نواب غيبي خان چانڊيو

نواب غيبي خان چانڊيو

چانڊيو نواب غيبي خان

چانڊيو، نواب غيبي خان: چانڊيا قبيلي جي سردار، نواب غيبي خان چـانڊيـي جـو اصـل نـالـو عـلـي نـواز خـان ولد سردار محمد خان چانڊيو هو. هن 25 ڊسمبر 1872ع تي ڳوٺ غيبي ديري (تعلقي ۽ ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ) ۾ جنم ورتو. نواب غيبي خان نَوَ لکي جاگير جو مالڪ هو. هيءَ جاگير سمن حڪمرانن سـندس خـانـدان جـي بـهـادر سـردار سريـمڻ چانڊيـي کـي بهـادريءَ عيـوض ڏنـي هـئي. سندن اها جاگير غيبي ديري قنبر کان وٺي مـيـهـڙ ۽ وارهه تعـلـقـن ۽ جـيـڪب آباد ۽ شـهـدادڪوٽ تـائيـن ڦـهـلـيـل هـئي. نـواب غيبي خان جي ڏاڏي سريمڻ خان کي شاهه بيگ ارغون جي ڪاهه وقت ڄام نظام الدين (ڄام نندي) جي وزير دولهه دريا خان جي مدد ڪرڻ ۽ شاهه بيگ ارغون سان مقابلو ڪري قنڌار فتح ڪرڻ جي ڪري انعام طور جاگير ملي هئي. نواب غيبي خان معمولي پڙهيل هو. پنهنجي پيءُ سردار محمد خان چانڊئي ۽ وڏي ڀاءُ جي قتل کان پوءِ پڳ جو وارث ٿيو. 1894ع ۾ چانڊين جي قبيلي جو سالار ۽ پڳدار ٿيو. نواب غيبي خان انگريزن جو ساٿاري هو. چانڊين ۽ مگسين جي شاهي جرڳي ۾ سوڀ ماڻيائين. نيڪ نفيس، بلند اخلاق، صاف گو ۽ انصاف پسند شخص هو. هندو مسلمان ۾ فرق نه ڪندو هو. رعيت جو خيرخواهه ۽ چانڊين جو جان نثار هو. گهڻو ڪري راڄوڻا فيصلا پاڻ ڪندو هو. چانڊيا قبيلي جا ماڻهو سندس فيصلي کي حرف آخر سمجهندا هئا. نواب غيبي خان جي ڪچهري غريب يا امير لاءِ عام هوندي هئي. شڪار جو گهڻو شوقين هو. نواب غيبي خان سنڌ ۾ نالي وارو توپچي ليکيو ويندو هو. سندس قبيلائي طاقت بابت لاڙڪاڻي جي ان وقت جي ڪليڪٽر سيد هاشم رضا انگريز سرڪار کي لکيو هو ته وٽس ڇهن پوليس ٿاڻن جيتري طاقت (Force) موجود آهي. گهٽ پڙهيل هجڻ جي احساس سبب پنهنجي زندگيءَ ۾ پڳدار پوٽي سردار احمد سلطان چانڊيي کي جديد تعليم ڏيارڻ لاءِ ماهر تعليم علي خان ابڙي کي ڪل وقتي استاد مقرر ڪيائين، جيڪو ان دور ۾ ماهوار پنج سئو رپيا پگهار کڻندو هو ۽ جنهن 20 مهينن جو اڳواٽ پگهار ورتو هو. نواب غيبي خان 1920ع ۾ خلافت تحريڪ جي سب ڪميٽيءَ جو اجلاس پنهنجي بنگلي تي سڏايو، جنهن ۾ تحريڪ جا اڳواڻ جان محمد جوڻيجو، پير تراب علي شاهه راشدي، پير علي انور شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. بعد ۾ نواب غيبي خان، سر شاهنواز خان ڀُٽي جي گروپ ۾ شامل ٿيو.
نواب غيبي خان کي 25 مارچ 1945ع تي شهنشاهه برطانيا ’سر‘ جو خطاب ڏنو. غريبن جو مددگار هو. ڪيترن کي ذاتي خرچ تي حج ڪرايائين ۽ ڪيترين يتيم نياڻين کي شاديءَ لاءِ روڪ رقم ڏنائين. نواب غيبي جا چانڊيي جا فيصلا اڄ به تاريخي حيثيت رکن ٿا. چانڊيا قبيلي جو هيءُ ٽيٽيهون سردار 04 ڊسمبر 1954ع تي وفات ڪري ويو. سندس وفات کان پوءِ نواب مير محد چانڊيو، نواب احمد سلطان چانڊيو، سردار نواب شبير احمد چانڊيو سردار ٿيا. جڏهن ته هاڻي نوابزاده خان چانڊيو'>سردار خان چانڊيو چانڊيا قبيلي جو سردار آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1872.12.25  عيسوي

چانڊيا قبيلي جي سردار، نواب غيبي خان چـانڊيـي جـو اصـل نـالـو عـلـي نـواز خـان ولد سردار محمد خان چانڊيو هو. هن 25 ڊسمبر 1872ع تي ڳوٺ غيبي ديري (تعلقي ۽ ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ) ۾ جنم ورتو


1954.12.04  عيسوي

چانڊيا قبيلي جو هيءُ ٽيٽيهون سردار 04 ڊسمبر 1954ع تي وفات ڪري ويو.


1945.03.25  عيسوي

نواب غيبي خان کي 25 مارچ 1945ع تي شهنشاهه برطانيا ’سر‘ جو خطاب ڏنو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ثمينه وقار
ايڇ ٽي لئمبرڪ
سلطان محمود خان بکري
محمد حسن جان رحه سرهندي ٽکڙائي
ديوان بهادر مرليڌر پنجابي
حبيب نائچ
تاج جويو
حبيب الله حبيب شهدادڪوٽي
امين کوسو
حيات سنڌي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون