حاجي محمود هالائي

حاجي محمود هالائي

حاجي محمود هالائي

حاجي محمود هالائي: نامور صحافي ۽ سماجي ڪارڪن حاجي محمود ولد حاجي محمد اسحاق ميمڻ 8 مارچ 1908ع تي شهر هالا نوان ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم هالا ۾ حاصل ڪيائين. 1926ع ڌاري حج ڪيائين. هالا جو هئڻ ڪري نالي پٺيان ’هالائي‘ لکندو هو. پندرهن سالن جي عمر ۾ خلافت تحريڪ ۾ حصو وٺي، سياسي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين. ان کان پوءِ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس، خاڪسار تحريڪ ۽ مسلم ليگ ۾ به رهيو. آزاديءَ جي جدوجهد دوران ڪيترا ڀيرا جيل ويو. 1926ع ڌاري صحافت شروع ڪيائين. 1935ع ڌاري ميرپورخاص ۾ پرنٽنگ پريس قائم ڪيائين. 1942ع ڌاري ميرپورخاص مان هفتيوار اخبار ’همدرد‘ جاري ڪيائين. مختلف موضوعن تي مضمون لکيائين، جيڪي ’همدرد‘ کان سواءِ ٻين ڪيترين سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا. هو صحافين جي مختلف تنظيمن جو عهديدار ۽ باني پڻ رهيو، جن ۾: ’ٿرپارڪر ايڊيٽر ايسوسيئيشن‘، ’ڊسٽرڪٽ پرنٽنگ پريس ايسوسيئيشن‘ وغيره شامل آهن هي ميرپورخاص پريس ڪلب جو صدر به رهيو. ان کان سواءِ ’انجمن مديران سنڌ‘ جو پريس سيڪريٽري پڻ رهيو. هن پنهنجي جدوجهد سان ٻهراڙيءَ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اسڪول قائم ڪرايا. صحافت ۽ سياست سان گڏ شاعري پڻ ڪيائين.
حاجي محمود هالائيءَ، 30 آڪٽوبر 1984ع تي وفات ڪئي. کيس هالا نوان ۾ دفنايو ويو.


لفظ حاجي محمود هالائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1908.03.08  عيسوي

نامور صحافي ۽ سماجي ڪارڪن حاجي محمود ولد حاجي محمد اسحاق ميمڻ 8 مارچ 1908ع تي شهر هالا نوان ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو.


1984.10.30  عيسوي

حاجي محمود هالائيءَ، 30 آڪٽوبر 1984ع تي وفات ڪئي. کيس هالا نوان ۾ دفنايو ويو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏيپلائي محمد عثمان
جان محمد مھر
لطف علي دَل
حميد نظامي
عبدالرحمان قاضي1
در محمد ڪمال
خاصخيلي جان
ابوبڪر خان مگسي
حسام سومرو
اعجاز حسين مهر
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون