الستي عبدالغفور

الستي عبدالغفور

الستي عبدالغفور

الستي، عبدالغفور: ليکڪ، محقق ۽ سماجي اڳواڻ عبدالغفور الستيءَ 21 جنوري 1931ع تي شهر دڙي، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ۽ مڊل جا پهريان ٽي درجا انگريزي، اي. وي. اسڪول ميرپور بٺوري ۾ پڙهيو. تاريخي درسگاهه سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان 1948ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين، 1948ع ۾ انگريزي جي استاد طور اي. وي. اسڪول دڙي ۾ مقرر ٿيو. 1950ع کان 1960ع تائين آبپاشي کاتي ۾ سول انجنيئر رهيو. 1961ع ۾ نوڪرين تان استعيفيٰ ڏيئي لوئر بيريج ۾ 1970ع تائين سول ٺيڪيداري ڪئي. علم ۽ ادب سان لاڳاپو 1955ع کان قائم اٿس. هو 1957ع ۾ ون يونٽ خلاف سنڌي اديبن جي هلچل ۾ شامل رهيو. ناميارو اديب ۽ ڏاهو ليکڪ محمد ابراهيم جويو سندس استاد رهيو آهي. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ هُن 3 ڪتابڙا ڇپائي سڄي سنڌ ۾ مختلف ماڻهن ۾ مفت ورهايا، جن ۾ ”هي بيت ستايل سانگين جا“، ”سنڌي ٻولي“ (نظم) ۽ ”او سنڌ جون عورتون اٿو“ (نثر) شامل آهن. ادبي سفر ۾ کيس ابراهيم جويي، شيخ اياز، حفيظ قريشي (سينيئر) جي صحبت پڻ حاصل رهي. 1971ع ۾ هُن ماهوار ”ملير ڊائجيسٽ“جاري ڪيو. 1974ع ۾ ان رسالي ۾ ”نئين پاڪستان“ خلاف لکڻ تي کيس جيل اماڻيو ويو ۽ رسالي تي پابندي لڳائي وئي. هن فقير منش جاکوڙي ڪارڪن 1986ع ۾ ’الست‘ نالي سماجي تنظيم جو بنياد وڌو، جنهن جو مقصد غريب ٻارڙن لاءِ تعليم جي فراهمي هو. ان تنظيم سبب الستي سڏجڻ لڳو. الستيءَ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جو انگريزي ترجمو پڻ ڪيو آهي. جيڪو 1986ع ۾ ڇپيو. ان ۾ لطيف سائين جي چونڊ 786 بيتن جو منظوم ترجمو ڪيل آهي. سندس تصنيفن ۾ ”شاهه جو رسالو “، ”سنڌي ٻوليءَ کي للڪار“ ۽ ”بالغن جي تعليم لاءِ الستي پهريون ڪتاب“ شامل آهن. ان کان علاوه ڪيترائي ڪتابڙا ڇپرائي عام تعليم لاءِ مفت ورهايائين. هُن ماضيءَ ۾ ع.غ سنڌي جي نالي سان به خوب لکيو. سندس آتم ڪٿاٻنڌڻ ٻاروچن سين“ پڻ ڇپيل آهي . عبدالغفور الستي 30 آڪٽوبر 2014ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.01.21  عيسوي

عبدالغفور الستيءَ 21 جنوري 1931ع تي شهر دڙي ، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو


2014.10.30  عيسوي

عبدالغفور الستي 30 آڪٽوبر 2014ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جتوئي غلام مرتضيٰ خان
سيد ناز لطيفي
ديبلي ابو جعفر محمد بن ابراهيم
امين محمد ثالث عرف پکن ڌڻي
جهانگير قريشي
رائيٽ ڀائر
سيد قائم علي شاهه
آسودارام سَنت
ڪرهيو ڀانڊاري شيخ
بقادار شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون