سهيل سانگي

سهيل سانگي

سهيل سانگي

سهيل سانگي: نامور صحافي، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن، سهيل سانگي، جنجهي ڳوٺ، تعلقي ڇاڇري ۾، 20 آڪٽوبر 1950ع تي ڄائو. ثانويءَ تائين تعليم ڳوٺ ۾ ورتائين، مئٽرڪ هاءِ اسڪول ڇاڇري مان، انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان ۽ ايم. اي (انگريزي) سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. سهيل سانگي ننڍپڻ کان سياسي سماجي سرگرمين ۾ اڳڀرو رهيو آهي. 70 واري ڏهاڪي جي آغاز ۾ هن ٿر ۾ ڏڪار ستايلن جي سهائتا لاءِ دوستن سان گڏجي آواز اُٿاريو. اڳتي هلي ٿر جي مسئلن بابت ’اچو سورن واريون‘ عنوان سان هڪ ڪتاب لکي ڇپايائين. سهيل سانگي شروع ۾ ايم. ايس. جنجهيءَ جي قلمي نالي سان ڪيترا ڪالم ۽ مضمون لکيا. ڪجهه وقت مشهور سماجي خدمتگار مسڪين جهان خان کوسي سان گڏجي سماجي ڪم به ڪيائين. شاگرديءَ جي زماني ۾ کاٻي ڌر جي نظرين کان متاثر ٿيو ۽ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ڪارڪن به رهيو. سهيل سانگيءَ، صحافت جو آغاز 1970ع ڌاري ڪيو، پهرين ’سنڌ نيوز‘ اخبار سان وابسته رهيو، ڪجهه عرصو ’عبرت‘، ’سفير‘ ۽ انگريزي اخبار ‘Sindh Observer’ ۾ به ڪم ڪيائين. مختلف سياسي، سماجي، ملڪي ۽ اقتصادي مسئلن تي وڏي تعداد ۾ ڪالم لکي چڪو آهي. جنرل ضياء الحق جي مارشل لا واري عرصي دوران کاٻي ڌُر جي اڳواڻن: ڪامريڊ جمال نقوي، بدر ابڙي ۽ ڪامريڊ امرلال سان گڏ گرفتار ٿيو ۽ پنج سال جيل ڪاٽيائين. مٿن فوجي عدالت ۾ ڪيس هليو. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ’ايمنسٽي انٽرنيشنل‘، جن سياسي ڪارڪنن کي ’ضمير جو قيدي‘ قرار ڏنو، تن ۾ سهيل به هو. کين سوئيڊن حڪومت پاران پناهه جي آڇ به ٿي هئي. صحافتي ڪيريئر ۾ سهيل سانگي، روزاني ’ڊان‘ جو سب ايڊيٽر، روزاني ڪاوش جو ريزيڊنٽ ايڊيٽر ۽ اسلام آباد جو بيورو چيف، عوامي آواز جي باني ٽيم جو حصو، بي. بي. سي ريڊيو ۽ بي. بي. سي اردو آن لائين جو فري لانس رپورٽر به رهي چڪو آهي. هي پهرين سنڌي نيوز مئگزين هفتيوار ’آرسي‘ جو ايڊيٽر ۽ پبلشر به رهيو. حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جو ميمبر آهي. سهيل سانگي HRCP سميت مختلف سماجي تنظيمن جو ميمبر ۽ ٽرينر پڻ رهيو آهي. ڪيترين غير ملڪي ڪانفرنسن، وزيراعظم جي پرڏيهي دورن جي ميڊيا ٽيمن ۾ به شامل رهيو آهي. IUCN ۽ يونيسيف جو پراجيڪٽ ڪنسلٽنٽ پڻ رهيو آهي. سهيل سانگيءَ مارڪسزم بابت ڪجهه ڪتاب ترجمو ڪيا آهن ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جا ڪجهه ڪتاب به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن. انگريزي رسالن ’هيرالڊ‘، ’نيوز لائين‘ ۽ روزاني سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾ لکندو رهندو آهي. هن ڪيترين سياسي ۽ سماجي شخصيتن جا انٽرويو به ڪيا آهن، حالات حاضره جي مختلف پروگرامن ۾ تجزيه نگار طور مختلف چئنلن تي شرڪت ڪندو رهندو آهي. 2002ع کان سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي ۾ وزيـٽنگ ٽيچـر طور پڙهائي رهيو آهي. سندس فـرزند ريـاض سهيـل بي بي سي ڪراچيءَ جو نمائندو آهي. هن وقت ’ڊان‘ جو حيدرآباد ۾ بيورو چيف آهي.


لفظ سهيل سانگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.10.20  عيسوي

نامور صحافي، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن، سهيل سانگي، جنجهي ڳوٺ، تعلقي ڇاڇري ۾، 20 آڪٽوبر 1950ع تي ڄائو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الهه بچايو جمالي
آفتاب احمد خانزاده
زيب النساءَ حميدالله
اشتياق اظهر
ڏيپلائي محمد عثمان
خير محمد نظاماڻي
آصف رضا موريو
اعجاز حسين مهر
توفيق علي منگي
اي بي راجپوت
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون