خيريءَ جي مسجد

خيريءَ جي مسجد: مائي خيريءَ جي مسجد حيدرآباد شهر ۾ موجود فقير جي پڙ واري علائقي ۾ موجود آهي. هن مسجد کي تعمير ڪرائيندڙ مائي خيرالنساءِ ٽالپر عرف مائي خيري هئي، جيڪا ميرصوبدار خان ٽالپر جي گهرواري ۽ ٽالپر گهراڻي جي پهرين چوياريءَ جي چئن حڪمرانن، مير فتح عـلـي خـان ٽـالپر، مـير غلام علي خان ٽالپر، مير ڪرم علي خان ٽالپر ۽ مير مراد علي خان ٽالپر جي ماءُ هئي.مائي خيرالنساءِ پنهنجي نالي سان گهڻيون ئي مسجدون، مدرسا ۽ خيراتي دواخانا تعمير ڪرايا، سندس انهـن خـيـر جي ڪمن سبب کيس ’مائي خيري‘ سڏيو ويندو آهي. فقير جي پـڙ ۾ مـيـان فـقـير مـحمد جوڻيجي جي پڙ (امام بارگاهه) جي ڀرسان مائي خـيـريءَ هـيءَ عـالـيـشـان مـسـجـد جوڙائي هئي ۽ ان جي تعمير 27 شعبان 1205هه/ پهرين مئي 1791ع ۾ مڪمل ٿي،
مـائـي خـيـريءَ گـڏوگـڏ هڪ مدرسو به جوڙايو هو، جنهن ۾ ايران جا وڏا عالم ديني تعليم ڏيندا هئا، هن مدرسي ۾ شاگردن جي رهائشگاهه ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست مـفت هـونـدو هو. جـمـعـي جـي نـمـاز ۽ عيد واريـون نـمـازون ٽـالـپـر اميـر هـن ئـي مسجد ۾ اچي پڙهندا هئا. هن وقت مـسـجـد جـو ٻـاهريون ڏيک بلڪل تبديل ٿي ويو آهي، پراڻو لڳل ڪاٺ جـو عـالـيـشـان دروازو (ٽـڪ گـلـوڪـاريءَ جـو ڪـم ٿيل) ڪڍرائي ننڍو لـوهه جـو دروازو هـڻايو ويو آهي ۽ بچيل جڳهه تي دڪان ٺهرايا ويا آهن. مـائـي خـيـري پـهـرين رمـضـان الـمـبارڪ 1222هه / 2 نومبر 1807ع تي وفـات ڪـئـي. ڪُليـات مـائـل‘۾ سـنـدس وفات تي پنج قطعه تاريخون موجود آهن، جن مان هڪ هيءَ آهي:
چون شدي اين مقبولئه حق زين جهان
درجنان نزد بتول ذي العطام
سال ترحيلش سروش غيب گفت
”زيبد اين مقبوله با، خيرالنسا“.
1222هه


لفظ خيريءَ جي مسجدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1791.05.01  عيسوي

فقير جي پـڙ ۾ مـيـان فـقـير مـحمد جوڻيجي جي پڙ (امام بارگاهه) جي ڀرسان مائي خـيـريءَ هـيءَ عـالـيـشـان مـسـجـد جوڙائي هئي ۽ ان جي تعمير 27 شعبان 1205هه/ پهرين مئي 1791ع ۾ مڪمل ٿي،



عبادتگاھ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ست نارائڻ مندر
حَرَم
شاهه حسن مسجد
خضري مسجد
سومناٿ مندر
شاهه محمود جيلانيءَ واري مسجد
دينل شاهه مسجد
پولوناروا جو مندر
شو مندر ٽنڊو محمد خان
سيتلا ماتا مندر رتن تلاءُ
عبادتگاھ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون