بيگم ممتاز راشدي

بيگم ممتاز راشدي

بيگم ممتاز راشدي

بيگم ممتاز راشدي: بيگم ممتاز راشدي، سنڌ جي نامور عالم ۽ سياستدان پير علي محمد راشديءَ جي گهرواري، 8 مارچ 1934ع تي ڪلڪتي ۾ ڄائي. شروعاتي تعليم 1947ع ۾ انڊيا جي دارجيلنگ ضلعي جي ڊائوهل اسڪول مان حاصل ڪيائين. 1952ع ۾ ايڊن گرلس ڪاليج ڍاڪا مان آرٽ جي اعليٰ امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. سندس مضمونن ۾ انگريزي، معاشيات، منطق، علم سياسيات ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ تصوف شامل هئا. ڍاڪا يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ پهرين پوزيشن ۾ بي. اي پاس ڪيائين. 55- 1954ع ڌاري ڍاڪا يونيورسٽيءَ مان پهرين پوزيشن ۾ ايم. اي پاس ڪيائين. 56- 1955ع ۾ آمريڪا جي نارٿ ڊئم انڊيانا يونيورسٽيءَ مان صحافت ۾ ڊپلوما ڪيائين. پاڪستان جي ڪيترين ئي سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾ مضمون لکيائين. کيس انگريزي، فرينچ، بنگالي، اردو ۽ سنڌيءَ تي مهارت حاصل هئي. بيگم ممتاز راشدي 1955ع ۾ شاديءَ کان پوءِ سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ ٻارن جي صحت، عورتن جي رتبي جي واڌاري لاءِ سماجي ڪمن ۾ حصو ورتو. 1959ع ڌاري فلپائين ۾ وومين لايرس جي سيمينار جي صدارت ڪيائين. 1984ع کان 1986ع تائين پاڪستان سرڪار جي ڪئبينيٽ ڊويزن هيٺ عورتن جي بهبود ۽ ڀلائيءَ واري ڪميشن جي ميمبر پڻ رهي. سنڌ ۾ سماج سڌار تحريڪ جي صدر رهي، هن عورتن ۽ ٻارڙن جي ڀلائيءَ لاءِ سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن پڻ ٺاهي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻهراڙيءَ جي عورتن جي ترقيءَ وارن منصوبن واري نئشنل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن'>آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن جي ايڊوائيزر ۽ ڪوآرڊينيٽر رهي. 1986ع ۾ پاڪستان طرفان سارڪ ڪانفرنس ڍاڪا ۾ شرڪت لاءِ وفد جي اڳواڻي ڪيائين. 1959ع ۾ يونيسڪو ڪانفرنس منيلا ۾ شرڪت ڪيائين. 1961ع ۾ منيلا ۾ اسلام جي ترقيءَ بابت يونيسيف ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي. ان کان سواءِ هن پاڪستان طرفان ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿيل سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي. 1984ع ۾ سندس ’ڊان‘ ۾ ڇپيل علمي ڪالمن جي اردو ترجمي جو ڪتاب ”سنڌ نگاههِ قدر شناس“ ڇپيو، جڏهن ته ”ايرانين بليو ان سنڌ“ ۽ ”اسلامڪ آرٽ اينڊ ڪلچر آف سنڌ“ ڪتابڙن مان پهريون ڇپيل آهي. 1986ع کان 1989ع تائين قائداعظم اڪيڊمي جي بورڊ آف گورنرس جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جي ميمبر چونڊي وئي. پاڻ پاڪستان نئشنل ڪائونسل آف آرٽس، اسلام آباد جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر پڻ رهي. 1987ع کان 1990ع تائين يونيسڪو سان سهڪار بابت پاڪستاني ڪميشن جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر رهي. 1989ع ۾ بيگم ممتاز راشديءَ کي تعليم واري وفاقي وزارت پاران آثار قديمه بابت بين الاقوامي ڪميشن جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي سينيٽ ۽ سنڊيڪيٽ جي ميمبر پڻ رهي. پير علي محمد راشديءَ جي آخري ڇپيل مشهور انگريزي ڪتاب “Sindh Days and Ways” به بيگم ممتاز راشديءَ جو ايڊٽ ڪيل آهي. 1975ع واري ”سنڌ ٿرو سينچري انٽرنيشنل ڪانفرنس“ ڪراچي جي فعال ۽ متحرڪ ميمبر رهي. سندس وفات پهرين نومبر 2004ع تي ٿي، ۽ کيس ميوا شاهه قبرستان ۾ سندس مڙس پير علي محمد راشديءَ جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. سندس اولاد ۾ پٽ عادل ۽ نياڻي عنادل آهن.


لفظ بيگم ممتاز راشديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.03.08  عيسوي

بيگم ممتاز راشدي ، سنڌ جي نامور عالم ۽ سياستدان پير علي محمد راشديءَ جي گهرواري ، 8 مارچ 1934ع تي ڪلڪتي ۾ ڄائي .


1955.00.00  عيسوي

بيگم ممتاز راشدي 1955ع ۾ شاديءَ کان پوءِ سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ ٻارن جي صحت ، عورتن جي رتبي جي واڌاري لاءِ سماجي ڪمن ۾ حصو ورتو .


1959.00.00  عيسوي

بيگم ممتاز راشدي 1959ع ڌاري فلپائين ۾ وومين لايرس جي سيمينار جي صدارت ڪيائين .


1984.00.00  عيسوي

بيگم ممتاز راشدي 1984ع کان 1986ع تائين پاڪستان سرڪار جي ڪئبينيٽ ڊويزن هيٺ عورتن جي بهبود ۽ ڀلائيءَ واري ڪميشن جي ميمبر پڻ رهي .


2001.11.01  عيسوي

بيگم ممتاز راشدي پهرين نومبر 2004ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جوڻيجو حيدر خان
حاجي علي شاهه هنڱورو
عبدالستار ڏيرو
عرفانه ملاح
اظهار قاضي
ڌڻيءَ پرتو سميجو
سڀاش چندر بوس
پنهل ساريو
ڀڳت پيسو رام
سُهراب ڪائوسجي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون