پروفيسر رام پنجواڻي

پروفيسر رام پنجواڻي

پنجواڻي رام پروفيسر

پنجواڻي، رام، پروفيسر: هند سنڌ جي نامياري اديب، شاعر، راڳي، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ناٽڪ نويس، پروفيسر رام پنجواڻيءَ جو پورو نالو رام پرتاب راءِ پنجواڻي هو. هن 20 نومبر 1911ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن اسڪولي تعليم لاڙڪاڻي ۾ ورتي ۽ ڪاليجي تعليم لاءِ ڊِي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو. جتي هو پرنسپال توڙي پروفيسرن جو لاڏلو شاگرد بڻجي رهيو. هن سريلي آواز وسيلي سڀني کي موهي وڌو ۽ ان وقت جي جلسن ۽ ڪاليج جي پروگرامن جو مور هوندو هو. ڪاليج مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد اتي ئي ليڪچرار مقرر ٿيو. هند توڙي سنڌ ۾ هن زندگيءَ جا ذري گهٽ 50 سال پروفيسريءَ ۾ گذاريا، نه رڳو بي. اي ۽ ايم. اي جي شاگردن کي پڙهايائين، پر ڪيترن ئي اديبن ۽ شاگردن سندس رهنمائيءَ هيٺ پي. ايڇ. ڊي پڻ ڪئي.
ورهاڱي کانپوءِ جڏهن هند ۾ تاريخ جي حادثي هيٺ بي وطن ٿيل سنڌين ۾ ان خيال جنم ورتو ته شايد هو قوم طور زنده رهي نه سگهندا، ان
نااُميديءَ واري ماحول ۾ مٽڪو کڻي وستي وستي سنڌيت جا گيت ڳائي پيـغام ڏينـدو رهيو:
”اسين سنڌي زنده رهنداسين، سـنـڌي ٿي رهنـداسـيـن،
سنڌي ٻوليءَ ۽ تهذيب کي زنده رکنداسين.“
هن ۽ ٻين سنڌي ٻوليءَ جي گهڻ گهُرن سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت ۾ زنده رکڻ ۽ اتان جي آئين ۾ مڃتا ڏيارڻ لاءِ پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ جڏهن تحريڪ هلائي ته ان ۾ رام پنجواڻيءَ جو مکيه ڪردار هو. هن مهاتما گانڌي ۽ جواهر لعل نهروءَ جي آڏو ڳائي داد حاصل ڪيو، پر جڏهن اندرا گانڌي وزيراعظم هئي ته ان جي آڏو به نه رڳو ڳائي داد حاصل ڪيائين، پر ڳائيندي ڳائيندي کيس گذارش ڪيائين ته سنڌي ٻوليءَ کي هندستان جي آئين ۾ مڃتا ڏني وڃي.
رام پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، اي. جي. اُتم، پوپٽي هيراننداڻي، ڪرشن راهي، ڊاڪٽر موتي پرڪاش ۽ ٻين بزرگن ۽ نوجوانن جي جدوجهد سان سنڌي زبان کي 10 اپريل 1967ع تي ڀارتي آئين جي اٺين شيڊول تي قومي زبان طور تسليم ڪيو ويو. پروفيسر رام پنجواڻيسنڌي ٻولي امر رهي“ جي نعري سان گڏ هڪ ٻيو وڏو ڪارنامو سر انجام ڏنو. هن اُڏيري لال کي ”جهولي لال“ جي حيثيت ۾ سنڌي جاتيءَ جي قومي اهڃاڻ جي مڃتا ڏياري ۽ ائين هر سال جهولي لال جي ميلي جي موقعي ’چيٽي چنڊ جو ڏينهن‘ سڄي دُنيا ۾ سنڌي، قومي ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن.
رام پنجواڻي هڪ ئي وقت شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نويس، مضمون نگار ۽ نقاد رهيو. هن ادب جي مٿين صنفن ۾ لکي پاڻ کي سنڌي ادب جي اعليٰ ليکڪ طور مڃايو. هو گهڻ رخي شخصيت هو ۽ سندس هر رخ مڪمل هو. ورهاڱي کان پهرين ۽ سنڌي ادبي سنگت جي قيام کان اڳ جڏهن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سرڪل قائم ٿيو ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي ان جو صدر ۽ رام پنجواڻيءَ کي نائب صدر بڻايو ويو ۽ شيخ عبدالرزاق ”راز“ ان سرڪل جو جنرل سيڪريٽري بڻيو، جڏهن ته شيخ اياز سميت ٻيا ناليوارا اديب ان جا ميمبر هئا.
ورهاڱي کانپوءِ پروفيسر رام پنجواڻي بمبئيءَ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. جئه هند ڪاليج بمبئيءَ ۾ سندس خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. هن ادب جي مختلف صنفن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان هيٺيان اهم آهن:
نـاول: (1) قيـدي (1943ع)، (2) شرميـلا (1944ع)، (3) لطيـفـا (1945ع)، (4) اسـان جـو گهـر (1946ع)، (5) چانديءَ جو چمڪو (1947ع)، (6) زنـدگـي يا مـوت (1952ع)، (7) آهي نـه آهي (1955ع)، (8) شل ڌيئر نه ڄمن (1957ع). ڪهاڻيون: (1) انوکا آزمودا، (2) وچتر واقعا، (3) تنهنجا منهنجا تجربا (1976ع).
ناٽڪ: (1) نئون زمانو (هن ناٽڪ ۾ نئين زماني جي حالتن سان ٺهڪندڙ پيڙهي وڇوٽيءَ Generation Gape جو اظهار آهي. هي اصلوڪو ناول ڪيترائي ڀيرا اسٽيج ٿي چڪو آهي، (2) طنزيه ناٽڪ ”سماج سيوَڪ“ هي هڪ فصلو ناٽڪ (One Act Play) به ڪيترا ڀيرا اسٽيج ٿيو، (3) شاهه جي ستن سورمين تي آڌارڪ 7 ناٽڪ، جيڪي نه رڳو اسٽيج ٿيا، پر سنڌيت ۽ شاهه سان محبت کي عام ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا.
مضمون: (1) سِپون، (2) يادگيريون، ۽ (3) ادبي گلشن.
هن سنڌي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ تي مشتمل ڪيترا انتخاب (Authologies) ڇپرايون، جن ۾:
(1) سنڌي شعر جو انتخاب 1947ع تائين، (2) چونڊ ڪلام، (3) سنڌ جي سوکڙي، (4) سڪ جي سوغات، (5) چونڪيءَ جا گيت.
ترجما: هن ٻين ٻولين مان به ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪيا، جهڙوڪ:
(1) پـدما (هال ڪينس جي مشهور ناول 'The Eternal City' جو ترجمو، (2) دوست ڪيئن ڪجن (ڊيل ڪارينگيءَ جي ڪتاب 'How to Win Friends' جو ترجمو، (۳) دليون ڪيئن کينچجن 'Influence People' جو ترجمو، ۽ (4) ياد ڪندا، گجراتي ناول جو ترجمو.
پروفيسر رام پنجواڻيءَ جي زندگيءَ جي تجربن ۽ آزمودن تي ٻڌل حقيقي ڪهاڻيون آهن. هن سنڌي فلمون ”جهولي لال“ ۽ ”هو جمالو“ ٺاهيون.
کيس ادبي ۽ سماجي خدمتن تي ”سنڌو رتن اوارڊ“، ”ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي اوارڊ“، ”ساهتيه اڪيڊمي اوارڊ“، ”پدماشري اوارڊ“ ۽ ٻيا ڪيترا اوارڊ ۽ مڃتائون مليون. سندس ڳايل ڪلامن ۽ ڀڄنن جو ڪئسٽون به جاري ٿيون.رام پنجواڻيءَ زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ بمبئيءَ ۾ ”سيتا سنڌو ڀوَن“ قائم ڪيو، جيڪو سنڌيت ۽ سنڌي تهذيب جو وڏو ڪلچرل مرڪز آهي. جنهن کي سندس لاڏاڻي بعد مشهور اديب جوڙي ٺاڪر چاولا ۽ پارو چاولا قائم رکيو اچن. پروفيسر رام پنجواڻي ڀارت ۾ نيشنل بُڪ ٽرسٽ جو ميمبر؛ساهتيه اڪيڊمي جي صلاحڪار بورڊ جو ميمبر؛ بمبئي يونيورسٽي ۾ سنڌيءَ جو پهريون ريڊر پروفيسر ۽ يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيز جو چيئرمئن؛ ڪي. سِي ڪاليجن جي ڊارمئٽڪ ۽ ڪلچر سرگرمين جو اعزازي پروفيسر ۽ ٻين ڪيترن ادارن ۽ ثقافتي مرڪزن جو ميمبر رهيو. پروفيسر رام پنجواڻي جي رهائش ماهيم، ممبئي ۾ هئي. جتي 1987ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين. سندس لاڏاڻي کان اڳ ۽ پوءِ ڪيترا ڪتاب شايع ٿيا. سندس 70 هين جنم ڏينهن تي بمبئي ۽ دبئي سواگت ڪميٽيءَ پاران ”پروفيسر رام پنجواڻي“ عنوان سان هڪ صخيم ڪتاب ڇپايو ويو، جنهن کي هري موٽواڻيءَ، ٺاڪر چاولا، هوندراج ساجناڻيءَ ۽ ٻلديو مٽلاڻيءَ ترتيب ڏنو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1911.11.20  عيسوي

پروفيسر رام پنجواڻيءَ جو پورو نالو رام پرتاب راءِ پنجواڻي هو. هن 20 نومبر 1911ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. پروفيسر رام پنجواڻي جي رهائش ماهيم، ممبئي ۾ هئي. جتي 1987ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين.


1967.04.10  عيسوي

رام پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، اي. جي. اُتم، پوپٽي هيراننداڻي، ڪرشن راهي، ڊاڪٽر موتي پرڪاش ۽ ٻين بزرگن ۽ نوجوانن جي جدوجهد سان سنڌي زبان کي 10 اپريل 1967ع تي ڀارتي آئين جي اٺين شيڊول تي قومي زبان طور تسليم ڪيو ويو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پوپٽي هيراننداڻي
عزيز حامد مدني
محمد خان سيال
شاهد احمد دهلوي
گرڌاري لال ڏوڏيجا
اندرا واسواڻي
حبيب سنائي
پريتم ورياڻي
روشن علي تنيو
ارباب نيڪ محمد
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون