شاهه عنايت شهيد جهوڪ واري جي درگاهه

شاهه عنايت شهيد جهوڪ واري جي درگاهه

شاهه عنايت شهيد جي شهادت تي هيٺين ماده تاريخ ملي ٿي: واي وا “بحر هدايت ماه تابان” درگذشت 1130 هه

شاهه عنايت شهيد جي شهادت تي هيٺين ماده تاريخ ملي ٿي: واي وا “بحر هدايت ماه تابان” درگذشت 1130 هه

صوفي شاهه عنايت شهيد جي (پراڻي) مزار جو نظارو

صوفي شاهه عنايت شهيد جي (پراڻي) مزار جو نظارو

صوفي شاهه عنايت شهيد جي  مزار جو موجوده نظارو

صوفي شاهه عنايت شهيد جي مزار جو موجوده نظارو

شاهه عبدالستاري ثاني صوفي القادري ( نائون گادي نشين)

شاهه عبدالستاري ثاني صوفي القادري ( نائون گادي نشين)

شاهه غوث محمد صوفي ستاري، قادري (ڏهون)

شاهه غوث محمد صوفي ستاري، قادري (ڏهون)

صوفي عطاءُالله  شاهه ستاري، درگاهه جھوڪ شريف جو موجوده گادي نشين

صوفي عطاءُالله شاهه ستاري، درگاهه جھوڪ شريف جو موجوده گادي نشين

مير جان الله شاهه رضويءَ جي مزار (روهڙي)

مير جان الله شاهه رضويءَ جي مزار (روهڙي)

روحل فقير زنگيجو

روحل فقير زنگيجو

مراد فقير جي خيالي تصوير

مراد فقير جي خيالي تصوير

صوفي صادق فقير جو روضو

صوفي صادق فقير جو روضو

قادر بخش بيدل جي مزار جو اندريون ڏيک

قادر بخش بيدل جي مزار جو اندريون ڏيک

سيد رکيل شاهه

سيد رکيل شاهه

چيزل شاهه

چيزل شاهه

صوفي آسورام

صوفي آسورام

شاهه عنايت شهيد سنڌ جو سوشلسٽ صوفي

شاهه عنايت شهيد سنڌ جو سوشلسٽ صوفي

شاهه عنايت شهيد  (شخصيت اور فن)

شاهه عنايت شهيد (شخصيت اور فن)

صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر

صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر

شاهه عنايت شهيد

شاهه عنايت شهيد

نئين زندگي شاهه شهيد نمبر

نئين زندگي شاهه شهيد نمبر

نئين زندگي شاهه شهيد نمبر

نئين زندگي شاهه شهيد نمبر

شاهه عنايت شهيد جهوڪ وارو

شاهه عنايت شهيد (جهوڪ وارو): مغل نوابن جي آخري ۽ ڪلهوڙن جي شروعاتي دؤر ۾، ‘جو کيڙي سو کائي’ جو نعرو هڻي، هارين جي حقن لاءِ عَلمُ بلند ڪندڙَ، نامور ۽ دلير صوفي بزرگ، صوفي شاهه عنايت شهيد کي، سنڌ جي مهان تاريخدان، پير حسام الدين راشديءَ، ‘ننڍي کنڊ جو پهريون سوشلسٽ صوفي’ سڏيو آهي. صوفي شاهه عنايت وقت جي حڪمرانن سان سرچاءُ نه ڪيو ۽ ان وقت جي هاري دشمن سياسي نظام ۽ حڪومتي ادارن ۾ تبديليءَ لاءِ هڪ تحريڪ شروع ڪري، گڏيل عوامي مفادن جي جنگ وڙهيو. سندس دؤر ۾ جاگيرداري نظام سنڌ ۾ ايترو ته حاوي ٿي چڪو هو، جو هزارين بلڪ لکين غريب ۽ لاچار هاري، چند جاگيردارن وٽ غلامن جهڙي زندگي بسر ڪندا هئا. شاهه شهيد ڌارين حڪومتي ٽولن ۽ مقامي استحصالي قوتن [حاڪمن ۽ زميندارن] کي چڱيءَ طرح سمجهي، عوام ۾ شعور بيدار ڪيو ۽ سندن ذهنن ۾ اهو واضح ڪيو ته دنيا جي سڀني مهذب قانونن ۽ مذهبن ۾ انسان آزاد آهي، ڪو به ڪنهن کان نه وڌ آهي ۽ نه گهٽ، ۽ ‘زمين الله جي آهي’ (‘الارض لله’) ۽ اُن تي حق هر انسان جو آهي.
صوفي شاهه عنايت شهيد جا وڏا، اصل ۾ اُچ شريف جي لانگاهه قبيلي جا بزرگ هئا. ‘ملتان لانگاهه دؤر ۾’ ڪتاب جي مصنف عمر ڪمال خان لکيو آهي ته، “لانگاهه قبيلو، اصل ۾ بلوچستان جو رهاڪو هو، سندن سيوستان جي علائقي ۾ به سرداري ۽ حڪومت هئي. لانگاهه قبيلو تاريخي لحاظ کان وڏي حيثيت رکي ٿو. هن خاندان سبيءَ ۽ ملتان تي ڪيترا سال حڪومت ڪئي.” هن ئي خاندان سان تعلق رکندڙ، موجوده دور جي سياستدان ۽ ليکڪَ، صوفي حضور بخش پنهنجي ڪتاب ‘شاهه عنايت شهيد’ ۾ لکيو آهي ته، “لانگاهن ملتان جي آسپاس وارن علائقن ۾ پنهنجي عزت ۽ وقار کي بلند رکندي، ڌارين ارغونن، ترخانن ۽ مغلن سان زبردست قومي جنگيون وڙهندي، سر جون سَٽون کاڌيون ۽ تاريخ ۾ پاڻ کي سُرهو ڪيو.” لانگاهه خاندان مان هيٺيان ست بادشاهه ملتان جا حاڪم ٿي رهيا آهن:
(1) راءِ سهراءِ عرف قطب الدين لانگاهه
(2) سلطان حسين لانگاهه (اول)
(3) سلطان فيروز لانگاهه
(4) سلطان حسين لانگاهه اول [ٻيو ڀيرو]
(5) سلطان محمود لانگاهه
(6) سلطان حسين لانگاهه (ثاني)
(7) بخشو خان لانگاهه.
هنن ستن ئي حاڪمن مان پهريان پنج سلطان، خودمختيار حاڪم هئا. قطب الدين لانگاهه، سنڌ جي سبيءَ واري علائقي جو حاڪم هو، جيڪو بعد ۾ شيخ محمد يوسف ملتانيءَ کي قيد ڪري، دهليءَ موڪلي، ملتان جو حاڪم ٿي ويٺو، اُهو پنهنجي بهادريءَ، انصاف پسنديءَ ۽ صوفي منش هئڻ ڪري، ڏيهان ڏيهه مشهور هو. سنڌ جو نامور اديب ۽ تاريخدان مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ‘هسٽري آف سنڌ’ (History of Sindh) ۾ لکي ٿو ته، “هن قوم [لانگاهن] گهڻو عرصو ملتان تي حڪومت ڪئي. نيٺ شاهه حسن ارغون 931هه/ 1524ع ۾ ملتان فتح ڪري، لانگاهه قوم (قبيلي) جي حاڪم سلطان حسين لانگاهه ثانيءَ کي شڪست ڏئي، لانگاهه قوم جي دؤر جو خاتمو آندو.”
ڪتاب ‘انيس المساڪين’ ۾ قاضي غلام مهدي ڄاڻائي ٿو ته، “شاهه عنايت شهيد جي ڏاڏي مخدوم صدر الدين عرف صدو لانگاهه، اُچ شريف کان لڏي 900هه/ 1494ع ۾ سنڌ ۾ اچي، ‘ميرانپور’ ۾ سڪونت اختيار ڪئي.
صوفي شاهه عنايت جو خانداني شجرو هن ريت آهي:
صوفي شاهه عنايت الله [شهيد] پٽ مخدوم فضل الله پٽ مخدوم محمد يوسف پٽ مخدوم ابراهيم قتال پٽ مخدوم محمد شهاب الدين پٽ مخدوم عجائب الدين عرف ملا آجب پٽ مخدوم صدر الدين عرف صدو لانگاهه.
صوفي شاهه عنايت [شهيد] جا ڏاڏاڻا ۽ ناناڻا ملتان جا هئا، سندس وڏا بعد ۾ ملتان ڇڏي اچي سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ مقيم ٿيا، پر سندن مٽي مائٽي ۽ لڳ لاڳاپا ملتان جي لانگاهه خاندان سان هلندا آيا. صوفي شاهه عنايت جي والد مخدوم فضل الله ملتان جي لانگاهن مان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٽي پٽ ٿيا: پهريون مخدوم نالي چڱو، ٻيو مخدوم شاهه عنايت الله [شهيد] ۽ ٽيون مخدوم رحمت الله.
شاهه عنايت جي ولادت:
صوفي شاهه عنايت جي ولادت 1065هه/ 1655ع ۾، ميرانپور ۾ ٿي، پر ڪن روايتن مطابق سندس ولادت ملتان ۾ ٿي. شاهه شهيد جي ننڍپڻ ۾ تعليم ۽ تربيت سندس والد وٽ پنهنجي ئي گهر ۾ ٿي ۽ پنهنجي پيءُ وٽان فارغ التحصيل ٿي، وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ پنهنجي ڪجهه ساٿين سان گڏجي ملتان ويو، جتي شاهه شمس کان تعليم پرائڻ کانپوءِ، پنهنجي ساٿين ميان امين محمد [ڊاسوڙيءَ واري] نقشبندي، شاهه حمزي نمن واري ۽ ميان ابراهيم ڪاتيار سان گڏجي هندستان روانو ٿيو.
ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ، پنهنجي پي. ايڇ. ڊي جي ٿيسز تي مشتمل ڪتاب ‘صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر’ ۾ ڄاڻايو آهي ته “شاهه عنايت، ملتان ۾ شاهه شمس کان تعليم پرائڻ کانپوءِ پنهنجي ساٿين سان گڏ مختلف ملڪن جي سير ۽ سياحت لاءِ نڪتو. بلوچستان جي رستي هو ايران ۽ عراق ويو. انهن ملڪن جو چڱو اڀياس ڪري، افغانستان ويو ۽ سڄي ملڪ جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪري، قنڌار کان ٿيندو، خراسان جي رستي واپس ٿيو. سرحد [خيبر پختونخوا] ۽ پنجاب جو سير ڪري واپس ملتان ۾ پنهنجي استاد شاهه شمس وٽ پهتو، تنهن کانپوءِ شاهه شمس جي ئي مشوري سان وڌيڪ مطالعي، مشاهدي ۽ فيض حاصل ڪرڻ لاءِ، سيد عبدالملڪ ڏانهن بيجاپور [هندستان] اُسهيو. شاهه عنايت ملتان کان روانو ٿي گهمندو ڦرندو، هندستان جي بيجاپور شهر ۾ پهچي، سيد عبدالملڪ وٽ حاضر ٿيو، جتي هن سيد عبدالملڪ کان نه رڳو روحاني فيض حاصل ڪيو، پر ٻيو به گهڻو علم پرايو. جيئن ته سيد عبدالملڪ وقت جي حاڪمن جي تمام گهڻو ويجهو هو، اُن ڪري شاهه عنايت، هن کان ملڪي نظام، انتظامي معاملن ۽ ٻين معاشرتي علمن جي ڄاڻ حاصل ڪئي. سيد عبدالملڪ جڏهن محسوس ڪيو ته شاهه شهيد، علم ۽ فڪر جي مٿانهين درجي تي رسي چڪو آهي، تڏهن کيس اڃا به وڌيڪ ۽ اعليٰ تعليم لاءِ وقت جي مشهور عالم، فاضل ۽ استاد، شاهه غلام محمد ڏانهن موڪليائين، جنهن وٽ شاهه عنايت هڪ سال رهي، پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي. شاهه عنايت جي وسيع مطالعي، مشاهدي ۽ سندس نقطهء نظر کي ڏسي ۽ ٻڌي، سندس استاد شاهه غلام محمد، مٿس ايترو ته موهت ٿيو، جو شاهه عنايت جي استاد مان ڦري سندس معتقد ٿي، سندس سَٿ ۾ شامل ٿيو، ۽ اڳتي هلي، سندس هڪ سٺو ساٿي ثابت ٿيو. شاهه عنايت، شاهه غلام محمد کي ساڻ ڪري، وري به ڪجهه وقت هندستان جي مختلف علائقن جو سفر ڪيو، انهيءَ دوران ڪيترائي ماڻهو سندس مريد ۽ معتقد ٿيا. هندستان ۾ رهڻ دوران نه فقط شاهه عنايت، روحاني ۽ باطني علم حاصل ڪيا، پر مقامي ماڻهن سان بهترين تعلقات به قائم ڪيا. کيس مختلف علمن سان گڏ مختلف زبانن تي به وڏي مهارت حاصل هئي. عربي، فارسي، هندي [ديوناگري، گرمکي لپين سميت] ۽ ٻين ٻولين تي کيس عبور حاصل هو، پر گهڻو ڪري لکپڙهه فارسيءَ ۾ ڪندو هو.”
شاهه عنايت جي هندستان کان واپسي:
صوفي شاهه عنايت کي سيد عبدالملڪ موڪلائڻ کان اڳ فقيري ٽوپي ۽ ڳاڙهو خرقو ڏئي ‘صوفيءَ’ جي لقب سان نوازيو ۽ موڪلائڻ وقت کيس اجازت ڏيندي، سندس اڳيان مصلو، ڪؤنرو، تسبيح ۽ تلوار رکي فرمايائون ته ‘هنن مان ڪا به هڪ شيءِ کڻو’. پاڻ تلوار کنيائون، جنهن تي مرشد فرماين ته: ‘انهيءَ جي قيمت ڳري آهي.’ تنهن تي صوفي شاهه عنايت وراڻيو ته: ‘سر حاضر آهي’ تڏهن سيد عبدالملڪ خوش ٿيندي، کيس اجازت ڏئي خبردار ڪيو ته ‘واٽ ويندي احتياط کان ڪم وٺجو ۽ گهٽ ڳالهائجو’ شاهه عنايت هندستان مان نڪري فقراء سميت ٺٽي شهر جي اولهه ڏکڻ واري ميدان تي اچي، پنهنجو ويڙهو قائم ڪيو، جنهن کي هو ‘دائرو’ سڏيندا هئا. دائري ۾ موجود سڀئي صوفي بنا ڪنهن متڀيد جي هڪ ئي ڪٽنب وانگر رهندا هئا. جڏهن هي مذهب ۽ ذات پات جي فرق کي ميٽي، ‘انساني مساوات’ سان رهڻ لڳا، تڏهن آس پاس جا ڪيترا آزاريل ۽ مسڪين هاري ۽ پورهيت ماڻهو، سندن ‘گڏيل نظام’ ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي اعليٰ اصولن کان متاثر ٿي، وٽن اچي رهڻ لڳا. جڏهن ٺٽي جي روايتي ۽ درٻاري عالمن، مولوين، جاگيردارن ۽ حڪمرانن، شاهه عنايت جي علم، عرفان، زندگيءَ جي اعليٰ قدرن ۽ ‘پوکي راهيءَ جي گڏيل نظام’ کي ڏٺو ته کين حسد ۽ ساڙ ٿيو. ان کان سواءِ شاهه عنايت جو دائرو ڏينهون ڏينهن وڌندي ۽ مضبوط ٿيندي ڏٺائون ته کين پنهنجي علميت ۽ وڏائي ڊانوان ڊول ٿيندي نظر آئي ۽ هو شاهه عنايت جا سخت مخالف ٿي پيا ۽ مختلف بهانا بنائي، شاهه عنايت جي مخالفت ڪرڻ لڳا.
صوفي شاهه عنايت جي تحريڪ:
صوفي شاهه عنايت، جنهن وقت جهوڪ ۾ تعليم ۽ تبليغ شروع ڪئي. ان وقت سنڌ جا اڪثر مشائخ، صوفي ۽ سيد، خالص دنيادار ۽ زميندار بڻجي، پنهنجا منصبي فرض وساري چڪا هئا. اهڙيءَ مفادپرستيءَ جي اونداهي ماحول ۾، شاهه عنايت جي علم ۽ فضل، خداترسيءَ، دردمنديءَ ۽ بي لوث خدمت جي روشني، ڏيهان ڏيهه پکڙي ته سندس چوڌاري ارادتمندن جو وڏو ميڙو مچي ويو.
صوفي شاهه عنايت، وقت جي انهن روايتي صوفين مان نه هو، جيڪي حالتن کي بدلائڻ بدران، ساڳين حالتن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندا ۽ صبر ۽ قناعت جي تلقين ڪندا هئا. اُنهن جي ڀيٽ ۾ صوفي شاهه عنايت زمين جي پيداواري عمل ۾ ‘مساوي شرڪت’ تي زور ڏنو. هن جو اٽل ۽ پڪو عقيدو هو ته ‘مساوات محمّديءَ’ جي بنيادي گهرج اها آهي ته کيتي ٻاڙي اجتماعي بنيادن تي ڪئي وڃي، پيداواري عمل ۾ سڀ ماڻهو برابر جا شراڪت دار ٿين ۽ پيداوار کي ضرورت پٽاندر پاڻ ۾ ورهائي کڻن، ڇو ته ‘زمين الله جي آهي’ ۽ اُن تي سمورن انسانن جو هڪجهڙو حق آهي. صوفي شاهه عنايت جي مريدن ۽ فقيرن اهو اصول خوشيءَ سان قبوليو ۽ اجتماعي هارپي ۾ شامل ٿي ويا.
صوفي شاهه عنايت جو گڏيل پوکي راهيءَ جو تجربو بيحد ڪامياب ويو. جهوڪ ۾ رهندڙ فقيرن ۽ هارين کي نه بٽئي ڪرائڻي پوندي هئي، نه ڇيڙ ۽ بيگر وهڻي پوندي هئي ۽ نه ئي ڪنهن تپيداري قانون گُو کي ‘ستم شريڪي’ جهڙيون رسمون ادا ڪرڻيون پونديون هيون.
اهڙيءَ ريت صوفي شاهه عنايت جي هن ‘ڪاشتگاريءَ جي گڏيل نظام’ جي ناماچاري جلد ئي پري پري تائين پکڙجي وئي ۽ هر هنڌ هن ‘اجتماعي ڪاشتڪاريءَ’ جي نئين تجربي جو چوٻول ٿيڻ لڳو. نامور محقق مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ‘تحفة الڪرام’ ۾ لکي ٿو ته: “جيڪي درويش شروع ۾ بلڙيءَ واري خاندان سان ڳنڍيل هئا، سي شاهه عنايت جي سلسلي جو واڌارو ۽ ترقي ڏسي، بلڙيءَ جي سيدن کي ڇڏي، هن نئين سلسلي ۾ شامل ٿي ويا... ان ڪري فقيرن جي جماعت، سنڌ جي خانداني پيرن جي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀڻ لڳي.”
هن تحريڪ جي مقبوليت سبب نه رڳو سيد گهراڻن جي مريدن ۾ گهٽتائي آئي، پر تر جي زميندارن: نور محمد پليجي، حمل جت ۽ آس پاس جي ٻين علائقن جي ڪيترن زميندارن تي به وڏو اثر پيو. صوفي شاهه عنايت جا فقير اُتي وڃي، سندن زمينداري حلقي ۾ ‘اجتماعي زراعت’ جي تبليغ ڪندا رهندا هئا. نتيجو اهو نڪتو ته مقامي زميندارن جي هارين به مطالبو ڪرڻ شروع ڪيو ته ‘اسان جي زمينن ۾ به صوفي شاهه عنايت جي طريقي تي عمل ڪيو وڃي’، پر پيداوار ۾ ‘مساوي شرڪت’ جي اصول کي زميندار هرگز تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. اُنهن محسوس ڪيو ته جيڪڏهن هن قسم جي انقلابي تبديليءَ جو ترت تدارڪ نه ڪيو ويو ته سنڌ ۾ سالن کان موجود جاگيرداري ۽ زمينداري سرشتو خطري ۾ پئجي ويندو. ان ڪري هن خطري کي ٻُنجي ڏيڻ لاءِ زميندار، پاڻ ۾ گڏ ٿي، ٺٽي جي صوبيدار مير لطف علي خان وٽ دانهين ويا ته صوفي شاهه عنايت کي اجتماعي ‘کيتي ٻاڙي’ جي عمل کان روڪيو وڃي. انهن زميندارن ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو جانشين سيد عبدالواسع شاهه، شيخ زڪريا بهاؤالدين ملتانيءَ
جو جانشين شيخ سراج الدين، پليجاڻيءَ جو مشهور زميندار ارباب
نور محمد پليجو، حمل جت، لاکاٽ جو گل آگرو ۽ ٻيا ڪيترا زميندار شامل هئا.
هڪ روايت اها به آهي ته ٺٽي جي مولوين، عالمن ۽ بلڙيءَ جي سيدن شاهه عنايت جي مخالفت سندس ابتدائي ڏينهن کان ئي شروع ڪري ڇڏي هئي. ڏٺو وڃي ته وقت جي حڪمرانن ۽ درٻاري عالمن، پنهنجن سياسي مخالفن کي ڪچلڻ لاءِ هميشه مذهب ۽ عدالتن جو سهارو وٺي، کين چيڀاٽيو ۽ هيسايو هو، ان روايت کي برقرار رکندي، سنڌ جي حڪمرانن، وَجَهي، مفادپرست ۽ زميندارن جي حامي مـُلن ۽ ٻين مخالفن، شاهه عنايت کي ٺٽي جي علائقي ۾ هيسائي، خاموش ڪرائڻ جا ڏاڍا جتن ڪيا ۽ ڪيترا اوڇا عمل پڻ ڪيا؛ مٿي ذڪر ٿي آيو آهي ته شاهه غلام محمد، شاهه عنايت جو استاد هو، پر هنن اهو افواهه اٿاريو ته “شاهه غلام محمد، شاهه عنايت کي جهُڪي سجدو ڪري ٿو ۽ کيس خدا [نعوذ باالله] تسليم ڪري ٿو.” اهڙيءَ طرح حڪمرانن ۽ ٻين مخالفن شاهه عنايت کي پنهنجي عدالت ۾ گهرائي، تعزير ڏيارائڻ ۽
زير بار ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي.
دراصل شاهه غلام محمد جو ته هڪ بهانو بنايو ويو هو، پر شاهه عنايت جا سيد عبدالواسع بلڙيءَ وارو، حمل جت ۽ نور محمد پليجو وڏي ۾ وڏا مخالف هئا. صوفي حضور بخش پنهنجي ڪتاب ‘شاهه عنايت شهيد’ ۾ لکيو آهي ته، “شاهه شهيد جا سيد عبدالواسع، حمل جت،
نور محمد پليجو، ميان يار محمد ڪلهوڙو ۽ مغل حاڪم جيتري قدر مخالف هئا، اوتري قدر مذهبي عالم ۽ مفتي به مخالف هئا. مخالف عالمن ۽ مفتين ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار مخدوم محمد هاشم جو هو.”
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي معرفت ئي شاهه عنايت جي تحريڪ جي سرگرم اڳواڻ ۽ سندس سچي پوئلڳ شاهه غلام محمد کي تعذير ڏياري وئي. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي شاگرد حاجي فقير الله علويءَ شڪارپوريءَ بابت پير حسام الدين راشديءَ پنهنجي هڪ مضمون ’شاهه عنايت شهيد جي سوانح جا ماخذ‘ ۾ لکيو آهي ته، “شاهه عنايت جڏهن شهيد ٿيو، تڏهن شڪارپور وارو شاهه الله علوي'>فقير الله علوي ڏاڍو خوش ٿيو، جنهن جو اظهار هن پنهنجي خطن ۾ ڪيو آهي.” انهن کان سواءِ مشهور شاعر ميون شاهه عنات رضوي، عبدالحڪيم ‘عطا’ ٺٽوي، محمد رضا ۽ شاهه سراج الدين به شاهه عنايت شهيد جا سخت مخالف هئا.
عبدالحڪيم عطا ٺٽويءَ، شاهه عنايت صوفيءَ جي مخالفت ۾ شاعري ڪري، ٺٽي جي مغل گورنر جي حمايت ڪئي، جنهن جو اظهار ‘ديوان عطا’ جي مرتب، محمد مطيع الله ‘راشد’ برهانپوريءَ، ڪتاب جي مقدمي ۾ هن ريت ڪيو آهي:
“‘عطا’ جي ڪلام مان معلوم ٿئي ٿو ته ‘عطا’، شاهه عنايت جي خلاف اٿاريل پروپيگنڊا کان متاثر ۽ سندس مخالف هو. هڪ اردو غزل ۾ هن [شاهه عنايت جي] فقيرن جي فراغت سان حياتي گهارڻ تي طنز ڪندي، کين ‘عنادي’ سڏيو آهي.”
عطا ٺٽويءَ، شاهه عنايت کي ‘شيواجيءَ’ [مغلن جي مخالف] سان ڀيٽيندي هيٺيون قطعو لکيو هو:
شنيده شد به دکن ‘شيوا’ کافري بوده است،
بشهرِ تته کنون نِيز ‘شيوا’ پيدا شد،
از تمرد ظاهر شده به اهلِ نياز،
وزين تمرد باطن عجب هويدا شد.
هن شاهه شهيد جي شهادت تي هيٺيون قطعو لکي مغل گورنر نواب اعظم خان کي ‘غازي’ جو لقب ڏنو.
لشکرِ ‘نواب غازي’ جا بجا فيروز مند،
مشعلِ اقبال اُو در مُلڪ سِند اَفروخته،
زان شهابِ ديو ڪش شد رجم ديوان خبيث،
عقل اين تاريخ گفتھ، ‘جام بدبو سوخته’.
مٿئين قطعي ۾ شاهه عنايت خلاف نهايت گندي زبان استعمال ڪئي وئي آهي. ‘عطا’ ٺٽويءَ جي شاهه عنايت خلاف اردو غزل جا ٻه بند، تاريخ جي رڪارڊ تي آڻڻ لاءِ ڏجن ٿا:
چگو نه سندهه بسته باز سکهه سـون،
‘عـنـادي’ درميـانِ جهـوک’ رهـتـا،
زبـا افـراطِ افـطـارِ فـقـيــران،
نـگاهـي جـانـبِ مـمـلـوک رهـتــا.
[حوالو: ديوان عطا ٺٽوي]
شاهه عنايت رضوي جيئن ته ڪلهوڙن حاڪمن [ميان نصير محمد ۽ ميان يار محمد] جو ممدوح هو، ان ڪري هن بزرگ به شاهه عنايت جهوڪ واري جي خلاف بيت لکيا هئا، هڪ بيت ڏجي ٿو.
تون طُرو طريلن جو، تنهنجي خانيءَ کاڌا کڳ،
‘يار محمد يار خدا جا’، وهلا وارج وڳ،
جا ٺڳي ڪئي ٺڳ، سا لاهي آءُ لانگاهه جي!
[ميين شاهه عنايت جو ڪلام، مرتب: ڊاڪٽر ن. ب. بلوچ]
سيد عبدالواسع شاهه، نور محمد پليجو ۽ حمل جت پاڻ ۾ سٽل ۽ ڳٺجوڙ ڪري، ٺٽي جي مغل نواب مير لطف علي خان وٽ شاهه عنايت ۽ سندس فقيرن جي شڪايت کڻي آيا. نواب لطف علي خان بنا ڪنهن جاچ جوچ جي ٽنهي کي اجازت ڏني ته صوفي شاهه عنايت ۽ سندس فقيرن سان جيئن وڻين، تيئن وڃي منهن ڏين. نواب لطف عليءَ طرفان اهڙي اجازت لکت ۾ ملندي ئي، سيد عبدالواسع، نور محمد پليجي ۽ حمل جت، صوفي شاهه عنايت جي خانقاهه تي پنهنجن ماڻهن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن حملي ۾ صوفي صاحب جا ڪيترائي درويش فقير مارجي ويا. انهيءَ واقعي جو جڏهن مغل شهنشاهه وٽ فرياد پهتو ته ان حڪم جاري ڪيو ته بيگناهن کي ‘خون بها’ ڏني وڃي. اهڙيءَ ريت قاتلن جو زمينون، شاهه عنايت جي ساٿي مقتولن جي وارثن حوالي ڪيون ويون.
112هه/ 1716ع ۾ نواب لطف علي خان کي برطرف ڪري، نواب اعظم خان کي ٺٽي جو نئون نواب مقرر ڪيو ويو. هُو صوفي شاهه عنايت جي مخالفن جي ڦهلايل ۽ ٻڌايل ڳالهين ۾ اچي، هر طرح سندن مڪمل مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. مير علي شير قانع جي ‘مقالات الشعراء’ [ڪتاب] ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، نواب اعظم خان، صوفي شاهه عنايت سان ملاقات لاءِ ويو، تڏهن فقيرن کيس ائين چئي روڪي ڇڏيو ته، حضرت هن وقت ورد وظائف ۾ مشغول آهي. ٿوريءَ دير کانپوءِ جڏهن اعظم خان جي صوفي شاهه عنايت سان ملاقات ٿي، تڏهن
اعظم خان چيو ته:
درِ درويش را دربان نه شايد،
[ترجمو: درويش جي در تي دربان نه هجڻ گهرجي]
صوفي شاهه عنايت وراڻي ڏني ته:
‘بشايد، تا سگِ دنيا نيايد’
[ترجمو: هجڻ گهرجي، ته جيئن دنياوي ڪُتا اندر اچي نه سگهن].
هن درويشاڻي ۽ دليرانه جواب، نواب اعظم خان کي مڇرائي وڌو ۽ هن سڀ کان پهرين اهو قدم کنيو ته صوفي شاهه عنايت جي خانقاهه سان لاڳو زمينن جون ڍلون، جيڪي اڳ ۾ معاف ڪيون ويون، سي ٻيهر لاڳو ڪري ڇڏيائين.
هوڏانهن سنڌ جو [مغلن جو خطاب يافته حاڪم ‘خدا يار خان’] ميان يار محمد خان ڪلهوڙو به شاهه عنايت جو سخت مخالف هو. پير حسام الدين راشديءَ لکيو آهي ته اهو حادثو [شاهه عنايت جي شهادت جو واقعو] سنڌ اندر مغلن جي زوال واري دؤر ۾ ٿيو ۽ اهو الميو تڏهن وقوع پذير ٿيو، جڏهن ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جي ابتدا ٿي رهي هئي، سيوهڻ تائين ميان يار محمد جو قبضو ٿي چڪو هو ۽ ٺٽي واري حصي مٿان سندس اکيون هيون. يار محمد ڪلهوڙي جڏهن صوفي شاهه عنايت جو آفاقي پيغام ٻڌو ۽ کيس ‘گڏيل سماجي ۽ معاشي نظام’ جي ڄاڻ ملي، تڏهن هن پنهنجي پيري فقيريءَ ۽ حڪومتي عهدي لاءِ خطرو محسوس ڪيو. مٿان وري سندس ستايل ۽ آزاريل عوام، ظلم ۽ ڏاڍ کان ڀڄي، اچي صوفي شاهه عنايت جي پناهه ۾ رهڻ لڳو ته هيڪاري ميان يار محمد وڌيڪ ڪاوڙجي پيو ۽ سڌو سنئون شاهه عنايت ۽ سندس تحريڪ جو کلم کلا مخالف ٿي بيٺو. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته يار محمد ڪلهوڙي، شاهه عنايت جي مخالفت نه ڪئي هئي، پر اها ڳالهه غلط ۽ بي دليل آهي.
جڏهن نواب اعظم خان کي دهليءَ جي بادشاهه فرخ سير (1713ع-1719ع) جو صوفي شاهه عنايت سان جنگ ڪرڻ جو حڪمنامو اچي پهتو ته سرڪاري فوجون وٺي شاهه عنايت تي ڪاهه ڪئي وڃي ۽ ان سان گڏ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مدد ڪرڻ لاءِ مقامي جاگيردارن، زميندارن ۽ اربابن ڏانهن به اعظم خان جا حڪمناما جاري ٿيا. مير علي شير قانع ‘مقالات الشعراء’ ۾ لکي ٿو ته، “اعظم خان، ميان يار محمد خان ۽ ٻين سڀني زميندارن توڙي سنڌ جي انهن ماڻهن ڏانهن مدد ڪرڻ جا حڪم پهتا، جن وٽ پنهنجا لشڪر هئا ۽ جن کي اڳي ئي فقيرن سان ڪينو هو. انهن سڀني حڪمناما وصول ڪندي ئي جنگي تياريون شروع ڪري ڏنيون.”
صوفي شاهه عنايت جي خلاف سبي، گنجابه، چانڊڪا، مختلف ڪوهستاني علائقن، ٺٽي ۽ ٻين ماڳن کان هزارين فوجن، ان وقت جي جديد هٿيارن سان مسلح ٿي اچي، 14 ذوالقعد 1129هه/ 9 آڪٽوبر 1717ع تي جهوڪ جي علائقي جو گهيراءُ ڪيو. 16 ذوالقعد 1129هه/ 11 آڪٽوبر 1717ع تي ميان يار محمد به وڏو لشڪر وٺي اچي جهوڪ پهتو ۽
17 آڪٽوبر تي باقاعدي جهوڪ جو گهيراءُ ڪيو ويو. پر شاهه عنايت جي فقيرن جي حڪمت عمليءَ [کاهين کوٽي ڇڏڻ] کين اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو. سرڪاري لشڪر وٽ توبون به هيون، پر چئني پاسن کان وڏي کاهي هجڻ جي ڪري، انهيءَ ڏينهن هو اڳتي وڌي نه سگهيا. صوفي شاهه عنايت پنهنجي فقيرن کي خونريزي ۽ اڳرائي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو، پر جڏهن سرڪاري فوج جو ميرانپور کي گهيرو گهڻو تنگ ٿيو، تڏهن صوفي فقير مجبور ٿي پيا، جنهن کانپوءِ نيٺ شاهه عنايت کين جنگ ڪرڻ جي اجازت ڏني. 18 ذوالقعد 1129هه/ 13 آڪٽوبر 1717ع تي اڃا رات جو چوٿون پهر باقي هو، ته فقير خاموشيءَ سان ڪاٺ جي مُٺين واريون ترارون کڻي، مخالف لشڪر تي اچي ڪڙڪيا ۽ سندن گهڻو نقصان ڪيائون.
ڪتاب ‘مقالات الشعراء’ ۾ مير علي شير قانع لکي ٿو ته، “فقير سرڪاري فوج تي اهڙو ته اچي ڪڙڪيا، جو رستم جو پِتو به اهو ڏسي خوف کان ڦاٽي پوي ها، ڪيترا مخالف اجل جو شڪار ٿيا ۽ جيڪي بچيا، سي ڀڄڻ لڳا، انهيءَ ڀاڄ ۾ اوچتو هڪ فقير کي پير ۾ ڪا ڪاٺي لڳي پئي، جنهن تي سندس زبان مان ‘الله’ جي صدا نڪري وئي. ان تي سڀني فقيرن دستور مطابق ‘الله! الله!’ جو نعرو بلند ڪيو، جنهن ڪري دشمن جي فوج کي سُڌ پئجي وئي ته اهو حملو فقيرن جي جماعت جو آهي، ان بعد هنن تياري ڪري فقيرن تي ايڏي ته زور سان حملو ڪيو، جو کين جان بچائي پوئتي هٽڻو پيو. حقيقت ۾ شاهه عنايت، فقيرن کي منع ڪئي هئي ته هو ڪو به نعرو نه هڻن، پر هنن ڏٺو ته چپ رهندا ته شڪست کائيندا.”
فقيرن جو سرڪاري محاصرو [گهيرو] چار مهينا لاڳيتو هليو ۽ جڏهن صوفي فقير ٻيهر دشمن فوج تي غالب ٿيا، تڏهن سرڪاري لشڪر وري منجهي پيو. آخر هنن حيلي بازي ۽ مڪاريءَ کان ڪم ورتو. هنن سوچيو ته صوفين کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڪا سازش ضروري آهي. انهيءَ لاءِ هي سڀ گڏ ٿي، باقاعدي رٿابندي ڪرڻ لڳا.
صوفي حضور بخش لکي ٿو ته، “گورنر اعظم خان، مير شهداد خان ٽالپر کي مخاطب ٿيندي چيو ته سڀني جاگيردارن، پيرن ۽ سردارن جي راءِ آهي ته توهان ئي حسن تدبير سان ڪو منصوبو جوڙي، مغل سلطنت، جاگيردارن ۽ پيرن جي عزت بچائي سگهو ٿا، انهيءَ کانپوءِ مير شهداد خان ٽالپر، وڏي خبرداريءَ ۽ چالاڪيءَ سان هڪ منصوبو جوڙيو ۽ هن گورنر اعظم خان ۽ ٻين کي ساري رٿابنديءَ کان واقف ڪيو.”
جنهن کانپوءِ انهيءَ رٿ تي عمل ڪيو ويو. مير شهداد ٽالپر
قرآن شريف ساڻ کڻي شاهه عنايت وٽ امن جو پيغام کڻي پهتو، ٻين کي صلاح ڏنائين ته جيئن ئي ڪوٽ مان صوفي شاهه عنايت ٻاهر نڪري ته جهوڪ تي حملو ڪري، فقيرن کي هڪدم ختم ڪيو وڃي، روايت آهي ته، اهو سڄو منصوبو مير شهداد خان جو جوڙيل هو. ان ڏس ۾ عملي ڪم به مير شهداد خود ئي ڪيو. صوفي شاهه عنايت ۽ مير شهداد خان پاڻ ۾ سنڍو ٿيندا هئا. پر ‘انيس المساڪين’ جو مصنف قاضي غلام مهدي، انهيءَ سڄي دوکيبازي ۽ منصوبي جوڙڻ جو ذميوار ميان يار محمد ڪلهوڙي کي بيان ڪري ٿو. آخرڪار صوفي شاهه عنايت کي قرآن پاڪ وچ ۾ ڏئي، دوکي سان گرفتار ڪري، اعظم خان ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي اڳيان آندو ويو. ٽي ڏينهن قيد ۾ رکڻ کان پوءِ، 15 صفر المظفر 1130هه/ 7 جنوري 1718ع تي نواب اعظم خان آڏو صوفي صاحب کي پيش ڪيو ويو. صوفي شاهه عنايت سان سندس ننڍو ڀاءُ رحمت الله شاهه، سندس ڀائٽيو محمد يوسف پٽ رحمت الله ۽ ٻارهن خاص مريد گڏ هئا. اعظم خان ۽ شاهه عنايت جي وچ ۾ جيڪا گفتگو ٿي، سا مختلف ماخذن هن ريت بيان ڪئي آهي:
اعظم خان:
چرا اين همه شورش بپا کردي؟
[ترجمو: تو اها شورش برپا ڇو ڪئي]
صوفي شاهه عنايت:
آن روزڪه توسن فِلڪ زين کردند،
آرائشِ مشتري ز پروين کردند،
اين بود نصيبِ ما ز ديوانِ قضا،
مارا چه گنه قسمت ما اين کردند.
[ترجمو: انهيءَ ڏينهن جڏهن فلڪ جي ارڏي گهوڙي تي هَنو رکيو هئائون، مشتري ستاري کي پروين سان سينگاريو ويو. قضا ۽ تقدير جي دفتر ۾ اسان جو ونڊ اهو هو. اسان جو ڪو ڏوهه نه آهي. اها اسان جي قسمت هئي.]
شاعر شيخ محمد رضا، جيڪو ان وقت درٻار ۾ موجود هو، تنهن وچ ۾ شاهه عنايت کي مخاطب ٿي هيئن چيو:
دوست! بيدار بشو عالمِ خواب است اينجا،
حرف بيهوده مَ گو پاي حساب است اينجا.
[ترجمو: دوست سجاڳ ٿي، هيءَ جاءِ خواب جو جهان آهي. اجايو نه ڳالهاءِ! ڇو جو هي حساب جي جاءِ آهي.]
صوفي شاهه عنايت:
درکوئ نيک نامي مارا گذر ندادند،
گر تو نمي پسندي تغير کن قضارا.
[ترجمو: اسان کي نيڪناميءَ جي گليءَ ۾ لنگهڻ نه ڏنائون جيڪڏهن توکي اسان جي ڳالهه نٿي وڻي ته تقدير قضا کي بدلائي ڏيکار.]
نواب اعظم:
آماده بلا باش!
[ترجمو: هاڻي مصيبت اچئي ٿي.]
صوفي شاهه عنايت:
البلاء للولاءِ کاللهب الذهب.
[ترجمو: دوستيءَ لاءِ مصيبتون ايئن آهن، جيئن سون لاءِ باهه]
نواب اعظم:
خود را چرا بدنام کردي وهدف تير بلاشدي.
[ترجمو: پاڻ کي بدنام ڪري، مصيبت جي تير جو نشانو ڇو بڻئين؟]
صوفي شاهه عنايت:
عاشق چه کند گر نکشند بارِ ملامت،
باهيچ دلاور سپر تير قضا نيست.
[ترجمو: عاشق ڇا ڪري جيڪڏهن ملامت جو بار نه کڻي! ڪنهن به بهادر وٽ تقدير جي تير جي بچاءُ لاءِ ڍال آهي ئي ڪا نه.]
نواب اعظم:
حالانکه کشته شوي کھ آن طول امل؟
[ترجمو: هن وقت تون ڪسجين ٿو، تڏهن به ڊيگهه نٿو ڇڏين؟]
صوفي شاهه:
هرگز نميرد آنکه دلش زنده شد بعشق،
ثبت است برجريدهء عالمِ دوام ما.
[ترجمو: اهو هرگز مري نٿو، جنهن جي دل عشق سان آباد آهي. اها ڳالهه سدائين جهان جي سيني تي تحرير ٿيل آهي.]
نواب اعظم:
چرا با طاعت اولوالامر برون نيامدي؟
[ترجمو: بادشاهه جي حڪم کان انڪار ڇو ڪيئي؟]
صوفي شاهه عنايت:
ما مريدان رو بسوي ڪعبه چون آريم چون،
روبه سوئ خانهء خمار دارد پيرِ ما.
[ترجمو: اسان مريد ڪعبي ڏانهن منهن ڪيئن ڪريون، جڏهن ته اسان جي پير جو منهن شراب خاني ڏانهن آهي!]
نواب اعظم:
حالا برفقدان آرزو ها چه غم داري؟
[ترجمو: اميدن جي ختم ٿيڻ تي ڪهڙو غم اٿئي؟]
صوفي شاهه عنايت:
من از آن دم ڪه وضو ساختم چشمهء عشق،
چار تکبير زدم يڪسره برهم چه ڪه هست!
[ترجمو: جڏهن کان عشق جي چشمي مان وضو ڪيو آهي، تڏهن کان وٺي مون سڀني شين کان چار تڪبيرون هنيون آهن.]
مٿين سوالن جوابن کانپوءِ شاهه عنايت جي اکين آڏو سندس ڀاءُ رحمت الله شاهه ۽ ڀائٽيي محمد يوسف کي جلاد هٿان شهيد ڪرايو ويو، ۽ صوفي شاهه عنايت کي ضد تان هٽي وڃڻ لاءِ چيو ويو، پر صوفي شاهه عنايت چيو ته “سر ڏيندس، پر حق نه ڇڏيندس.”
جنهن کانپوءِ، 15 صفر المظفر 1130هه/ 7 جنوري 1718ع تي صوفي شاهه عنايت جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري، کيس شهيد ڪيو ويو. شهادت وقت سندس زبان تي حافظ شيرازيءَ جو هيءُ شعر جاري هو:
رهانيدي مرا از قيدِ هستي،
جزاڪ الله في الدارين خيراً.
[ترجمو: تو مون کي هن قيد جهڙي زندگيءَ کان آجو ڪيئي، شال الله سائين، ٻنهي جهانن ۾ تنهنجو ڀلو ڪري.]
پوءِ سسي تلوار کان ڌار ٿيڻ وقت پاڻ هي به شعر پڙهيائون ته:
سر درِ قدم يار فدا شد چه بجا شُد،
اين بارِ گران بُود ادا شد چه بجا شُد.
[سر يار جي قدمن تان فدا ٿيو، سٺو ٿيو، هيءُ ڳرو بار هو، ادا ٿيو، سُٺو ٿيو.]
صوفي شاهه عنايت جي شهادت جو قصو ٻڌي سندس عقيدتمند فقير تمام گهڻو ڏکارا ٿيا، پر هنن پنهنجا حوصلا پست ٿيڻ نه ڏنا ۽ پنهنجي رهبر جي تحريڪ کي جاري رکيو.
اهو ڏسي، نواب اعظم خان، ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ ٻين شهيد شاهه عنايت جي مخالف جاگيردارن ۽ سرڪاري دلالن، شاهه عنايت شهيد جي تحريڪ جي پوئلڳ فقيرن کي ختم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو، اهي انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي، جهوڪ جي صوفي فقيرن کي چيڀاٽڻ لاءِ سرڪاري ۽ ڏيهي فوج سان نڪري پيا. روايت آهي ته جڏهن رات جو فقير، ذڪر فڪر ۾ مشغول هئا، تڏهن دشمن جي لشڪرين، ميرانپور جي چؤطرف تيل هاري اوچتو ئي اوچتو سڄي شهر کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ باهه جا گولا ڪوٽ اندر اڇلڻ لڳا. سڄي جهوڪ جي وستيءَ کي باهه ڏئي، وري خاص لنگهه جهلي بيهي رهيا، انهيءَ باهه مان جيڪو به ننڍو وڏو جان بچائي ٻاهر ٿي نڪتو ته اُن کي هنن تلوارن سان پورو ٿي ڪيو.
ان وحشياڻي واردات بابت صوفي حضور بخش لکي ٿو ته، “هنن ظالمن جهوڪ کي چؤطرف کان باهه ڏني ۽ ڏسندي ئي ڏسندي جهوڪ شهر ٻرندڙ مچ ۾ تبديل ٿي ويو ۽ باهه جون ڄڀيون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون. اهو زندگيءَ سان ڀريل شهر چند ڪلاڪن ۾ خاڪ ٿي ويو. چؤطرف جانورن ۽ انساني جسمن جا سڙيل ڍانچا پکڙيا پيا هئا. هڪ اندازي مطابق ان تحريڪ ۾ ڇهن کان ستن هزارن صوفي فقيرن پنهنجون جانيون قربان ڪيون.”
صوفي حضور بخش وڌيڪ لکي ٿو ته، هڪ اندازي موجب چئن مهينن جي جنگي معرڪي ۾ اٽڪل ڇهن ستن هزارن صوفين پنهنجون جانيون قربان ڪيون، جن کي وڏا کوهه کوٽي اجتماعي طور ترتيب وار دفن ڪيو ويو. اهي کوهه اڄ به صوفي شاهه عنايت جي مقبري ۽ شهادت واريءَ جاءِ جي آس پاس “گنج شهيدان” جي نالي سان قائم ۽ موجود آهن.
جهوڪ ڇڏي وڃڻ کانپوءِ، ٺٽي ۾، شاهه شهيد جي پوئلڳ صوفي بزرگن: شاهه اسماعيل صوفي، مسعود ولهاريءَ ۽ شاهه عبدالڪريم ٺٽويءَ، شاهه شهيد جي فڪري پرچار کي اڳ وانگر جاري رکيو.
شاهه عنايت جي زرعي انقلابي تحريڪ يعني ‘هارين جي صوفياڻي مساوات’ جي عظيم فڪر جي پرچار ۽ نعري ‘جو کيڙي، سو کائي’ واري تعليمات جو بنياد هيٺين نُڪتن تي هو:
(1) وحدت الوجود، (2) وحدت مذاهب، (3) وحدت انساني، (4) پاڻ سڃاڻڻ، (5) دوئي دور ڪرڻ، (6) عشق کي رهبر راهه ڪرڻ، (7) وطن دوستي ۽ قوم جو معاشي نظام سڌارڻ، (8) هارين جي صوفياڻي مساوات قائم ڪرڻ، (9) ظلم ۽ ڏاڍ ختم ڪرڻ ۽ انصاف مهيا ڪرڻ، (10) زمين ۽ ٻيا ڌنڌا گڏيل نموني ڪرڻ، اناج يا زندگيءَ جون ٻيون ضروري شيون ضرورتن جي بنياد تي هر هڪ کي ڏيڻ، جيئن ڪو به لاچار ۽ بيوس نه رهي.
صوفي حضور بخش، شاهه عنايت جي فڪر بابت ڪتاب
‘شاهه عنايت شهيد’ جي صفحي 27 تي لکي ٿو ته: “صوفي شاهه عنايت، صوفي ازم تحت عوام سان مذهب ۽ ذات پات جي بنيادن تي پيدا ڪيل گروهه بندين، نفرت ۽ اوچ نيچ کي ختم ڪري منجهن اتحاد، اشتراڪ، اهنسا، برابري، ذهني سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته جيئن عوام کي صحيح ۽ سچي آزاديءَ جي راهه ڏيکارجي.”
ان سلسلي ۾ پير علي محمد شاهه راشدي پنهنجي ڪتاب
‘اهي ڏينهن، اُهي شينهن’ ۾ شاهه عنايت ۽ سندس پيغام جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
“سندس پيغام جو روح هو ته انسانن جو روح بيدار ٿئي. منجهائن گندگيون مثلاً: تعصب، تفريق ۽ انسان دشمنيءَ جون غلاظتون دور ٿي وڃن ۽ سڀ پاڻ ۾ ملي هڪ لڙهيءَ ۾ پوئجي وڃن ۽ اسلامي اصولن مطابق همت کان ڪم وٺڻ جا اهل بڻجن. ساڳئي وقت اسلامي فڪر ۽ روحاني روشني کي بلنديءَ تي رسائجي.”
پير صاحب ساڳئي ڪتاب ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته، “اهو هو اجتماعي ۽ اصولي تصور. انفرادي طريقيڪار جا لوازمات هي هئا: الله سائينءَ تي توڪل، ذاتي حاجتون مختصر، تفريقون ختم، پاڻ ۾ محبت، عام انسان دوستي، جسم جي رياضت، روح جي راحت وغيره، پر انهن اصولن سان گڏوگڏ شاهه عنايت وٽ سماجي ۽ اقتصادي نظام لاءِ به اعلى آدرش موجود هئا. هن نه رڳو اهو پيغام ڏنو، پر عملي طرح هڪ معاشرو اڏڻ لاءِ پهريائين عام (مقامي) ماڻهن جي ذهنن جي سجاڳي آڻڻ پئي چاهي ته جيئن: (1) ماڻهن مان اندروني اختلاف ۽ ڀيدڀاءُ ختم ٿئي ۽ هو پاڻ ۾ متحد ۽ هڪ آواز ٿين، (2) ظلم کان آزادي حاصل ڪري پنهنجا حق حاصل ڪن ۽ اقتصادي خوشحالي ماڻين، (3) باهمي تعلقات جو بنياد محبت ٿئي، (4) زندگي بامقصد، (5) اعلى ترين اقتدار جو حصول منتهي نظر، (6) پاڪ معاشري جي اڏاوت، (7) هر عمل ۾ سچ ۽ صداقت، (8) حق ئي حق هجي، (9) انهن سمورين شين جي حاصلات لاءِ عملي جدوجهد جي تعليم ۽ تربيت، (10) هن ملڪ جا پيڙيل ۽ مظلوم ماڻهو متحد هجن، حڪومتي ۽ سماجي ظلم کان آجا هجن.”
شاهه عنايت شهيد جي تحريڪ جا خاص مول متا، مٿين نقطن تي آڌاريل هئا، پر سڀ کان وڌيڪ زور مساوات ۽ زمين تي هاريءَ جي حق هئڻ تي هو، ڇو ته شاهه شهيد جي فڪر جو اهم نقطو اهو هو ته زمين جي پيداوار جو ڌڻي اهو ئي آهي، جيڪو انهيءَ تي محنت ڪري فصل اپائي ٿو.
شاهه عنايت، پنهنجي سموري پيغام ۾ اوليت زمين کي ڏني، ڇو ته سندس خيال ۾ انسان جي جياپي جو ذريعو ڌرتي آهي. شاهه عنايت جو دور، صنعتي يا سرمائيداري دور بجاءِ مڪمل طور زرعي دور هو، تنهنڪري زراعت کي ئي وڌيڪ اهميت حاصل هئي. اهو ئي سبب آهي، جو شاهه عنايت پنهنجي پيغام ۾ ٻين سڀني ڳالهين سان گڏ ‘زمين گڏيل ملڪيت آهي’ جو فڪر ڏئي، پهريائين پنهنجي زمين گڏيل ملڪيت ۾ ڏئي، هڪ عظيم مثالي [اشتراڪي] سماج جوڙي، هي پيغام عام ڪيو ته انسان ذات اهڙي سهڻي، انصاف ڀرئي، آزاد ۽ انسان جي اعلى گڻن موجب هلي، باوقار ۽ خوشحال زندگي گذاري سگهي ٿي.
صوفي شاهه عنايت شهيد جي (پراڻي) مزار جو نظارو
صوفي شاهه عنايت شهيد جي مزار جو موجوده نظارو
صوفي شاهه عنايت جون شاديون:
شاهه عنايت شهيد جي شادين بابت مختلف روايتون ملن ٿيون. ‘انيس المساڪين’ ۾ قاضي غلام محمد مهدي، شاهه شهيد جون چار شاديون ڄاڻائي ٿو، جڏهن ته ‘شهادت نامه’ ۾ سندس ٽي شاديون ڄاڻايل آهن. انهن ٻنهي راين کي مدنظر رکندي ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ، پنهنجي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ‘صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر’ ۾ لکي ٿو ته، “شاهه شهيد چار شاديون ڪيون. پهرين شادي هندستان ۾ رهڻ دوران ڪيائون، جنهن مان کين هڪ پٽ خليل هو. ٻيءَ شادي هندستان مان واپسيءَ دوران مخدوم محمد اسماعيل جي نياڻيءَ سان ڪيائون، جنهن مان کيس اولاد نه ٿيو. ٽين شادي ميرانپور ۾ اچڻ کانپوءِ پنهنجي خاندان مان ڏاڏي پوٽيءَ سان ڪيائون، جنهن مان
شاهه عزت الله ٿيو، جنهن کي ‘گُند پير’ جي نالي سان سڏيندا هئا ۽ هڪ نياڻي به ٿين. چوٿين شادي سوڍن مان ڪيائون، جنهن مان کين هڪ فرزند صوفي سلام الله عرف ٿر ڌڻي بادشاهه ٿيو.”
شاهه عنايت شهيد جا استاد:
شاهه عنايت صوفيءَ جو پهريون اُستاد سندس والد مخدوم فضل الله هو. ان کانپوءِ پاڻ ملتان ۾ شاهه شمس کان تعليم ورتائون. بعد ۾
شاهه شمس جي مشوري سان بيجاپور جي سيد عبدالمالڪ کان روحاني فيض حاصل ڪيائون. ان بعد مخدوم غلام محمد دهلويءَ وٽ هڪ سال رهي تعليم مڪمل ڪئي.
هيٺ مخدوم غلام محمد دهلوي دستور جو مختصر تعارف ڏجي ٿو:
غلام محمد دهلوي دستور: صوفي شاهه عنايت شهيد جو ظاهري علمن ۾ استاد شاهه غلام محمد پنهنجي دؤر جو نامور عالم هو، جيڪو اڳتي هلي صوفي شاهه شهيد جي علم ۽ معرفت جي منزلت ڏسي سندس معتقد بڻيو. يعني هي شاهه شهيد جو استاد هئڻ سان گڏ معتقد به هو. شاهه غلام محمد دهلوي، سيد عبدالملڪ جو فيضياب مريد ۽ صوفي بزرگ هو. هن پنهنجي مرشد جي اجازت سان شاهه جهان آباد (دهليءَ) ۾ فقيريءَ جي گاديءَ کي وقت جي پيرن کان اعليٰ ۽ اتم درجي تي رسايو. شاهه غلام محمد جي خانقاهه تمام گهڻي مشهور هئي. هي دهليءَ ۾ دفن ٿيل مشائخن مان هڪ هو، لکنؤ جي هڪ ڳوٺ سرسنڊه ۾ پيدا ٿيو. علم لاءِ سنڌ جو سفر ڪيائين ۽ شيخ عنايت الله ٺٽويءَ کان علم پرايائين. ان کانپوءِ شيخ عبدالملڪ دکنيءَ جي خدمت ۾ پهچي، گهڻو وقت رهي کانئس طريقت هٿ جي بيعت ورتي ۽ پوءِ دهليءَ ڏانهن روانو ٿيو، جتي 12 رجب المرجب 1152هه/ 4 آڪٽوبر 1739ع ۾ وفات ڪيائين. اها ڳالهه واضح ڪجي ته، سيد عبدالملڪ، شاهه عنايت
کي شاهه غلام محمد ڏانهن موڪليو، جتي شاهه غلام محمد، صوفي شاهه عنايت کي ظاهري علم پڙهايا ۽ اڳتي هلي شاهه غلام محمد وري روحاني علم جي لحاظ کان صوفي شاهه عنايت جو خاص مريد
ٿي پيو.
انهيءَ حقيقت ۾ ڪو به شڪ ناهي ته شاهه غلام محمد، شاهه عنايت جي رفيقن مان هڪ اهم رفيق هو، جڏهن صوفي شاهه عنايت هندستان کان ڳوٺ موٽيو ته هي سڀ سانگ ڇڏي ساڻس سنڌ هليو آيو. شاهه غلام محمد، صوفي شاهه عنايت جو استاد هئڻ سان گڏ هڪ سچو عاشق، مريد ۽ خليفو پڻ هو. شاهه غلام محمد جو شاهه عنايت جي نسبت ڪري سنڌ تي گهڻو اثر هو ۽ شاهه عنايت جا معتقد هن سان به گهڻي عقيدت رکندا هئا. مخدوم عربي هالن واري جي ڀاءُ پير آسات جو اولاد ميان محمد حسين هو، جنهن کي ٻه پٽ هئا، هڪ احمد ٻيو محمد، انهن ٻنهي مان احمد دهليءَ وڃي شاهه غلام محمد جي خدمت ۾ رهيو ۽ سندس لنگر جو سمورو ڪم ڪار پيو سنڀاليندو هو،
شاهه غلام محمد جي درگاهه شاهجهان آباد ۾ آهي، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي.
شاهه عنايت شهيد جا خليفا:
صوفي شاهه عنايت جا ڪيترائي خليفا هئا، جيڪي ظاهري علم ۽ روحانيت جي لحاظ سان تمام مٿاهين درجي تي پهتل هئا، پر انهن مان هيٺيان چوڏهن خليفا تمام گهڻا مشهور هئا:
(1) مير الله شاهه رضوي'>جان الله شاهه رضوي روهڙيءَ وارو [متوفي: 6 ربيع الاول 1167هه/ 01 جنوري 1754ع] تفصيل اڳتي ايندو.
(2) شاهه عبداللطيف ٺٽوي
(3) صوفي شاهه عبدالڪريم ٺٽوي
(4) صوفي شاهه اسماعيل ٺٽوي
(5) خليفو سليمان هندي فقير (متوفي: 1130هه/1717ع)
(6) خليفو محمد اسحاق فقير (نصرپور وارو)
(7) خليفو عبدالله عرف خواجه عبدالحميد (اجمير شريف وارو)
(8) ابن اوراهه سمون
(9) فقير راڄ محمد عرف ڪاڇي فقير
(10) محمد صديق ڀيڏن وارو ذات لاکو (هالا)
(11) شاهه غلام محمد دهلوي [تفصيل اچي چڪو آهي]
(12) سيد قبول محمد شاهه گيلاني (مزار شريف پشاور)
(13) معشوق علي شاهه عرف نماڻو شاهه (عمرڪوٽ)
(14) سيد محمد باقر شاهه عرف ٻاوو ڏونگر پوري (بڙودا، احمدآباد)
شاهه شهيد جا همعصر همدرد ۽ حمايتي:
(1) مخدوم رحمت الله ٺٽوي
(2) مخدوم محمد معين ٺٽوي
(3) شاهه عبداللطيف ڀٽائي
(4) مخدوم ضياء الدين ٺٽوي
(5) مخدوم روح الله بکري
(6) مير نجم الدين عزلت ٺٽوي
شاهه عنايت جا همعصر مخالف عالم ۽ شاعر:
(1) شاهه سراج الدين
(2) محمد رضا
(3) عبدالڪريم عطا ٺٽوي
(4) ميون شاهه عنات رضوي
(5) مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
(6) حاجي فقير الله علوي
جهوڪ شريف جي درگاهه جا سجاده نشين:
(1) صوفي عزت اللهاهل گند پير’ ولد صوفي شاهه عنايت الله شهيد،
17 صفر 1133هه (7 ڊسمبر 1720ع)/ 12 جماد الثاني 1187هه (31 آگسٽ 1773)
(2) صوفي محمد زاهد ‘شاهه ڪلان’ ولد ابراهيم شاهه ڊٻ وارو، 14 جمادي الثاني 1187هه (2 سيپٽمبر 1773ع)/ 17 صفر 1216هه (29 جون 1801ع)
(3) صوفي محمد ابراهيم ‘شاهه قتال’ ولد محمد زاهد ‘شاهه ڪلان’،
19 صفر 1216هه (1 جولاءِ 1801ع)/ 21 محرم 1229هه (16 جنوري 1814ع)
(4) صوفي عزت الله شاهه ‘سخي پير’ فرزند نورالله شاهه، 23 محرم 1229هه (18 جنوري 1814ع)/ 22 ربيع الاول 1258هه (4 مئي 1842ع)
(5) صوفي محمد ابراهيم شاهه ‘بنگلي ڌڻي’ ولد عزت الله شاهه ‘سخي پير’ 27 ربيـع الثاني 1258هجري (8 جون 1842ع)/ 27 رمضان 1269هجري
(5 جولاءِ 1853ع)
(6) صوفي محمد زاهد شاهه ‘وسڻ شاهه’ ولد ابراهيم شاهه 29 رمضان 1269هه (7 جولاءِ 1853ع)/ 8 ذوالحج 1291هه (16 جنوري 1875ع)
(7) صوفي عبدالستار اول ‘نوراني’ ولد سلطان علي شاهه، 17 صفر 1301هه (18 ڊسمبر 1883ع)/ 2 رجب 1318هه (26 آڪٽوبر 1900ع)
(8) صوفي غوث محمد ‘هادي سائين’ ولد عبدالستار اول، 4 رجب 1318هه (28 آڪٽوبر 1900ع)/ 22 محرم 1344هه (13 آگسٽ 1925ع)
(9) صوفي عبدالستار ثاني ولد غوث محمد ‘هادي سائين’ 24 محرم 1344هه (15 آگسٽ 1925ع)/ 24 جماد الثاني 1381هه (3 ڊسمبر 1961ع)
(10) صوفي غوث محمد ٻيو، معروف ارشاد عباس ‘رند’ ولد عبدالستار ثاني، 26 جماد الثاني 1381هه (5 ڊسمبر 1961ع)/ 16 شوال 1394هه (2 نومبر 1974ع)
(11) صوفي عطاءُ الله شاهه ‘ستاري’، ولد ارشاد عباس ‘رند’، 18 شوال 1394هه (4 نومبر 1974ع)/ موجوده سجاده نشين.
شاهه عبدالستار ثاني صوفي القادري (نائون گادي نشين)
شاهه غوث محمد صوفي ستاري، قادري (ڏهون گادي نشين)
صوفي عطاءُ الله شاهه ستاري، درگاهه جهوڪ شريف جو موجوده گادي نشين
صوفي شاهه عنايت جا فڪري عقيدتمند
شاهه عنايت پنهنجي دور جو نامور صوفي شاعر، انقلابي ۽ انسان دوست هو. سندس مڪتب مان فيضياب ٿيل اڪثر شخصيتون، بزرگي ۽ شاعريءَ جي تمام مٿانهين مرتبي تي شمار ٿين ٿيون. جهوڪ شريف جي درگاهه جي ڪجهه نامور فڪري عقيدتمندن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
(1) مخدوم محمد معين ٺٽوي: مخدوم محمد معين ٺٽوي عرف مخدوم ٺاري جو نالو هند سنڌ توڙي عرب ۽ عجم ۾ مشهور ۽ معروف آهي. هيءُ ذات جو دَل، ٺٽي جو رهاڪو هو. مخدوم صاحب جو خاندان سنڌ ۾ اعليٰ درجي جو علمي، ادبي ۽ مذهبي خاندان هو. سندس ڏاڏو مخدوم طالب الله، روپاهه جي پٽ باران جي ’دالي‘ ڳوٺ جو رهاڪو، جيڪو علم و فضل ۾ ممتاز حيثيت رکندو هو. مخدوم معين جو والد مخدوم محمد امين جو به ٺٽي جي وڏن عالمن ۾ شمار ٿيندو هو.
مخدوم معين جي ولادت 1093هه مطابق 1682ع ۾ ٿي. هو ننڍي هوندي کان تمام ذهين ۽ پڙهاڪو هو، ابتدائي تعليم والد وٽ حاصل ڪرڻ کانپوءِ وقت جي وڏي عالم مخدوم عنايت الله جي مدرسي مان فارغ التحصيل ٿيو. مخدوم عنايت الله جي وفات (1114هه/ 1702ع) کانپوءِ ‘شاهه ولي الله دهلويءَ’ وٽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو. مخدوم صاحب وٽس فلسفهء الاهيات، حديث ۽ ٻين علمن جي تحصيل ڪئي. شاهه ولي الله وٽ هن ايتري ذهانت سان علم حاصل ڪيو، جو شاهه ولي الله کيس چوندو هو ته “فقد رکبت غضنفرا”. [ترجمو: بيشڪ تون [تحقيق جي ميدان ۾] شينهن تي سوار آهين.]
مخدوم محمد معين، شاهه ولي الله وٽ رهي ‘وحدت الوجود’ جي مسئلن بابت گهڻو ڪجهه پرايو. مخدوم معين، شاهه ولي الله کان پهرين ٺٽي جي نقشبندي بزرگ ‘شيخ ابوالقاسم درس’ کان تعليم ورتي هئي. ٺٽي ۾ هن سيد علي رضا کان شيخ محي الدين ابن عربيءَ جو مشهور رسالو ‘فصوص الحڪم’ پڙهيو ۽ ان کان پوءِ ابن عربيءَ جي صوفياڻي مسلڪ جو سخت حامي ٿي رهيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ مخدوم محمد معين پاڻ ۾ تمام گهاٽا دوست هوندا هئا. ڪڏهن شاهه صاحب، مخدوم صاحب وٽ ته ڪڏهن مخدوم صاحب شاهه صاحب وٽ وڃي ٽڪندا هئا. انهن ٻنهي بزرگن ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي وچ ۾ هميشه مناظرا ٿيندا رهندا هئا.
مخدوم محمد معين ٺٽوي جڏهن دهليءَ مان ٺٽي واپس آيو، تڏهن مخدوم هاشم ٺٽوي هن وٽ حديث جي علم جي سند حاصل ڪئي، پر ٻنهي جي وچ ۾ مسلڪي اختلاف برقرار رهيا. مخدوم معين اهل بيت ڪرام سان عقيدت رکندو ۽ ماتم کي جائز قرار ڏيندو هو، گڏوگڏ شاهه عنايت جهوڪ واري جي نقطهء نظر ‘الارض لله’ جو پڻ حامي هو، ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ٻنهي ڳالهين ۾ سندس مخالف هو. مخدوم محمد معين جي شاگردن ۽ دوستن ۾ شاهه الله علوي'>فقير الله علوي، مخدوم جلال محمد، مولوي محمد صادق، مخدوم محمد حيات سنڌي مدني، جعفر شيرازي، شرف الدين علي، مير مرتضيٰ سيوستاني ۽ مير نجم الدين عزلت (مخدوم معين جو ڀاڻيجو) جا نالا سرفهرست آهن. مقالات الشعراءِ جو مؤلف لکي ٿو ته، “مخدوم محمد معين ٺٽوي پنهنجي دور جو تمام وڏو عالم ۽ بزرگ هو، انهيءَ ڪري کيس ڪافي مخالفت سهڻي پئي. پاڻ شاهه عبداللطيف جو ساٿي ۽ صحبتي هو. شعر به ڪافي چيائين. هن جو شعر فارسي ۽ هندي (اردو) ۾ آهي. فارسيءَ ۾ ‘تسليم’ ۽ اردوءَ ۾ ‘بيراگي’ تخلص استعمال ڪندو هو.”
مخدوم محمد معين وڏي عالم هئڻ سان گڏ صوفياڻي ۽ فقيراڻي لڏي جو درويش هو. زندگيءَ جو آخري دم به پنهنجي دوست لطيف سائينءَ جي موجودگيءَ ۾ ڏنائين. چون ٿا ته شاهه لطيف، مخدوم صاحب جي وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجن مريدن کي چيو ته “هلو ته يار جو آخري ديدار ڪري اچون” ۽ ڀٽ تان مريدن سميت اچي ٺٽي ۾ مخدوم معين وٽ پهتو، اتي اڳ ئي راڳ ۽ سماع هلي رهيو هو. مخدوم معين، شاهه صاحب سان ملاقات ڪرڻ کان ترت پوءِ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. سندس وفات 1161هه / 1747ع ۾ ٿي.
سندس وفات تي محمد محسن ٺٽوي، مخدوم نعمت الله ٺٽوي، مخدوم رحمت علي ٺٽوي، ميان محمد پناهه رجا ٺٽوي، ميرزا محمد فاضل بيگ ‘فاضل’ ۽ ٻين ٺٽي جي شاعرن قطعه تاريخون چيون آهن.
چيو وڃي ٿو ته مخدوم معين جي قبر تي بيهي، شاهه لطيف هيٺيون بيت پڙهيو هو:
جا ڀُون پيرين مون، سا ڀُون مٿي سڄڻين،
ڌڱ لـٽـبـا ڌوڙ ۾، اُڀــي ڏٺـا ســون ...
مخدوم محمد معين جون تصنيفون لاتعداد آهن، جن مان ‘رساله اويسيه’ اهم آهي، جنهن ۾ هن شاهه لطيف جي ‘اويسيه’ فڪر بابت پڇيل سوالن جا جواب لکيا آهن.
مير الله شاهه رضوي'>جان الله شاهه رضوي: جان الله شاهه، شاهه عنايت شهيد جهوڪ واري جي خليفن مان هو. سندس والد مير حيدر شاهه رضوي، سيد محمد مڪيءَ جي اولاد مان هو. سندس وڏا پهريائين بکر ۾ رهندا هئا، پوءِ مير جان الله شاهه رضويءَ جي مزار (روهڙي)
مرزا شاهه بيگ جي زماني ۾ هي رضوي سادات بکر مان لڏي اچي روهڙي ۾ رهيا. مير جان الله شاهه روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ۽ تربيت پنهنجي ئي خاندان ۾ ٿي. سندس خاندان علمي لحاظ سان تمام وڏي درجي تي رسيل هو. مير جان الله شاهه به علم جي وڏي درجي تي رسيو. ننڍپڻ کان سندس طبيعت غور ۽ فڪر واري هئي. هن ننڍپڻ کان ئي شاهه عنايت جهوڪ واري جي فيض جو پيالو پيتو. جان الله شاهه، صوفي شاهه عنايت جي وڏن خليفن ۾ اهم حيثيت رکندڙ ۽ سندس خليفو اول هو. شاهه عنايت [شهيد] جي سڀني تذڪري نگارن شاهه شهيد جي خليفن جو احوال لکندي سڀ کان پهرين مير جان الله شاهه جو ذڪر ڪيو آهي. مير جان الله شاهه صوفي، شاهه عنايت جي فڪر جو شارح هو. مٿس شاهه عنايت شهيد جي زندگيءَ جو گهرو اثر هو. هُو فارسيءَ جو بهترين شاعر هو. سندس ‘ديوان مير’ گهڻو مشهور آهي. سندس شاعريءَ تي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙي، تحقيق ڪري ‘Editing and Exegesis of Diwan Sayyed Janullah Rizwi of Lohri (Rohri)’ جي عنوان سان ٿيسز لکي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان
پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي.
جان الله شاهه جي شاعريءَ ۾ تصوف جي اپٽار آهي ۽ تصوف جي باريڪ نُڪتن سان ڀرپور سندس ڪلام متاثر ڪندڙ آهي.
شاهه شهيد جو صوفياڻو فڪر مير جان الله جي شاعريءَ ۾ سٺي نموني پسي سگهجي ٿو. سندس شاعري شاهه شهيد جي فڪر جو آئينو آهي. ڪٿي ڪٿي ‘اناالحق’ جو آواز ۽ سرمد واري سرمستي نظر اچي ٿي. وٽس بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج کان وٺي شاهه شهيد تائين فڪري تسلسل موجود آهي. سندس شاعريءَ ۾ ڪيترن هنڌن تي فارسي شاعرن حافظ کان وٺي صائب تائين جو تذڪرو به ملي ٿو. هن جي ڪلام ۾ عظيم سنڌي تصوف جي روايت جي تاريخ آهي. سنڌي تصوف جي بلنديءَ جو ڇيهه ۽ صوفي شاعريءَ جو معراج موجود آهي. ڀارت ۾ رهندڙ ڊاڪٽر هرو مل ’خادم‘ سدارنگاڻي‘Persian Poets of Sindh’ ۾ لکي ٿو ته :
‘Mir was greatly respected for his profound scholarship and his simple and Pious Life.’
جان الله شاهه رضويءَ 6 ربيع الاول 1167هه/ 01 جنوري 1754ع ۾ وفات ڪئي.
روح الله بکري: الله بکري'>روح الله بکري، بکر جو رهاڪو ۽ منقول ۽ معقول علمن جو ماهر هو. سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي جو مٿس
وڏو اعتقاد هو. مير علي شير قانع ٺٽويءَ لکيو آهي ته، “1166هه ۾ منهنجي ملاقات مخدوم روح الله بکريءَ سان محمدآباد ۾ ٿي.
مون کي هو ڪمالات جو مالڪ نظر آيو. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن شعر ۽ شاعريءَ ڏانهن به ڌيان ڏيندو هو. مخدوم صاحب فرمايو ته ڪنهن شاعر نادر شاهه جي تخت نشينيءَ جي تاريخ ‘الخير فيما وقع’ (نادر شاهه جي تخت نشيني ڀلائيءَ واري آهي) فقري مان 1148هه ڪڍي هئي، پر مون چيو ته ‘لاخير فيما وقع’ (ان ۾ ڪا ڀلائي ڪونهي) هن فقري يا جملي مان به 1148هه تاريخ نڪري ٿي.”
صوفي شاهه عنايت شهيد (شهادت 1130هه) جو لکيل هڪ خط مليو آهي، جيڪو هن مخدوم روح الله کي لکيو هو، جنهن مان به سندس علميت ۽ اهميت جو اندازو ٿئي ٿو. مخدوم صاحب ٻارهين صدي هجريءَ جي پوئين اڌ ۾ وفات ڪئي.
روحل فقير: روحل فقير ڪلهوڙن جي دور جو، سنڌ جو صوفي ۽ ويدانتي ڪلاسيڪي شاعر ٿي گذريو آهي. هن مسلمان ۽ هندو بزرگن وٽان روحاني فيض حاصل ڪيو هو، جن مان شاهه عنايت جهوڪ وارو اهم آهي. هڪ روايت موجب روحل فقير جهوڪ ميرانپور ۾ شاهه عنايت شهيد جي مزار تي چلي ۾ وڃي ويٺو ۽ فارغ ٿيڻ کان پوءِ، اندر جي آواز روحل فقير زنگيجو
تي درگاهه جهوڪ جي گادي ڌڻي شاهه عزت الله جي مردن ۾ شامل ٿيو، جيڪو شاهه شهيد جو فرزند ۽ وقت جي وڏن ولين مان هو. روحل فقير جو ٻيو رهبر ٿرپارڪر (عمرڪوٽ) جو ڏونگر سي مهراج هو، جيڪو پنهنجي دور جو وڏو ساڌو ٿي گذريو اهي. شاهه عنايت جي روحاني صحبت ۽ ڏونگر سي مهراج جي سنگ ۾ روحل تي جيڪو تصوف ۽ ويدانت جو رنگ چڙهيو، اهو سندس شاعريءَ مان پڌرو آهي. روحل فقير سنڌي ۽ هنديءَ جو وڏو شاعر هو.
روحل فقير جو والد شاهو خان يار محمد ڪلهوڙي وٽ ملازم رهيو هو ۽ روحل فقير (1734- 1804ع) وري پاڻ غلام شاهه ڪلهوڙي (دور حڪومت: 1762-1772ع) جي ملازمت ۾ رهيو، ڪلهوڙن جي بادشاهه گرديءَ واري زماني جو پورو مشاهدو ڪرڻ بعد ميان سرفراز ڪلهوڙي جي وقت ۾ ملازمت ڇڏي ويراڳي بڻيو. ان رنگ ۾ رڱجڻ بعد حياتيءَ جو گهڻو حصو سير سياحت ۾ گذاريائين. جوڌپور کان بيڪانير تائين خوب گهميو ۽ ڪيترا ماڻهو سندس فڪر کان فيضياب ٿيا، جوڳي فقير کانئس جوڳ جي پاکر وٺندا هئا. هن جوڌپور جي راجا بجئه سنگهه کي به صوفي مسلڪ کان واقف ڪيو، ان لاءِ هن ڪتاب ‘آگم ورتا’ رچيو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته کيس هندو ڌرم ۽ ويدانت جي وڏي ڄاڻ هئي. راجا کيس جوڌپور ۾ رهڻ لاءِ زور ڀريو، پر روحل فقير رهڻ کان انڪار ڪيو.
روحل فقير، حڪمرانن ۽ حملي آورن جا ڪيترا واقعا اکئين ڏٺا، جهڙوڪ: (1) ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جو راجا بجئه سنگهه جي ماڻهن ذريعي مير بجر خان کي دغا وسيلي مارائڻ، (2) ميان عبدالنبي ۽ مير فتح علي خان ٽالپر جي جنگ ۽ عبدالنبي ڪلهوڙي جي هار،
(3) نادر شاهه جي 1739ع ۾ سنڌ تي ڪاهه، (4) 1754ع ۾ احمد شاهه ابداليءَ جي سنڌ تي ڪاهه وغيره. اهڙيءَ طرح روحل فقير جي جنم کان 16 سال اڳ شاهه عنايت جهوڪ واري جي شهادت واقع ٿي هئي، جنهن جي ڪيترن اکين ڏٺن شاهدن سان سندس ملاقات ٿي هئي. شاهه شهيد جي شهادت ۽ تحريڪ جو اثر قبولي روحل فقير سندس فرزند شاهه عزت الله جو مريد ٿيو هو. آخري وقت ۾ هن دنيا جي ڪوڙي واءَ ۽ وڏائيءَ کي ترڪ ڪري وڃي پدمات [عمرڪوٽ] جا پَٽ وسايا هئا.
چون ٿا ته هن ڪلهوڙن جي ملازمت ڇڏي ته ڪن منصوبي بازن ميان سرفراز جا وڃي ڪن ڀريا ته روحل فقير توشاخانيءَ جو سامان سنڀالي نه ڏئي ويو آهي. ميان سرفراز حڪم ڏنو ته کيس گرفتار ڪري وٺي اچو. سپاهي پدمات جي پٽ تي صوفي روحل کي گرفتار ڪرڻ ويا، هن کين چيو ته “حاضر سڀاڻي هلنداسون”. اتفاق اهڙو ٿيو جو ٻئي ڏينهن مير بهرام جي شهادت کانپوءِ سرفراز ڪلهوڙو حڪومت تان لهي ويو.
روحل فقير جو هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو:
پڙهيـا بيـد ڪتيـب جا، ٿـا ڏيـن ڏورانهـان ڏس،
سي سچ سڃاڻن ڪينڪي، موهيا پسـي مس،
راتيان ڏينهان روحل چئي، رڙهي تنهن کـي رس،
پـيـر پـريـان جـو پـس، نـائـي ڪـنـڌ قـلـوب ۾.
مراد فقير: مراد فقير جو شمار سنڌ جي مشهور ڪلاسيڪي شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. مراد فقير روحل فقير جي قريبي صحبتين مان هو ۽ سفر ۽ حضر ۾ ساڻس گڏ رهيو هو. مراد فقير جي والد جو نالو محمد حيات هو، جيڪو روحل فقير جي سوٽن مان هو ۽ ذات جو زنگيجو هو. مراد ۽ روحل فقير جي عمرين ۾ ڏهن سالن جو فرق آهي.
مراد فقير جو جنم زباني روايتن موجب 1742ع يا 1743ع ۾ ٿيو هو. هو هندي، فارسي، سرائيڪي ۽ سنڌي زبانن جو ڄاڻو هو. سندس جواني ڪهڙين حالتن ۾ گذري، ان جي ڄاڻ نه ٿي پوي، پر اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته ننڍي هوندي ئي روحل فقير جي صحبت ۾ وڃي رهيو. جڏهن هو پدمات جي پٽ تي گوشه نشين ٿيو هو، مراد فقير ان وقت ساڻس گڏ هو. مراد فقير ان وقت ساڻس گڏ هو، جنهن جو هڪ بيت آهي ته:
وَر پُــسـي پـدمـات جـي، ٻـن هـڻـي هــالار،
جي هئن هيڪاندار يار، ته ڏکيا ڏينهن نه ساريان!
مراد فقير، روحل فقير سان سير سفر ۾ به شريڪ رهيو. هن به روحل جي رنگ ۾ رڱجي [شاهه عنايت جهوڪ واري جي] ساڳي راهه اختيار ڪئي. مراد فقير چوي ٿو:
دوست جهين دا دل وچ هووي، سا ڪيون ڳليان ڳولي،
لُون لُون دي وچ ’جهوڪ‘ جهني دي، سا مول نه ٿيوي اولي.
مـراد فقـيـر، المستيءَ ۾ اچي خود روحل فقير جا راز پڌرا ڪيا. هن الستي عشق سان گڏ حب الوطنيءَ جو به بيان برملا ڪيو آهي.
شاهه شهيد جي شهادت جي ذڪر سان گڏ مدد خان پٺاڻ جي سنڌ تي حملي خلاف سندس هيٺين ڪافيءَ ۾ ذڪر موجود آهي:
ڪيتئي يار دي نال جو وعيد ميان،
درد والي رک ديد ميان!
وحدت دي وڻجاري هوڪي ڏيندي،
در در ’هل من مزيد‘ ميان!
سردي سودي سورهيه ڪريندي،
سوري چڙهه ٿيون شهيد ميان!
ماري ‘مدد’ ڪون مِل دور ڪرو،
ڇوڙ وڃي ‘يهودي يزيد’ ميان!
‘حــب الـوطـن’ ايــمــان اســا ڏا،
‘مـراد’ ڪرين اها عيد ميان!
مراد فقير ڪلهوڙن جي پرآشوب دور گذرڻ کانپوءِ پنهنجي رهنما سان گڏجي ڪوٽ ڏيجيءَ ڀرسان ڪوٽلي ۾ اچي رهيو، جتي هن روحل فقير جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس خدابخش ۽ فقير دريا خان پٽ ٿيا. مراد فقير 1796ع ۾ وفات ڪئي ۽ ڪوٽلي ۾ دفن ڪيو ويو. فقير صاحب جي وفات کانپوءِ روحل فقير ڪوٽلي کي ڇڏي وڃي ڪنڊڙيءَ ۾ رهيو.
صوفي صادق فقير: صوفي صادق فقير جا وڏا اصل ۾ ڪڇ جا رهاڪو هئا. سندن والد دين محمد سومرو ڀاڳيو ۽ مالدار هو، جيڪو پوءِ لڏي ڳوٺ ڍوڍاري، تعلقي مٺيءَ ۾ اچي رهيو. صادق فقير جو جنم شاهه لطيف جي وفات (1165هه) کان پنج سال پوءِ 1170 هجري مطابق 1756ع ۾ ٿيو. صوفي صادق فقير جو روضو
صادق فقير طريقت جي سلسلي موجب جهوڪ وارن صاحبن جو مريد صادق هو. صوفي صادق فقير ٽالپر اميرن جي اوائلي حڪومت واري دور ۾ جوانيءَ جي پور ۾ آيو. وقت جي رواج موجب قرآن شريف ۽ فارسيءَ جي مڪتبي تعليم حاصل ڪيائين. نوجوانيءَ ۾ سرڪش ٿي ساماڻو، ڌاڙا هنيائين ۽ ڏاڍ مڙسيءَ ۾ نالو ڪڍيائين. جوانيءَ جي موٽ (چاليهن سالن جي عمر) کانپوءِ سندس طبيعت فقيريءَ ڏانهن مائل ٿي. سندس ڏاڏو فقير جلال الدين، شاهه عنايت شهيد جو مريد هو، جڏهن ته سندس والد فقير دين محمد بلڙيءَ وارن بزرگن جو مريد ٿيو. فقير محمد صادق ميرانپور [جهوڪ] جي درگاهه ڏانهن موٽ کاڌي، جتي کيس صوفي فضل الله شاهه قلندر کان فيض مليو، جنهن سندس اندر اُجاري
اڇو ڪيو. هن جي ڏاڍ مڙسي، سلوڪ ۽ طريقت جي سجاده نشينيءَ جا 15 سال صوفي صادق جا ميرانپور ۾ مرشد جي حاضريءَ ۾ گذريا.
هن شاهه شهيد جهوڪ واري جي شان ۾ سُر ڪيڏارو لکيو. مرشد صوفـي فـضـل الله جـي وفـات (1827ع) کانـپـوءِ هـن پنهـنجـو ڳـوٺ
‘اهـر’ (موجوده صوفي آباد، عمرڪوٽ) ۾ اچي خانقاهه قائم ڪئـي ۽ ماڻهن جي دلين تي صوفي فضل الله جي وڏي خليفي جي حيثيت
۾ وڏو اثر ڪيو ۽ سندس پوئلڳن جو دائرو وسـيع ٿيـندو ويـو. فقير
فضل الله کان پوءِ فقير محمد صادق، ميرانپور جي صوفي قادري طريقي جو اڳواڻ ٿي رهيو ۽ ‘صوفي صادق شاهه’ جي لقب سان مشهور ٿيو. باقي 22 سال زندگي اعليٰ مقام ۽ مرتبي سان گذاري 1265هه (1849ع) ۾ ڳوٺ ‘اهر’ ۾ وفات ڪيائين، جتي سندس مقبرو آهي، جتي هر سال سندس ميلو لڳندو آهي.
سلوڪ ۽ طريقت ۾ فقير صاحب جي تصنيف ‘دردنامو’ خاص اهميت رکي ٿو. ان کان سواءِ صوفي صاحب جو ‘راڳنامو’ سنڌي راڳ جي تاريخ جي هڪ خاص سلسلي، راڳ جي هڪ رسالي ۽ آڳاٽي سنڌي ڪلام جي هڪ مکيه ذخيري جي لحاظ سان خاص اهميت رکي ٿو. هي راڳنامو، شاهه جي رسالي کان پوءِ هڪ خاص ادبي حيثيت جو حامل آهي. شاهه جو رسالو، هن رسالي جو ماخذ ۽ مثالي سرچشمو آهي.
صوفي صادق جو سنڌي ڪلام پهريون ڀيرو راڄ محمد پليءَ تحقيق ڪري ٽماهي ‘مهراڻ’ (خاص اشاعت ڏهه ساله مبر 1955- 1965) ۾ شايع ڪيو، جنهن کي اڳتي هلي سوڌي سنواري ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ ‘وڙهيا، واڳيا، واپريا’ عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان کي ٻيهر نئين سر لياقت جوڻيجي ‘صوفي صادق جو رسالو’ عنوان سان ڇپرايو آهي.
شاهه عنايت شهيد جهوڪ واري بابت صوفي صادق جي ڪيڏاري مان ٻه بيت ڏجن ٿا:
‘صوفي’ سڀن ۾ اڳرو، ٻيا مڙيئي پوءِ،
جهڙي صفائي صوفيءَ کي، تهڙي سج نه هوءِ،
هتي آهي ڪونه ڪو، مرد نڪا ڪا جوءِ،
ڳجهه اندر جون ڳالهيون، اندر پيٺو چوءِ،
‘صادق’ آهي سوءِ، جنهن اندر ‘هو’ هلي ويو!
-
ڏنو سِر ڏِکَ تي، ‘صوفين جي سردار’،
ڳائي ڳالهائڻو ٿيو، سر ڌڙان ئي ڌار،
ڪندو ڪير ڪوار، جو ڪلمي سين ڪاٽيو!
بيدل فقير: بيدل فقير عرف فقير قادر بخش بيدل، سنڌ جي ڪلاسيڪي ادب/ شاعريءَ ۽ تاريخ جو اهم نالو آهي. هو هڪ باڪمال شاعر، وڏو عالم ۽ اعليٰ پائي جو مفڪر ۽ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام، شاهه عبداللطيف ۽ سچل سرمست کانپوءِ سنڌ ۽ هند ۾ تمام
گهڻو مقبول ٿيو. فقير قادر بخش بيدل جي شخصيت سنڌ جي ادبي ۽ فڪري تاريخ ۾ گهڻ رخي رهي آهي. هو هڪ ئي وقت سنڌي، اردو، هندي، فارسي ۽ عربي ٻولين جو شاعر، نثر نويس ۽ جيَد عالم به هو. ان کان سواءِ قرآن، حديث، فقھ وغيره جو وڏو ڄاڻو هو. ان سان گڏ هو
تاريخ ۽ ادب جو گهرو مطالعو رکندڙ ۽ برصغير جي موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو.
بيدل فقير جو اصل نالو قادر بخش هو. هن 1815ع مطابق 1231 هجريءَ ۾ فقير محمد محسن [قريشيءَ] جي گهر روهڙي ۾ جنم ورتو. ڄمڻ وقت سندس نالو ‘عبدالقادر’ رکيوويو، پر جڏهن سن شعور کي پهتو، تڏهن حضرت عبدالقادر جيلانيرح جي عقيدت منديءَ سبب پاڻ کي ‘قادر بخش’ سڏائڻ لڳو. سندس تصنيفن ۾ ٻنهي نالن جو استعمال ٿيل آهي.
فقير قادربخش بيدل جو والد فقير محمد محسن هڪ درويش صفت شخص هو ۽ اڪثر وقت رياضت ۽ عبادت ۾ گذاريندو هو. هو ڀاڳناڙيءَ جي سيد عبدالوهاب شاهه جيلاني جو دست بيعت مريد هو ۽ ان جي وسيلي سان مير الله شاهه رضوي'>جان الله شاهه رضوي (دوئم) جو به معتقد ٿيو. فقير محمد محسن [بيدل جي والد] 1259 هه مطابق 1856ع ۾ وفات ڪئي. فقير قادر بخش بيدل، والد جي وفات وقت 29 سالن جو هو. بيدل جا وڏا اصل روهڙيءَ جا رهاڪو هئا ۽ تسر جي اُڻڻ جو ڪم ڪندا هئا.
فقير قادر بخش بيدل پنهنجي وقت جو نهايت پڙهيل ڳڙهيل ۽ اعليٰ تعليم يافته شخصيت جو مالڪ هو. هن جي ولادت هڪ درويش ۽ قادري طريقي جي دست بيعت صوفيءَ جي گهر ۾ ٿي. سندس والد وٽ صوفي درويش ۽ مفڪر ايندا هئا، ان ڪري بيدل فقير جي ابتدائي تربيت هڪ عالماڻي ۽ عارفاڻي ماحول ۾ ٿي، جنهن جو ثبوت سندس ڪثير تصنيفون آهن. بيدل فقير روهڙيءَ جي ڪهڙن مدرسن ۽ ڪهڙن استادن وٽ تعليم حاصل ڪئي، ان جو مستند پتو نه ٿو پوي. فقير بيدل پاڻ به ڪنهن تصنيف ۾ استاد يا مدرسي جو ذڪر نه ڪيو آهي. خانداني روايتن موجب فقير بيدل پنجن کان ٻارهن ورهين تائين مڪتبي تعليم حاصل ڪئي. سمجهه ۾ اچي ٿو ته هن پنهنجي والد جي صحبت، وقت جي عالمن ۽ صوفين کان تعليم حاصل ڪئي هوندي. بيدل فقير جو برصغير جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ جو ڳوڙهو اڀياس ٿيل هو. فارسيءَ جو ڄاڻو هئڻ ڪري مولانا رومي، سعدي، حافظ شيرازي ۽ عطار جي ڪلام جو هن گهرو مطالعو ڪيائين. ان کان سواءِ سنڌ جي اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعري به سندس مطالعي هيٺ رهي. هن سنڌ جي علمي ۽ صوفي مرڪزن سيوهڻ، ڀٽ شاهه، جهوڪ شريف، درازا، پير جي ڳوٺ، پريالوءِ، نوشهري فيروز ۽ ڪنڊڙيءَ وڃي هتان جي درگاهن جي فڪري تحريڪ کان آگاهي حاصل ڪئي. صوفي فقيرن سان ڪچهريون ڪيون ۽ سندن فڪري پيغام کان متاثر ٿي رچي ريٽو ٿيو. ڪجهه روايتن موجب هن مير علي گوهر شاهه ‘اصغر’ کان شاهه شهيد مثنوي مولانا روم جا سبق ورتا ۽ مولوي عبدالرحمان سکر واري وٽ ‘شرح جامي’ به پڙهيو. سمجهه ۾ اچي ٿو ته هن سنڌ جي مختلف عارفن ۽ صوفي درويشن کي پنهنجو مرشد سمجهيو آهي. سندس ڪلام ۾ حضرت قلندر شهباز، الله شاهه رضوي'>جان الله شاهه رضوي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست سان عقيدت جو کُليو اظهار ملي ٿو.
فقير قادر بخش بيدل تعليم تربيت ۽ سير سياحت کان پوءِ تصنيف ۽ تاليف جو وڏو ڪم ڪيو. هن 59 سالن جي حياتيءَ ۾ عربي، فارسي، سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو ۾ نظم ۽ نثر جا ٽيهارو ڪتاب تصنيف ڪيا، جن مان اڪثر ڪتاب عربي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ آهن. سندس مشهور ڪتابن ۾ ‘مثنوي رياض الفقر’، ‘ديوان سلوڪ الطالبين’، ‘رموز القادري’، ‘ڪرسي نامه’، ‘سرودنامو’ (سنڌي ۽ سرائيڪي ڪافين جو مجموعو)، ‘وحدت نامو’ (سنڌي بيتن جو مجموعو)، ‘غزليات هندي’ (اردو ڪلام)، ‘ديوان بيدل’ (فارسي) ۽ ‘پنج گنج ’ وغيره شامل آهن.
پنج گنج فقير بيدل جو مقبول ترين ڪتاب آهي، جنهن ۾ قرآن، حديث، مثنوي، فارسي شاعري ۽ شاهه جا سنڌي بيت پڻ ڏنل آهن.
سندس ڪلام کي ‘ديوان بيدل’ جي نالي سان ترتيب ڏيئي گدو مل کٽڻ مل هرجاڻيءَ، پهريون ڀيرو 41-1940ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ‘ديوان بيدل’ جو هڪ اهم نسخو عبدالحسين شاهه موسويءَ ترتيب ڏئي ڇپايو. اردو ڪلام'>بيدل جو اردو ڪلام نوجوان محقق ۽ شاعر اختر درگاهيءَ ‘اردو ڪلام'>بيدل جو اردو ڪلام’ عنوان سان ترتيب ڏئي 1997ع ۾ ڇپايو هو، جيڪو ٻيهر ‘ديوان بيدل’ (بيدل ڪا اردو ڪلام) عنوان سان 2003ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. هن ڪتاب ۾ لائق محقق، بيدل جي سوانح عمري، تعليم ۽ تربيت، بيدل جي صحبتن ۽ تصنيف ۽ تاليف جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. بيدل جو تفصيلي رسالو، اختر درگاهيءَ ترتيب ڏئي 2015ع ۾ ڇپايو آهي.
بيدل فقير 16 ذوالقعد 1289هجري مطابق 15 جنوري 1873ع ۾ وفات ڪئي. هر سال سندس مزار تي روهڙيءَ ۾ ميلو ۽ عرس منعقد ٿيندو آهي.
قادر بخش بيدل جي مزار جو اندريون ڏيک
بيدل فقير جي شاهه عنايت شهيد سان وڏي عقيدت هئي، جنهن جو ذڪر هن فارسي ‘ڪرسي نامن’ ۽ قصيدي ۾ ڪيو آهي، ۽ پهريون سنڌي عالم آهي، جنهن شاهه شهيد جي طريقت وارو سلسلو منظوم نظم ۾ قلمبند ڪيو آهي. شاهه عنايت بابت فارسيءَ ۾ چيل ڪرسي نامن مان مختصر اقتباس هيٺ ڏجن ٿا:
(1)
يا رب بحرمتِ شھِ ڪونين مصطفيٰ،
يا رب بحرمتِ شھِ مردان مرتضيٰ.
.......
با حق ‘عنايت الله صوفي شهيدِ حق
طريق ثاني
(2)
باحرمتِ وحيد شهيدِ فرنگِ عشق،
و حضرتِ ‘عنايت الله سلطان اصفيا’.
هتي بيدل فقير جي هڪ قصيدي جو اختصاري ترجمو ڏجي ٿو، جنهن ۾ شاهه شهيد جي صفت، ملن جي حسد، سندن ولايت جي واس، دشمنن جي سازش، فرخ سير جي مخالفت ۽ شهادت جو ذڪر آهي:
“هو [شاهه عنايت] اهڙو شهنشاهه آهي، جنهن جو عرش تي آستانو آهي، هي عشق هُماء [پکي] آهي ..... هو جڏهن هن ‘ناسوتي’ ملڪ ۾ آيو ته ‘لامڪان’ جي ڳولا شروع ڪيائين... ملتان وڃي .... بزرگن سان روح رهاڻيون ڪيائين.... پوءِ دکن ويو... برهانپور ويو... شاهه عبدالملڪ.... وٽان کيس ڳجها راز معلوم ٿيا.... مرشد کيس تلوار ڏني ته ... هيءَ آزمائش وقت تو کي ڪم ايندي.... مختلف ملڪ [دهلي، خراسان] گهميو... ملن کي مٺيان لڳي... سنڌ جي حاڪم عباسي [ڪلهوڙي] کي گهڻي ڪاوڙ آئي ۽ دهليءَ دانهن ڏئي فرخ سير کي ڀڙڪايو. هنن دهليءَ جي حاڪمن کي ٻڌايو ته شاهه عنايت فقيرن جي فوج گڏ ڪري رهيو آهي... ۽ ملڪ تي قبضو ڪري وٺندو. پوءِ فرخ سير فسادين جي چڱي مڙس [يار محمد ڪلهوڙي] کي هڪ وڏو لشڪر ڏنو ته جيئن هو شاهه ۽ سندن مريدن جو خاتمو ڪري .... شاهه عنايت ۽ سندن مريدن تي حملو ڪيو ويو.... شاهه عنايت تي ٻه ٽي وار ڪيا ويا، پر انهن جو ڪو خاص اثر نه ٿيو. پوءِ شاهه عنايت قاتل کي پنهنجي تلوار ڏئي چيو ته، “اچي هيءَ تلوار وٺ”. انهيءَ تلوار سان کين شهيد ڪيو ويو”- وغيره وغيره.
سيد رکيل شاهه: شاهه شهيد جي فڪر جو پوئلڳ، نامور صوفي شاعر ۽ بزرگ سيد رکيل شاهه ولد نور محمد شاهه جو جنم، 16 مارچ 1846ع تي بلوچستان جي ڳوٺ حليم شاهه، تعلقي ميرپور ۾ ٿيو. سيد رکيل شاهه قرآن شريف کان سواءِ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم به حاصل ڪئي. سيد رکيل شاهه تي سندس وڏي ڀاءُ ميان عبدالنبي شاهه جو تمام گهڻو اثر هو.
ڪنهيا لال، رکيل شاهه جي مجموعه ڪلام ‘بحر العشق’ ۾ لکي ٿو ته: “ميان عبدالنبي شاهه، هڪ ڏينهن رکيل شاهه کي چيو ته اسان کي تلقين ڪرڻ جو امر ڪونهي، تنهنڪري پنهنجي امانت حاصل ڪرڻ لاءِ شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جهوڪ شريف ڏي وڃي پنهنجي امانت حاصل ڪر.”
ميان عبدالنبي شاهه جي وفات کانپوءِ ٽيجهي جو ختمو ڪري، رکيل شاهه چوٿين ڏينهن جهوڪ شريف وڃڻ لاءِ نڪتو، پهرين روهڙيءَ ۾ آيو ۽ اتي شاهه عنايت جي خليفي جان الله شاهه جي درگاهه تي حاضري ڀريائين ۽ گادي نشين ميان علي اڪبر شاهه سان ملاقات ڪرڻ بعد جهوڪ شريف پنڌ پيو. جهوڪ شريف پهچي گادي نشين عبدالستار صوفي القادريءَ جي هٿ تي بيعت ڪيائين. سيد رکيل شاهه قادرالڪلام شاعر هو، سنڌيءَ سان گڏ سرائيڪي، بلوچي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪيائين. سندس ڪلام جو موضوع عشق ۽ تصوف آهي. هن خاص طور ڪافيءَ جي صنف ۾ پنهنجي فڪر ۽ نظريي جي پرچار ڪئي آهي.
سندس چئن فرزندن مان سيد سائين چيزل شاهه پيءُ وانگر صوفي شاعر ۽ بزرگ هو.
صوفي رکيل شاهه 1940ع ۾ وفات ڪئي. سندس شاعري ڪيترن ئي صوفي فنڪارن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. رکيل شاهه جي ڪلام ۽ زندگيءَ جي احوال کي سهيڙي ‘بحرالعشق’ جي نالي سان 1987ع ۾ هڪ ڪتاب ڇپايو ويو.
سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ميرانپور جا مڱڻا، ڪر پرينءَ جي پچار،
دست ورتم دلبر جو، اجهي عبدالستار،
سڪ ٻڌايم سندرو، ڏينهن چڱي ڪنهن وار،
هو جي تند تنوار، رکيل لوري يار جي!
-
جهلو جهوڪ ڌڻين جو، جت فقرائن جي فوج،
جاري فيض فتحپور تي، ميرانپور جي موج،
طالب تسا ٽوڙ جا، اکين لاهن اوج،
محبت واري فوج، ‘رکيل’ جي آيا در الله جي!
چيزل شاهه: مشهور صوفي ۽ ڪافي گو شاعر سيد چيزل شاهه وقت جي وڏي صوفي شاعر سيد رکيل شاهه جو فرزند هو. سيد چيزل شاهه بلوچستان جي ڳوٺ فتح پور تعلقي گنداواهه ۾ 1332هه مطابق 1914ع ۾ ڄائو. سيد رکيل شاهه پنهنجي فرزند سيد چيزل شاهه کي تعليم ڏيارڻ لاءِ مولوي استاد پير بخش شاهه وٽ ڇڏيو، جتي هن ديني تعليم، عربي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي.
سيد چيزل شاهه ننڍپڻ کان وٺي صوفي شاهه عنايت شهيد جهوڪ واري جي درگاهه تي پيءُ سان گڏ حاضريون ڀريندو هو ۽ سندس شمار شاهه شهيد جي سلسلي جي اهم شاعرن ۾ شمار ٿيندو هو.
هن 21 سالن جي عمر ۾ پنهنجي پيءُ جي هٿ تي بيعت ڪري صوفي طريقي جي راهه اختيار ڪئي ۽ پيءُ جي پيرويءَ ۾ درگاهه جهوڪ شريف جي طالبيءَ ۾ رهيو. سيد رکيل شاهه صوفيءَ جي لاڏاڻي بعد صوفي چيزل شاهه سجاده نشين ٿيو. سندس سڄي زندگي هڪ سچي صوفيءَ جو مثال هئي. سادي زندگي بسر ڪندو هو.
هن صوفي شاعر جي ڪلام ۾ تصوف ۽ عشق جا راز ۽ رمزون بيان ٿيل آهن. محبت جي مهراڻ جون ڇوليون ۽ صوفياڻيون صدائون آهن. سيد چيزل شاهه جي ڪلام ۾ قرباني، محبت ۽ انسانيت جو درس ملي ٿو.
سيد چيزل شاهه پنهنجي ڪلام ۾ ڪٿي منصور، سرمد، شاهه عنايت، سچل فقير، روحل فقير ۽ سيد رکيل شاهه وانگر دم هڻي ٿو ته ڪٿي شاهه لطيف، ڪبير ڀڳت، گرونانڪ ۽ ساميءَ وانگر عجز ۽ نياز جو پتلو بڻجي وڃي ٿو، ته ڪٿي وري رومي، جامي ۽ سعديءَ وانگر طالب ٿي، زندگي گذارڻ جو درس ڏئي ٿو. سندس ڪلام ۾ هر رنگ موجود آهي.
سيد چيزل شاهه، 15 شعبان 1404هه/ 1984ع تي وفات ڪئي. کيس فتح پور ۾ ئي دفن ڪيو ويو. سندس ڪلام ‘بحر العميق’ جي نالي سان شايع ٿيل آهي، جنهن جو نئون ڇاپو حڪيم اعجاز حسين چانڊيي جي ترتيب ڏنل ‘بحر العميق’ روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري پاران 2010ع ۾ شايع ٿيو. سندس هڪ ڪافي نموني طور ڏجي ٿي:
عشق عجب هت آيو آيو،
ناتو ٿي نينهن نڀايان.
عشق بيٺو ميدان ملهائي،
سوريه سر جو سانگو لاهي،
جيئري جسم جلايو جلايو،
چئي ٻين کي ڇا ته ٻڌايان.
عشق ڪيڏا هي ڪم ڪرايا،
ڪربل ۾ آڻي، گهوٽ گهُرايا،
ڪوفين ڪوڙ ڪمايو ڪمايو.
انگ ازل جو لکئي ڏنھ ڀايان.
شمس الحق جي کَل کلايئي،
سوريءَ تي منصور مارايئي،
اناالحق ته الايو الايو:
جِلد جسم کئون جدا ڪري لاهيان!
انگ ازل جو لکيو ڀاڙيو،
‘صوفيءَ جو سر نيزي چاڙهيو’
سرمد سيس ڪپايو ڪپايو،
ناز تنهنجا اهي ڳڻ ٿي ڳايان!
چيزل آهن ڪهڙيون ڳالهيون،
عاشق ماري ڏسي ٿو ڀاليون،
پيرڙو ٻُرجهي پايو پايو:
عشق اويرو ڪُن ۾ ڪاهيان!
صوفي آسُورام: صوفي آسورام، پراڻن هالن جو رهاڪو ۽ ڏاندي مل جو پٽ هو. کيس جوانيءَ ۾ ئي تصوف ۽ ويدانت جو رنگ چڙهيو. کيس سنڌي، فارسي ۽ ٻين ٻولين جي چڱي ڄاڻ هئي. هن ڪجهه عرصو نصرپور ۾ پرائمري ماستري به ڪئي، جتي کيس مصري شاهه جي صحبت ۾ تصوف ۽ شاعريءَ طرف لاڙو ٿيو، اُتان جهوڪ شريف جو ڏس مليس ۽ زندگيءَ جي آخري پساهن تائين شاهه عنايت جهوڪ واري جو سچو عقيدتمند ۽ صوفي ٿي رهيو. سندس وفات 15 فبروري 1941ع تي پراڻن هالن ۾ ٿي. هن جهوڪ واري جنگ ۾ شاهه شهيد جي شهادت تي بيت [ڪيڏارو] لکيا، جن مان ٻه بيت هيٺ ڏجن ٿا:
ڪلهوڙي ڪاغذ لکيو، وجهي وچ الله،
اُن تي ڀائٽي، ڀاءَ سان، آيو صوفي عنايت الله،
سجدي تان ڪونڌر ڪُٺا، ٿيو وڏو جنگاهه،
هوبهو شهادت ٿي، جهڙي حضرت حسين شاهه،
آسو’ اُن قضئي جو، الله آهي آگاهه،
تنهن واحد کي واهه، ‘پاڻ وڻنديون جو ڪري’!
-
ست کُوهه شهيدن جا، ڀرجي ٿيا ٽمٽار،
ڪاٺ جي تلوار جي، موڪل ملي لاچار،
جنهن لشڪر ملعون جو، ماري ڪيو مردار،
صوفين سرشار، صدقي مرشد تان ڪيا!
شاهه عنايت شهيد ۽ شاهه لطيف:
شاهه عنايت شهيد ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي همعصر هئا. شاهه عنايت جي شهادت 1130هه/ 1717ع ۾ ٿي ۽ ان وقت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عمر 28 سال هئي، ۽ شاهه صاحب، صوفي شاهه عنايت جي شهادت واري سال کانپوءِ به 35 سال حيات هو.
عام طور محققن حيرت ۽ عجب جو اظهار ڪيو آهي ته شاهه لطيف جي بي مثال ڪلام ۾ صوفي شاهه عنايت جي شهادت واري واقعي جو ڪو به ذڪر نه آهي. شاهه لطيف پاڻ کان اڳ جي دورن جي نيم تاريخي عشقيه ۽ رومانوي داستانن کان وٺي ڪربلا جي واقعي بابت ته شاعري ڪئي آهي، ته پوءِ ڪهڙو سبب آهي، جو سندس همعصر صوفي شهيد شاهه عنايت جي باري ۾ سندس شاعريءَ ۾ ذڪر موجود نه آهي.
اها ڳالهه ناممڪن آهي ته شاهه لطيف تي ‘شاهه عنايت جي تحريڪ ۽ شهادت’ جو اثر نه ٿيو هجي. شاهه لطيف جو پيارو دوست مخدوم معين ٺٽوي، شاهه عنايت جي فڪر کان متاثر هو ۽ شاهه صاحب ۽ مخدوم معين جي ‘فڪري ويجهڙائي’ ان ڳالهه کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته شاهه لطيف، صوفي شاهه عنايت جي تحريڪ ۽ شهادت کي نه ڳايو هجي!
اصل ۾ شاهه لطيف تي تحقيق ڪندڙن، شاهه جي رسالي جي ڪاتبن توڙي مرتبن جي مسلڪي سوچ جو اِهو ڪارنامو آهي، جو هنن شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف بابت ڪا سند جوڳي تحقيق نه ڪئي آهي ۽ قوي امڪان آهي ته متعصبي ۽ مسلڪي اختلاف رکندڙن، شاهه جي رسالي جا اُهي بيت ئي گُم ڪري ڇڏيا هجن، جن ۾ شاهه عنايت شهيد ۽ سندس تحريڪ ۽ شهادت جو ذڪر هجي.
شاهه جي موجوده رسالي تي نظر وجهڻ سان اسان کي ڪيترا اهڙا بيت نظر اچن ٿا، جيڪي سڌو سنئون شاهه عنايت جي شهادت واري واقعي جي نشاندهي ڪن ٿا ۽ اُهي بيت شاهه جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. مثال طور:
شاهه عنايت ۽ مغل گورنر اعظم خان جي وچ۾ جيڪو تاريخي مڪالمو ٿيو، ۽ جيڪو تاريخي تذڪرن ۾ موجود آهي، ان دوران شهادت کان اڳ شاهه عنايت هيٺيون فارسي شعر پڙهيو هو:
سر در قدم يار فدا شد چه بجا شُد،
اين بارِ گران بُود ادا شد چه بجا شُد.
اهو شعر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو چوڻ آهي ته شاهه عنايت شهيد جو پنهنجو شعر آهي. اسين جڏهن ‘شاهه جي رسالي’ تي نظر وجهون ٿا ته سر سهڻيءَ جي داستان پهرئين ۾ هڪ بيت نظر اچي ٿو، جنهن ۾ شاهه عنايت جي مٿئين شعر جي اڌ سِٽ ‘سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد’ تضمين طور ڪم آندل آهي.
گهِـڙي گهـڙو هـٿ ڪـري، ٻَـهـون نِـهـري ٻَـنگ،
سـر در قدم يار فدا شد چه بجا شد، وصل اهوئي ونگ،
رات جـنيــن جـو رنـگ، الا! سـي اُڪـاريـيـن!
ڊاڪٽر دائودپوٽو انهن عالمن مان هڪ آهي، جن شاهه عنايت شهيد ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪري ويجهڙائي محسوس ڪندي لکيو هو ته،
“شاهه عبداللطيف، جو اُن وقت [شاهه عنايت جي شهادت وقت] 28 ورهين جو هو، ۽ شايد سندن روحاني جاهه ۽ جلال جو جلوو ڏٺو هئائين، تنهن پڻ ڪيترن ئي هنڌن تي انهيءَ حادثي [شهادت] ڏي اشارو ڪيو ٿو ڏسجي.
مثلاً:
اڄ نـه اوطـاقـن ۾، طـالـب تـنـواريــن،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
اهڙيءَ ريت سيد علي مير شاهه ۽ تاج جويي، ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جا ڪيترا بيت، شاهه عنايت جي شهادت ڏانهن اشاري طور ڄاڻايا آهن.
شاهه جي رسالي جي سر کاهوڙي، سر رامڪلي ۽ سر مارئيءَ ۾ ڪيترا بيت ملن ٿا، جيڪي شاهه عنايت جي شهادت ۽ تحريڪ جي سڌي سنئين نشاندهي ڪن ٿا.
مثال طور:
ڀنيءَ ٿيون ڀڙڪا ڪن، باهيون بيراڳين جون،
هـلـو تـه سيـڪـيـون هـٿـڙا، مـٿي تـن مـچـن،
مــون پـڻ مــلا تـن، جـڙ لـڳــي جـان ۾!
هيءُ بيت ‘شاهه عنايت شهيد جي تحريڪ’ ڏانهن سڌو سنئون اشارو آهي. سر ڪلياڻ جو هي بيت ته سڌو سنئون شاهه عنايت جي شهادت جي ساک ڀري ٿو:
عشق نه آهي راند، جيئن ڪه کيڏنس ڳڀرو،
جيءَ، جُسي، ۽ جان جي، ڀڃي ٿو هر هيڪاند،
سـِسـي نـيـزي پـانـد، اُڇــل تـه اڌ ٿـئــي!
تاريخون رقمطراز آهن ته شاهه عنايت جو سر، شهادت کانپوءِ نيزي تي چاڙهيو ويو هو. ان کان سواءِ هيٺ ڪجهه بيتن جون سٽون ڏجن ٿيون، جن ۾ سڌو سنئون جهوڪ جو ذڪر موجود آهي:
مٿي ‘جهوڪ’ جهُرِي، پونديس پاريچن جي!
-
جِهڄان پسيو ‘جهوڪ’، آيل! سنگهارن ريءَ!
اُن ڪري اِهو چوڻ غلط آهي ته شاهه عبداللطيف، شاهه عنايت جي تحريڪ ۽ شهادت کان ڪو لاتعلق هو. محققن پاران شاهه عنايت شهيد ۽ شاهه لطيف جي تعلق کي نظرانداز ڪرڻ جو هڪ سگهارو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي خاندان جو هڪ فرد سيد عبدالواسع شاهه بلڙيءَ وارو، وقت جي حڪمران ۽ مغلن جي لقبدار، يار محمد ڪلهوڙي، مقامي زميندارن نور محمد پليجي، حمل جت ۽ مغل گورنر نواب اعظم طرفان شاهه عنايت ۽ سندس فقيرن خلاف مڙهيل جنگ جو هڪ اهم ڪردار هو، ان ڪري محققن هن واقعي کي ڄاڻي واڻي ذڪر هيٺ نه آندو آهي، ڇو ته
شـاهه عبدالڪـريـم بـلـڙيءَ وارو شاهه لطيف جو تـڙ ڏاڏو هـو ۽ هـنن محسوس ڪيو ته هن تذڪري سان ممڪن آهي ته ٻن اهـم خـاندانن
۾ اختلاف پيدا ٿين. تاريخ جي حقيقتن کان اکٻوٽ ڪرڻ تاريخ سان زيادتي آهي.
ڪجهه اهم ڪتاب، جن ۾ شاهه عنايت صوفيءَ جو ذڪر موجود آهي:
(1) ‘مقالات الشعراء’، مير علي شير قانع (فارسي)، باهتمام پير حسام الدين راشدي، 1957ع
(2) ‘تحفة الڪرام’، مير علي شير قانع (فارسيءَ مان سنڌي ترجمو)، مترجم: مخدوم امير احمد، 1957ع
(3) ‘منشور الوصيت و دستور الحڪمت’، ميان نور محمد ڪلهوڙو، واليء سنڌ (فارسي مان سنڌي ترجمو)، مترجم: عبدالرسول قادري، 1996ع
(4) ‘ديوان عطا تتوي’ (ترتيب)، محمد مطيع الله راشد برهانوي، سنڌي ادبي بورڊ، 1963ع
(5) ‘هشت بهشت’، عطا ٺٽوي (فارسي)، تصحيح: پير حسام الدين راشدي، 1963ع
(6) ‘تڪمله مقالات الشعراء’، محمد ابراهيم ٺٽوي، تصحيح ۽ حواشي، پير حسام الدين راشدي، 1958ع
(7) ‘حديقة الاولياء’، عبدالقادر ٺٽوي، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع
(8) ‘ديوان محسن ٺٽوي’، تصحيح و مقدم، محمد حبيب الله راشدي، 1964ع
(9) ‘دائره معارف اسلاميه’، جلد اول، لاهور، 1959ع
(10) ‘تحفة الطاهرين’، محمد اعظم ٺٽوي، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع
(11) ‘بيگلار نامه’، ادراڪي بيگلاري، سنڌي ادبي بورڊ، 1980ع
(12) ‘معيار سالڪان طريقت’ (فارسي)، مير علي شير قانع (پي ايڇ ڊي ٿيسز)، سيد خضر نوشاهي، 1996ع
(13) ‘ميين عنات جو رسالو’ (مرتب: ن. ب. بلوچ)، 1963ع
(14) ‘تذڪره لطفي’، لطف الله بدوي (ڀاڱو 1)، 1954ع
(15) ‘ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام’، مرتب: لطف الله بدوي، 1965ع
(16) ‘شاهه، سچل، سامي’، محمد ابراهيم جويو، 1989ع
(17) ‘مضمون ۽ مقالا’، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، 1987ع
(18) ‘ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون’ [شاهه عنايت شهيد جي سوانح جا ماخذ، سنڌ جو پهريون زرعي سڌارڪ (سوشلسٽ) شاهه عنايت صوفي]، پير حسام الدين راشدي، 1981ع
(19) ‘اهي ڏينهن، اهي شينهن’، پير علي محمد راشدي (جلد ٻيو)، 1981ع
(20) ‘بيدل جو سنڌي ڪلام’، راجپال بولچند وسومل، 1950ع
(21) ‘سنڌ جا سورما’ [شاهه عنايت الله عرف شاهه شهيد صوفي’، جهوڪ]، جي ايم سيد، 1987ع
(22) ‘پيغام لطيف’، جي ايم سيد، 1974ع
(23) ‘جيئن ڏٺو آهه مون’، جي. ايم. سيد، 1998ع
(24) ‘سنڌ جي تاريخ جا وکريل ورق’، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، 1994ع
(25) ‘بحر العشق’، صوفي رکيل شاهه جو ڪلام، 1994ع
(26) ‘بحر العميق’، صوفي چيزل شاهه جو ڪلام، 1987ع
(27) ‘سنڌ ۾ مغلن جا نواب’، سـنڌ جـي تـاريخ (ڀاڱو پنجون)،
محمد صديق مسافر، 1942ع
(28) ‘تاريخ سنڌ: ڪلهوڙا دور’، غلام رسول مهر (سنڌي ترجمو: ابن حيات پنهور ۽ شمشير الحيدري)، 1998ع
(29) ‘جنت السنڌ’، رحيمداد مولائي شيدائي، 1993ع
(30) ‘ديوان بيدل’، عطا حسين شاهه موسوي، 1954ع
(31) ‘تاريخ طاهري’، سيد طاهر محمد نسياني، سنڌي ترجمو،
نياز همايوني، 1988ع
(32) ‘تذڪره مشاهير سنڌ’ (جلد I- II)، مولانا دين محمد وفائي، 1985ع
(33) ‘آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه’، دريا خان جو ڪلام، مرتب: نياز همايوني، 1994ع
(34) ‘تاريخ مظهر شاهجهاني’، يوسف ميرڪ، سنڌي ترجمو: نياز همايوني، 1993ع
(35) ‘مهراڻ سوانح نمبر’، سنڌي ادبي بورڊ، ٻيو ڇاپو 1990ع
(36) ‘نئين زندگي ’ ، شاهه شهيد نمبر [پير حسام الدين راشدي، محبوب علي چنا، سوڀراج نرملداس، ۽ ٻين جا مضمون]، 1957ع
(37) ‘نئيـن زنـدگـي’، ‘شـاهه شـهيـد نـمـبـر 1’ [نـواز عـلـي شـوق، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ٻين جا مضمون]، 1970ع
(38) ‘پاڪستان ۾ صوفيانه تحريڪين’ (اردو)، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، 1994ع
(39) ‘نويد فڪر’: سبط حسن [سنڌي ترجمو: ‘جڏهن جهوڪ جهُريو’: رشيد ڀٽي]، 1995ع
(40) ‘تاريخ سندهه’ (اردو) 1- 3 جلد، اعجاز الحق قدوسي، 1985ع
(41) ‘صوفيائي سندهه’، اعجاز الحق قدوسي، 1959ع
(42) ‘جنگناما’، مرتب: ن. ب. بلوچ [صوفي آسورام جو ڪيڏارو]، 1967ع
(43) ‘نئين زندگي ’ [‘ميرانپور جا مڱڻا’ – دادا سنڌي]، 1971ع
(44) ‘سنڌ جو سيلاني ’ [‘سنڌ ۾ تصوف جو باني: شاهه عنايت الله صوفي’]، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، 1923ع
(45) ‘صورت بهار’ [ڪلام ديوان صورتسنگهه]
شاهه عنايت شهيد بابت ڇپيل ڪجهه ڪتاب:
شاهه عنايت شهيد: سنڌ جو سوشلسٽ صوفي (ڪتاب): صوفي شاهه عنايت بابت مختلف ليکڪن ۽ اديبن جي مضمونن تي مشتمل هيءُ ڪتاب، ليکڪ ۽ قانوندان حسين بادشاهه مرتب ڪيو آهي. جنهن ۾ شهيد شاهه عنايت جـي زنـدگـيءَ کـان ويـنـدي سـنـدس تحريڪ ۽ ان دور جي حالتن جو جائزو ورتو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي نامور محققن جا 21 مـضمـون شـامـل آهـن، جـن جـو تفصيل هن ريت آهي:
(1) ‘مرشدن جو مرشد’ (مير علي شير قانع)، (2) ‘شاهه عنايت الله صوفي’ (ڊاڪٽر عمر دائود پوٽو)، (3) ‘صوفي شاهه عنايترحه’ (غلام رسول مهر)،
(4) ‘شاهه عنايت جي سوانح جا ماخذ’ (حسام الدين راشدي)، (5) ‘شاهه عنايت الله ۽ سندس سهيوڳي’ (غلام مصطفيٰ قاسمي)، (6) ‘سنڌ جو پهريون زرعي سڌارڪ’ (پير حسام الدين راشدي)، (7) ‘شاهه عنايت الله عرف شاهه شهيد صوفي جهوڪ’ (جي. ايم سيد)، (8) ‘سنڌ جو سوشلسٽ صـوفـي’ (سـبـط حـسـن)، (9) ‘شـاهـه شـهيد صوفي’ (محبوب علي چنا)، (10) ‘صوفي شاهه عنايت شهيد’ (صوفي حضور بخش)، (11) ‘شاهه عنايت شهيد’ (صوفي حضور بخش)، (12) ‘جهوڪ واري جنگ جي ميدان تان جهوڪ واري ويڙهه’ (ميان يار محمد ڪلهوڙو)، (13) ‘ميان يار محمد ڪلهوڙي جو شاهه عنايت سان مقابلو’ (ميران سنگهه ملتاني)، (14) ‘جهوڪ واري جنگ ۽ شاهه عنايت صوفيءَ جي شهادت’ (صوفي آسو رام)، (15) ‘ميرانپور جا مڱتا’ (دادا سنڌي)، (16) ‘تصوف جو باني: شاهه عنايت الله صوفي’ (ڀيرومل مهرچند)، (17) ‘جهوڪ شريف’ (سوڀراج نرملداس)، (18) ‘فقير مسڪين داس’ (لعلچند تيجو مل)،
(19) ‘بيدل جي طريقت جو سلسلو’ (لطف علي ڪيهر)، (20) ‘حضرت فقير رکيل شاهه صوفي’ (ابڙو پير بخش صوفي) ۽ (21) ‘صادق فقير’ (حڪيم عبدالمجيد ماجد).275 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي روشني پبليڪيشن ڪنڊياري، 2004ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.
صوفي شاهه عنايت شهيد (شخصيت اور فن) [ڪتاب]: اڪادمي ادبيات پاڪستان، اسلام آباد، ‘پاڪستاني ادب ڪي معمار’ سيريز هيٺ هي ڪتاب لکرائي شايع ڪيو آهي. ڪتاب جو ليکڪ منظور علي
ويسريو آهي. ڪتاب جو ‘پيش نامه’ عبدالحميد آهي، جنهن هن ڪتابي سيريز جي اهميت ۽ افاديت بيان ڪندي، صوفي شاهه عنايت بابت لکيو آهي ته، “صوفي شاهه عنايت شهيد، سنڌ بلڪ برصغير جي تاريخ جو اهم صوفي بزرگ ۽ ڪردار رهيو آهي، جيڪو مغل دور حڪومت ۾ پنهنجي صوفياڻي فڪر، فلسفي ۽ شهادت جي ڪري شهرت رکي ٿو. ان جي فڪر جا سنڌ جي تاريخ، علم، ادب ۽ شاعريءَ تي گهرا اثر مرتب ٿيا آهن.” هن وڌيڪ لکيو آهي ته ”صوفي شاهه عنايت شهيد جي فڪر، زندگيءَ ۽ هاري تحريڪ جي حوالي سان اردوءَ ۾ ڪي ٿورا مقالا ۽ مضمون ملن ٿا، مگر هڪ جامع ۽ تحقيقي ڪتاب اڃا تائين موجود نه آهي ... هي ڪتاب، اڪيڊميءَ جي درخواست تي معروف محقق منظور علي ويسريي جي تاليف آهي، جنهن ذريعي يقيني طور اهل ادب ۽ عام پڙهندڙ، صوفي شاهه عنايت شهيد جي شخصيت ۽ ڪمن کان بهتر طور آگاهه ٿي سگهندا.
ڪتاب جو پيش لفظ منظور علي ويسريي خود لکيو آهي. ڪتاب هيٺين عنوانن ۾ ورهائي لکيو ويو آهي:
 صوفي شاهه عنايت شهيد جي دور جون حالتون
 صوفي شاهه عنايت شهيد جو خاندان
 صوفي شاهه عنايت شهيد جي خاندان جو سنڌ ۾ اچڻ
 صوفي شاهه عنايت شهيد جو خانداني شجرو
 شجره نسب
 صوفي شاهه عنايت شهيد جا بزرگ
 ولادت، نالو، تعليم ۽ تربيت
 صوفي شاهه عنايت جو تعليم پرائڻ لاءِ ملتان وڃڻ
 شاهه عنايت جو علم جي حصول لاءِ سنڌ کان ٻاهر وڃڻ
 بيعت، سنڌ واپسي
 صوفي شاهه عنايت جو ٺٽي ۾ اچي رهڻ
 سلسلهء طريقت
 شادي، اولاد
 مختلف ملڪن جو دورو
 صوفي صاحب جي مخالفت جو آغاز
 شاهه شهيد جي مخالفن جي جهوڪ تي ڪاهه
 اعظم خان جي ٺٽي جي گورنر طور مقرري
 جهوڪ جي جنگ
 صوفي صاحب سان ڌوڪيبازي
 صوفي صاحب جو قلعي کان ٻاهر اچڻ
 صوفي صاحب جو اعظم خان جي سامهون پيش ٿيڻ
 صوفيءَ جي ڀاءُ، ڀائٽي ۽ فقيرن جي شهادت
 صوفي شاهه عنايت جي شهادت
 صوفي صاحب جي شهادت کان پوءِ جي صورتحال
 صوفي شاهه عنايت شهيد جو مقبرو
 صوفي شاهه عنايت شهيد جو عرس
 صوفي شاهه عنايت جا مريد
 صوفي شاهه عنايت شهيد جا همعصر
 الف- دوست ۽ حمايتي
 ب- صوفي شاهه شهيد جا مخالف عالم ۽ شاعر
 صوفي شاهه شهيد جون ادبي خدمتون
 صوفي شاهه شهيد جي سلسلي جا شاعر
 صوفي شاهه عنايت شهيد جو فڪر
 صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سنڌي ادب
 نقادن جا رايا، منظوم خراج عقيدت
 صوفي شاهه عنايت تي لکيل ڪتاب، رسالا، اخبارون
 صوفي شاهه عنايت شهيد تي لکيل مقالن ۽ مضمونن جو وچور
 حوالا ۽ ڪتابيات
ڊيمي سائيز جي 174 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي اشاعت 2012ع ۾ ٿي آهي ۽ ان جي قيمت ڪچي جلد سان 200 روپيا ۽ پڪي جلد سان 210 روپيا آهي.
صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر [ڪتاب]: هيءُ ڪتاب، ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جي Ph.D ٿيسز جو تحقيقي مقالو آهي. ڪتاب کي مختلف ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين ڀاڱي جي پهرئين باب ۾ سنڌ جي سنڌ جي تاريخ (قديم دور کان ڪلهوڙا دور تائين)، باب ٻئي ۾ تصوف ۽ اُن جا سلسلا، باب ٽئين ۾ شاهه عنايت صوفيءَ جي خاندان جو احوال، باب چوٿين ۾ شاهه شهيد جي زندگيءَ جو احوال، باب پنجين ۾ شاهه شهيد جي هندستان وڃڻ ۽ واپسي، باب ستين ۾ صوفي شاه عنايت جي طريقت جو سلسلو، باب اٺين ۾ شاهه شهيد جو فڪر، باب تنائين ۾ شاهه شهيد جي مخالفن ۽ جهوڪ تي حملي جو ذڪر، باب ڏهين ۾ شاهه شهيد جي تحريڪ جي ابتدا ۽ پکيڙ، باب يارهين ۾ جنگ جو تفصيلي احوال ۽ شاهه شهيد جي شهادت، باب ٻارهين ۾ شاهه شهيد جا خليفا ۽ ناميارا مريد، باب تيرهين ۾ شاهه شهيد جا همعصر، باب چوڏهين ۾ شاهه شهيد جي ادبي حيثيت بيان ڪئي وئي آهي. ڀاڱي ٻئي ۾ شاهه شهيد جي سلسلي جي 129 شاعرن جو ذڪر ۽ شاعري ڏني وئي آهي. ڊبل ڪرائون جي 636 صفحن تي مشتمل ڪتاب 2010ع ۾ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 600 روپيا آهي.
صوفي شاهه عنايت شهيد [ڪتاب]: هي ڪتاب، سنڌ جي عظيم صوفي ۽ سورهيه اڳواڻ، شاهه عنايت شهيد جي زندگيءَ، شخصيت، ڪارنامن ۽ عوام جي اجتماعي مفاد لاءِ جدوجهد ۽ شهادت جي سربستي احوال تي مشتمل آهي ۽ صوفي حضور بخش جي تصنيف آهي. هن ڪتاب ۾ صوفي حضور بخش، شاهه عنايت شهيد جي حالات زندگي، جدوجهد ۽ شهادت جو احاطو ڪندي، مختلف عنوانن هيٺ تصنيف ڪيو آهي، جنهن مان ڪي عنوان هي آهن:
لانگاهه خاندان ۽ سندن حڪومت، لانگاهه دور جا حڪمران، صوفي شاهه عنايت، شاهه عنايت جي سنڌ ڏانهن موٽ، شاهه عنايت جي روحاني سلسلي جون ٽي ڪڙيون، ميان يار محمد ڪلهوڙي واليء سنڌ جو خط، صوفي شاهه عنايت ۽ گورنر اعظم خان درميان سوال جواب، شاهه شهيد جا متوسل ۽ معتقد، سر مبارڪ جي دهلي روانگي، حضرت صوفي شاهه عنايت الله شهيد جون شاديون، اولاد، شاهه شهيد جي اهم خليفن جو ذڪر، شاهه شهيد جي طريقت جو سلسلو، صوفي عنايت الله شهيد ۽ هزارين صوفي شهيدن جي باري ۾ عوام اندر هٿ ٺوڪيون ۽ گمراهه ڪندڙ غلط ڳالهين جو ڦهلاءُ- مخدوم صدرالدين جو شجرو وغيره.
ڊيمي سائيز جي 292 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 200 روپيا آهي.
ان کان سواءِ ‘نئين زندگي ’ رسالي، شاهه عنايت شهيد تي ڪيترائي نمبر ڪڍيا هئا. هتي شاهه شهيد نمبر، فبروري 1957ع جو عڪس ۽ تفصيل ڏجي ٿو:
هن پرچي ۾ سرشار عقيليءَ جو نظم ‘مرثيه جهوڪ شريف’، رشيد احمد لاشاريءَ جو نظم ‘شاهه عنايت الله شهيد’ ۽ فقير فيض محمد جي ڪافي ڏني وئي آهي. ان کانپوءِ هيٺين اديبن جا مضمون ڏنا ويا آهن:
(1) علامه دائودپوٽو: ‘شاهه عنايت الله صوفي’
(2) سيد حسام الدين راشدي: ‘شاهه شهيد جي سوانح جا ماخذ’
(3) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ‘فقير ولي محمد خان
(4) پروفيسر لطف الله بدوي: ‘مير الله شاهه رضوي'>جان الله شاهه رضوي’
(5) سوڀراج نرملداس: ‘جهوڪ شريف’
(6) لعلچند تيجو مل: ‘فقير مسڪين داس صوفي’
(7) لطف علي ڪيهر: ‘بيدل جي طريقت جو سلسلو’
(8) ابڙو پير بخش صوفي: ‘حضرت رکيل شاهه
(9) حڪيم عبدالمجيد ماجد: ‘صادق فقير
(10) محبوب علي چنا: ‘شاهه شهيد صوفي’
هن رسالي ۾ شاهه شهيد جي روضي، سجاده نشين جهوڪ شريف، جهوڪ جي تبرڪات، جهوڪ شريف جي مختلف نظارن، شاهه شهيد جي روضي جي مختلف نظارن ۽ جهوڪ جي بزرگن جو تصويرون ڏنيون ويون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1717.10.09  عيسوي

صوفي شاهه عنايت جي خلاف سبي، گنجابه، چانڊڪا، مختلف ڪوهستاني علائقن، ٺٽي ۽ ٻين ماڳن کان هزارين فوجن، ان وقت جي جديد هٿيارن سان مسلح ٿي اچي، 14 ذوالقعد 1129هه/ 9 آڪٽوبر 1717ع تي جهوڪ جي علائقي جو گهيراءُ ڪيو.


1718.01.07  عيسوي

شاهه عنايت کي قرآن پاڪ وچ ۾ ڏئي، دوکي سان گرفتار ڪري، اعظم خان ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي اڳيان آندو ويو. ٽي ڏينهن قيد ۾ رکڻ کان پوءِ، 15 صفر المظفر 1130هه/ 7 جنوري 1718ع تي نواب اعظم خان آڏو صوفي صاحب کي پيش ڪيو ويو. صوفي شاهه عنايت سان سندس ننڍو ڀاءُ رحمت الله شاهه، سندس ڀائٽيو محمد يوسف پٽ رحمت الله ۽ ٻارهن خاص مريد گڏ هئا.


1718.01.07  عيسوي

15 صفر المظفر 1130هه/ 7 جنوري 1718ع تي صوفي شاهه عنايت جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري، کيس شهيد ڪيو ويو.



صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سهروردي سلسلو
اثبات
شاهه عنايت شهيد جهوڪ وارو
رکيل ريلائي مخدوم
ابو تراب شيخ
شاذليه طريقو
شاهه يقيق
رفاعيه
خواجه عبدالحميد
بهاءُ الدين گودڙيو
صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون