سجاد يوسف

سجاد يوسف

سجاد يوسف

سجاد يوسف: راڳي سجاد يوسف ولد لونگ فقير 24 ڊسمبر 1959ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. کيس موسيقي ورثي ۾ ملي آهي. سندس وڏو ڀاءُ محمد يوسف، سنڌ جو ناليوارو فنڪار ٿي گذريو آهي، جنهن پنهنجي راڳداريءَ جي فن وسيلي دنيا ۾ ناماچاري حاصل ڪئي آهي. سجاد يوسف، موسيقيءَ جي سکيا پنهنجي ڀاءُ محمد يوسف کان حاصل ڪئي، هن موسيقيءَ جي ميدان ۾ پاڪستان کان سواءِ ٻاهر به نالو ڪمايو آهي. ضياءُ الحق جي مارشلا واري دور ۾ سجاد يوسف پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حمايت ۾ هڪ آڊيو البم ڪڍيو هو، جنهن جي موسيقي استاد لعل بخش ٻوڌر مرحوم ڏني هئي. هن ڪئسٽ جا گانا ڪافي مقبول ٿيا.
سجاد يوسف ڪيترين ڪئسيٽ ڪمپنين لاءِ ڳايو آهي، هن اڪيلي سر ڳائڻ کانسواءِ حميرا چنا، ثمينه ڪنول، ديبا سحر ۽ ديبا ڪنول سان دوگانا به ڳايا آهن. هن سنڌي فلمن لاءِ گانا به رڪارڊ ڪرايا آهن، جن جا موسيقار ماسٽر غلام علي، استاد فيروز گل ۽ ماسٽر بابر علي هئا.
سجاد يوسف 2010ع ڌاري ملڪ جي مشهور موسيقار قمرالله دته کان شاگرديءَ جو ڳانو ٻڌرايو. هو ’سنڌ راڳي ويلفيئر ايسوسيئيشن‘ جو نائب صدر آهي. سندس ڀاڻيجو ضامن علي به سنڌي گائڪيءَ ۾ مقبول آهي ۽ سجاد جي فرزند فرهان يوسف به گائيڪيءَ جي ميدان ۾ پير پاتو آهي.


لفظ سجاد يوسفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.12.24  عيسوي

راڳي سجاد يوسف ولد لونگ فقير 24 ڊسمبر 1959ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امام بخش زرداري
شانتي هيرانند
استاد مبارڪ علي خان
اسلم راهي
علڻ فقير
امينه گلوڪاره
ديدار حسين سمو
اميد علي خان
پون ڪمار نانڪرام
سهراب فقير
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون