ڊنشا دستور

ڊنشا دستور: ڊنشا دستور خانبهادر پيسٽنجي ڊي دستور جو فرزند، 25 ڊسمبر 1894ع تي ڪراچي شهر ۾ پيدا ٿيو. زردشت (پارسي) مذهب سان واسطو هئس. هن ابتدائي تعليم سوپاري والا اسڪول ڪراچي ۽ ثانوي تعليم اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. 1911ع ۾ مئٽرڪ، 1916ع ۾ گريجوئيشن ۽ 1918ع ۾ ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪيائين.
ابتدا ۾ بمبئيءَ ۾ ميشرس پين ۽ ڪمپني، ساليسيٽرس وٽ 1916ع کان 1919ع تائين ڪم ڪيائين. 1920ع ۾ سينٽرل بئنڪ آف انڊيا (بمبئي) جي هيڊ آفيس ۾ جونيئر آفيسر جي عهدي تي رهيو، جتان 1922ع ۾ سينٽرل بئنڪ آف انڊيا جي ڪراچي برانچ ۾ بدلي ٿي آيو ۽ 1930ع تائين مختلف جاين تي نوڪري ڪيائين. ان کانپوءِ 1930ع ۾ وڏيءَ مخالفت باوجود سنڌ سينٽرل ڪوآپريٽو بئنڪ جو جنرل مئنيجر ٿيو، جتي 1944ع تائين رهيو. ان کان پوءِ اتان استعيفا ڏيڻ بعد وري سينٽرل بئنڪ آف انڊيا ڪراچي برانچ جو 1955ع تائين مئنيجر ٿي رهيو، جتان 35 سالن جي بئنڪنگ سروس کانپوءِ رٽائر ٿيو. انهن عهدن کانسواءِ بايرس ۽ شيرس چيمبر ڪراچيءَ جي مئنيجنگ ڪميٽيءَ جو سربراهه به رهيو، ڪجهه وقت پاڪستان چيمبر آف ڪامرس جو ميمبر ٿي رهيو. هن لاءِ جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ۾ لکيو آهي ته: ”هي يار ويس، خاموش ڪارڪن ۽ محنتي ماڻهو رهيو آهي. قومي خيال رکڻ ڪري ’باءِ انڊين‘ تحريڪ ۾ حصو پڻ ورتائين. تحريڪ ۾ جڏهن خانبهادر عظيم خان جي چوڻ تي مون ۽ ڪيترن دوستن دلچسپي ورتي ته هي اسان جو ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪرڻ لڳو.“


لفظ ڊنشا دستورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1894.12.25  عيسوي

ڊنشا دستور خانبهادر پيسٽنجي ڊي دستور جو فرزند، 25 ڊسمبر 1894ع تي ڪراچي شهر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏاتو کهاوڙ
عباسي منور علي حاجي
رفيق عيساڻي
بانو قدسيه
رحيم بخش سومرو
شمس الدين احمد حڪيم
مير رستم خان ٽالپر
خانبهادر خير بخش خان لغاري
اُستاد فدا حسين خان
جان محمد جانڻ منگي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون