سميع الله ڪلهوڙو

سميع الله ڪلهوڙو

سميع الله ڪلهوڙو

سميع الله ڪلهوڙو: قومپرست اڳواڻ شهيد سميع الله ولد عبدالواحد ڪلهوڙو، 5 جنوري 1966ع تي ميهڙ شهر ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم کان مئٽرڪ تائين ميهڙ ۾ پڙهيو ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1987ع ۾ کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جي ورڪشاپ ۾ ٽيڪنيشن طور نوڪري ملي. سميع الله سياست جي شروعات 1980ع کان ’چڻنگ سنگت‘ ۽ ’لطيف سنگت‘ کان ڪئي. ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحي خلاف احتجاج دوران کيس گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪورٽ مارشل سان گڏ کيس ضلعي بدر پڻ ڪيو ويو. هيءُ بنيادي طور تي جيئي سنڌ محاذ سان لاڳاپيل رهيو ۽ ضلعي عهدن ڀرپور نموني سان پنهنجون ذميواريون نڀائيندو رهيو. اهڙيءَ طرح هيءُ سنڌي پورهيت سنگت ڄامشورو ۽ ميهڙ ۾ مختلف تنظيمن ۾، مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رهيو. سائين جي. ايم سيد جي وفات کانپوءِ جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جو اختتام ٿيو ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جو بنياد پيو ته هيءُ پهريان دادو ضلعي جو آرگنائيزر، سيڪريٽري ۽ جسقم ضلي دادوءَ جو صدر رهيو. ان بعد جڏهن 25 نومبر 2000ع تي جيئي سنڌ متحده محاذ جو بنياد پيو ته هن کي ان جو سينئر وائيس چيئرمئن چونڊيو ويو. سميع الله ڪلهوڙي جيئي سنڌ ۾ مختلف عهدن تي رهندي تمام گھڻو ڪم ڪيو،
هن سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مسئلن تي ڪيترائي ڀرپور مضمون لکيا. هن ڪيترن ئي ڌرڻن، مظاهرن، جلسن ۽ جلوسن جي اڳواڻي ڪئي ۽ سنڌ جي هر ننڍي توڙي وڏي مسئلي تي سڀني کان اڳڀرو ٿي جدوجهد ڪندو رهيو. سميع الله ڪلهوڙي 25 نومبر 1995ع تي شهدادڪوٽ مان شادي ڪئي، مٿس فڪري طور تي سائين جي. ايم سيد کانپوءِ عبدالواحد آريسر جي شخصيت جو گهرو اثر هو، جنهنڪري جڏهن سندس شادي پئي ٿي ته هن جو اصرار هو ته سندس نڪاح عبدالواحد آريسر پڙهائي. ان بعد جڏهن کيس پهريون پٽ ڄائو ته هن ان جو نالو به عبدالواحد رکيو. پر پوءِ جلد ئي هن ۾ وڏي تبديلي آئي، جو هي عدم تشدد واري راهه کان پاسيرو ٿي ويو ۽ جيئي سنڌ متحده محاذ ۾ ڀرپور عملي جدوجهد ڪرڻ لڳو. سميع الله ڪلهوڙي کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ورڪشاپ شعبي مان ڳجھن ادارن اغوا ڪري گم ڪيو، مٿس سخت تشدد ۽ ٽارچر ڪيو ويو، سندس جسم ۾ ڊرل مشين سان سوراخ ڪيا ويا، اهڙيءَ ڳڻتيءَ جوڳي حالت دوران هو 13 فيبروري 2005ع تي پنهنجي هڪ ساٿيءَ سميت وجھه وٺي هالا ٿاڻي جي ڪوارٽر مان فرار ٿيو، پر سخت تشدد ڪري هو سخت بيمار ٿي پيو هو ۽ زير علاج هو، جتي 5 مارچ 2005ع تي هو شهيد ٿي ويو. کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جي سامهون ڄام شوري جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
سندس شخصيت تي مختلف اديبن ۽ شاعرن جي لکيل ڪالمن جو مجموعو ’ڌرتيءَ جو شهيد‘ ناليواري شاعر ۽ صحافي آزاد انور ڪانڌڙي سهيڙي شايع ڪرايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.01.05  عيسوي

قومپرست اڳواڻ شهيد سميع الله ولد عبدالواحد ڪلهوڙو، 5 جنوري 1966ع تي ميهڙ شهر ۾ پيدا ٿيو.


2005.03.05  عيسوي

سميع الله ڪلهوڙو 5 مارچ 2005ع تي شهيد ٿي ويو. کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جي سامهون ڄام شوري جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جلباڻي احمد علي خان
سريچند پنجومل صابلاڻي
رحمان ملڪ
مير مرتضيٰ ڀٽو
صاحب دولت مائي
شبير حسن گبول
چاند بيبي
ريحانه لغاري
رئيس امام بخش
بجار خان ٽالپر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون