سڪندر جوڳي

سڪندر جوڳي

سڪندر جوڳي

سڪندر جوڳي: نوجوان مصور سڪندر جوڳي ولد نبي بخش، 2 فبروري 1984ع تي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. کيس ننڍپڻ کان ئي راڳ سان دلچسپي هئي. راڳ ڳائڻ جي سکيا لاءِ حفيظ قاسماڻي وٽ شاگردي اختيار ڪيائين. پنهنجي راڳ جي استاد کي تصويرون ٺاهيندو ڏسي، کيس مصوريءَ جو شوق ٿيو، جنهن بعد ساڳئي استاد کان مصوري جي شروعاتي سکيا ورتائين، ڪجهه عرصي بعد سندس استاد کيس وڌيڪ سکيا لاءِ آرٽس ڪائونسل ڪراچي موڪليو، جتي عبدالواحد خيري ۽ منصور سليم مصوريءَ جي فن ۾ کيس مڪمل سکيا ڏني. ڪراچي سينٽرل جيل جي ان وقت جي سپرينٽينڊنٽ نصرت مڱڻ قيدين لاءِ مصوري جي فن جي سکيا ڏيڻ لاءِ عبدالواحد خيري کان استاد جي گهر ڪئي، جنهن هن کي جيل ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ موڪليو. هن سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ذميواري سان نڀائيندي 500 قيدين کي پنهنجي فن جي سکيا ڏني، جنهن مان 80 قيدي بهترين مصور ثابت ٿيا. هن گلشن حديد ۾ ڪجهه عرصو هڪ ڪمرو ڪرائي تي وٺي مصوري جي فن جي سکيا ڏني. 2007ع ۾ اسٽيل مل جي مخدوم بلاول (هن وقت آغوش اسڪول) ۾ ستن مهينن تائين، بنا پگهار جي ‘سن رائيز آرٽس’ جي نالي سان شاگردن کي سکيا ڏني، جتي ٻارن جي شوق کي ڏسي آرٽ جي هڪ ڊائريڪٽر آرٽ گئلري ٺهرائي ڏني. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ جوڳين تي تصويري ٿيسز پڻ ٺاهي آهي. پنهنجي فن جي حوالي سان فرانس، اٽلي ۽ آسٽريليا جو دورو پڻ ڪيو اٿس. هن گلشن حديد ۾ آرٽ جو انسٽيٽيوٽ پڻ قائم ڪيو آهي، جتي نوجوانن کي سکيا ڏئي رهيو آهي.


لفظ سڪندر جوڳيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1984.02.02  عيسوي

نوجوان مصور سڪندر جوڳي ولد نبي بخش، 2 فبروري 1984ع تي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو.



مُصوّر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رضوان عمراڻي
رافيل
شرجيل فتاح هاليپوٽو
ظفر ڪاظمي
سڪندر جوڳي
حفيظ الله کوهارو
دهلوي عبدالحميد
سعيد منگي
علي اڪبر سومرو
چنا عمران
مُصوّر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون