ڀڳت واڌورام

ڀڳت واڌورام: ڀڳت واڌورام جو جنم ضلعي نوشهري فيروز جي ڳوٺ ڀريا ۾ 20 آڪٽوبر 1868ع ۾ جھمٽ مل کلناڻيءَ جي گھر ۾ ٿيو. کيس پنجن سالن جي عمر ۾ مڪتب ۾ پڙھڻ ويھاريو ويو، پر سندس دل پڙھائيءَ سان نه لڳي. پيءُ جو سڪيلڌو پٽ ھو، ان ڪري پڻس کيس ھٽ واڻڪا اکر پڙھائي، دڪان تي ويھاريو، پر اتي به سندس دل نه لڳي. نيٺ مائٽن سندس شاديءَ جو سعيو ڪيو. شادي ٿيڻ کان پوءِ واڌورام گھر وڃڻ گھٽائي ڇڏيو ۽ سڄو ڏينھن دڪان تي ويھي، پکين کي داڻا ۽ چانور ڏيندو رھندو ھو، ڀر ۾ پاڻيءَ جو مٽ رکيائين ۽ آئي وئي کي ڀڳڙا کارائي، پاڻيءَ جي ٽڀي ڀري ڏيندو ھو. جوڳي ۽ مسافر وٽس اچي روح رھاڻيون ڪرڻ ۽ معتقد مرادون ماڻڻ ايندا ھئا، هي سنڌ جي نامور ڀڳتن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڀڳت وجهڻ وقت جامو پائي ساٿين سان گڏ نچندو، ڪٿا بيان ڪندو ۽ ڳائيندو هو. سندس آواز مڌر هو، ان ڪري ماڻهن کي جهومائي وجهندو هو. ڀڳت واڌورام، 25 جنوري 1929ع تي هن فاني دنيا مان ڪُوچ ڪري ويو.


لفظ ڀڳت واڌورامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1868.10.20  عيسوي

ڀڳت واڌورام جو جنم ضلعي نوشهري فيروز جي ڳوٺ ڀريا ۾ 20 آڪٽوبر 1868ع ۾ ٿيو


1929.01.25  عيسوي

ڀڳت واڌورام ، 25 جنوري 1929ع تي ديهانت ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد بخش سميجو
شيخ ابراهيم ڪلهوڙو
جروار عزيز الله ڪامريڊ
امينه هاليپوٽو پروفيسر
اسحاق بلوچ
قادر بخش مگسي ڊاڪٽر
جلال محمد هالائي مخدوم
جيلاني سيد شيراز شاهه
عبدالرحيم مگسي
آغا شمشاد مغل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون