپا ڇپجي چڪا آهن.)، (3) ڀڳل کنڀڙاٽيون (مترجم: م. ن. مجزون: 1965ع)، (4) انسان ۽ شيطان (مترجم: م. ن. محزون: 1986ع)، (5) بغاوت ۽ آزادي (مترجم: منصور قادر جوڻيجو: 1991ع)، (6) موت ۽ زندگي (مترجم: گل محمد تنيو: 1991ع)،
(7) سودائي (مترجم: گل محمد تنيو: 1994ع)، (8) غلامي (مترجم: عطاءِ الله ابڙو: 1994ع)، (9) مرشد جو پيغام (مترجم: مسعود جمالي: 1994ع)، (10) پيغامبر (‘Prophet’ جو ترجمو: گل محمد تنيو: 1994ع)،
(11) پهاڙن ۾ پڪار (مترجم: نجم عباسي: 1996ع)، (12) مون کي محبت آهي (مترجم: ستار: 1996ع)، (13) بغاوت (مترجم: يوسف سنڌي: 1999ع)، (14) خليل جبران جي جيوَن ڪٿا (مترجم: زيب سنڌي: 2000ع)، (15) مسيح ۽ ماهو (مترجم: گل محمد تنيو: 2001ع)،
(16) جبران جون ڪهاڻيون (ترتيب: گل محمد تنيو: 2004ع)،
(17) فيلسوف، (18) جڏهن مون آزادي گهُري.


لفظ خليل جبرانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1883.12.06  عيسوي

جڳ مشهور لبناني مصنف، مصور ۽ شاعر خليل جبران، 6 ڊسمبر 1883ع تي لبنان جي ڳوٺ بشريٰ ۾ ڄائو.


1931.04.10  عيسوي

خليل جبران جي وفات 10 اپريل 1931ع تي نيويارڪ ۾ ٿي. کيس بيروت آڻي جنم ڀومي بشريٰ ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجه باقي بالله
امداد حسين
حڪم بن عوانه الڪلبي
نور مصطفىٰ شيخ ڊاڪٽر
گلڻ ڄام ڏاهري
حاجي شاد راڄڙ
عبدالحميد خان ترين
شاهنواز ايم ڪي دل
سارتر
شرمين عبيد چناءِ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون