زاهده حنا

زاهده حنا

زاهده حنا

زاهده حنا: اردو زبان جي نامياري ڪهاڻيڪار؛ ناول نويس، ڪالم نويس ۽ ڊرامه نگار زاهده حنا، محمد ابوالخير جي گهر ۾، 5 آڪٽوبر 1946ع تي سسرام (Sasaram) (بهار، انڊيا) ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کانپوءِ سندس والد لڏي اچي ڪراچي سنڌ ۾ مستقل رهائش پذير ٿيو. زاهده جو پڙ ڏاڏو مرزا عبدالستار بيگ پنهنجي وقت جو
ناليوارو اديب هو. جنهن جو ڪتاب ’مسالڪ السالڪين في تذڪرة الواصلين‘ ٽن جلدن ۾ شايع ٿيل آهي. زاهده حنا جي 1970ع ۾ اردوءَ جي ناليواري شاعر جون ايليا سان شادي ٿي، جيڪا گهڻو وقت هلي نه سگهي. کـيـس جون ايليا مـان 2 نياڻيون ۽ هـڪ پـٽ جو اولاد آهي.
زاهده حنا ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيشن ڪئي. سندس پهريون مضمون 1962ع ۾ ماهوار ’انشا‘ ۾ ڇپيو. سٺ واري ڏهاڪي ۾ هن پنهنجي ڪئريئر جي ابتدا صحافت کان ڪئي. پهرين روزاني اخبار ’مشرق (اردو)‘ ۾ ڪيتري عرصي تائين مسلسل ڪالم لکيائين، جنهن بعد هفتيوار اخبار ’خواتين‘ جي نائب ايڊيٽر ۽ عالمي ڊائجسٽ، علامت، اروشي ۽ روشن خيال رسالن جي به ايڊيٽر رهي. بي. بي. سي لنڊن جي اردو سروس ۾ پروگرام پروڊيوسر طور ڪم ڪيائين. ريڊيو پاڪستان جي عالمي سروس لاءِ هفتيوار پروگرام ڪيائين. زاهده حنا ڪجهه عرصو وائس آف آمريڪا جي اردو سروس ۾ فيچر رائيٽر ۽ پروگرام پروڊيوسر به رهي چڪي آهي. روزاني جنگ، روزاني اردو نيوز (جده)، سنڌي اخبار روزاني عبرت، هفتيوار زندگي، لاهور لاءِ پڻ هفتيوار ڪالم لکندي رهي آهي. زاهده حنا جا مختلف اخبارن ۾ هينئر تائين سندس هزارين ڪالم شايع ٿي چڪا آهن. هن پاڪستان ٽيليويزن لاءِ ڪيترا ڊراما به لکيا آهن.
زاهده حنا پاڪستان، هندستان، انگلنڊ، آمريڪا ۽ متحده عرب امارات ۾ ڪيترين ڪانفرنسن ۾ مختلف موضوعن تي مقالا پيش ڪري چڪي آهي، هوءَ تقريباً 100 کن سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري چڪي آهي. زاهده حنا کي ادبي خدمتن جي عيوض ڪيترا اعزاز به ملي چڪا آهن، جن ۾: فيض اوارڊ، ساغر صديقي ادبي اوارڊ، لٽرري پرفارمنس اوارڊ، ڪي. پي اوارڊ، سارڪ ادبي اوارڊ ۽ بهترين افسانا نگار طور سنڌ اسپيڪر اوارڊ وغيره شامل آهن. هن کي 2006ع ۾ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي صدارتي اوارڊ، ’پرائيڊ آف پرمارمنس‘ لاءِ نامزد ڪيو ويو، پر هن فوجي حڪومت کان احتجاج طور اُهو اوارڊ نه ورتو. کيس مڃتا ڏيندي ماهوار ’طلوع افڪار‘ زاهده حنا نمبر شايع ڪيو. يورپي ايئربڪ، آسٽريليا ايئربڪ، پاڪستان وومين ايئربڪ، امريڪي بايو گرافيڪل انسٽيٽيوٽ شايع ٿيل ڪتاب ۾’وومين آف دي ييئر‘ طور 1997ع ۾ سندس نالو سندس ادبي ۽ تخليقي ڪم جي بنياد تي شامل ڪيو ويو آهي. هيءَ وزير اعظم جي امن ڪميٽي جي رڪن پڻ رهي چڪي آهي. زاهده حنا سنڌ جي مسئلن تي به کليءَ طرح لکيو آهي ۽ بنيادي طرح ترقي پسند سوچ جي مالڪ آهي. زاهده حنا 2006ع کان هندستان جي سڀ کان وڌيڪ پڙهجندڙ هندي اخبار ’دينڪ ڀاسڪر‘ جي سنڊي ميگزين ’رس رنگ‘ ۾’پاڪستان ڊائري‘ جي عنوان سان هفتيوار ڪالم به لکي رهي آهي، جيڪو ڪالم هندستان ۾ وڏيءَ دلچسپيءَ سان پڙهيو ويندو آهي.
زاهده حنا جون ڪيتريون ڪهاڻيون انگريزي، بنگالي، هندي، مراٺي ۽ سنڌي زبانن ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪيون آهن. سندس اهم ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان اچي وڃن ٿا:
(1) قيدي سانس ليتا هي (اردو ڪهاڻيون)
(2) تتليان ڍونڍني والي (اردو ڪهاڻيون)
(3) رقصِ بسمل هي (اردو ڪهاڻيون)
(4) راه مين اجل هي (اردو ڪهاڻيون)
(5) نه جُنون رها نه پري رهي (اردو ڪهاڻيون)
(6) دل کا زخم (علمي مقالا: 2004ع)
(6) درد ڪا شجر (ناول)
(7) زرد پتون ڪا بن (ڊراما)
زاهده حنا، نيوڪليئر ٽيڪنالاجيءَ جي شهري توڙي فوجي استعمال جي سخت نقاد رهي آهي. هن جي اردو توڙي سنڌي ادبي حلقي ۾ وڏي عزت آهي.


لفظ زاهده حناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.10.05  عيسوي

اردو زبان جي نامياري ڪهاڻيڪار؛ ناول نويس، ڪالم نويس ۽ ڊرامه نگار زاهده حنا، محمد ابوالخير جي گهر ۾، 5 آڪٽوبر 1946ع تي سسرام (Sasaram) (بهار، انڊيا) ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سراج
اظهر گيلاني
بهرام سھراب رستم جي
رضوي سيد بلال شاهه
دارا شاهه 1
مير غلام شاهه ٽالپر شهيد
شير محمد سومرو
حاجي ولي محمد نظاماڻي
منور علي سومرو
چنڙ مهرالدين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون