خانبهادر غلام علي نانا

خانبهادر غلام علي نانا

خانبهادر غلام علي نانا

خانبهادر غلام علي نانا: نامور تعليمي ماهر خانبهادر غلام علي نانا ولد خانبهادر نورالدين، 29 جون 1880ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد بنيادي طرح هڪ استاد هو، جيڪو بعد ۾ سنڌ جو ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو. غلام علي نانا مئٽرڪ جو امتحان سنڌ مدرسي مان ڊسمبر 1898ع ۾ پاس ڪري، ڊي. جي سنڌ آرٽس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي، جتي هي پهريون مسلمان شاگرد هو، جنهن 1899ع ۾ عام معلومات جي امتحان ۾ ”مئڪسوبل ميلوائيل“ انعام حاصل ڪيو. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ مدرسي ۾ اسسٽنٽ ماستر مقرر ٿيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ استاد مقرر ٿيو، جتي ٽي سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ سر غلام حسين هدايت الله جي ڪوشش سان خيرپور جي هڪ اسڪول جو هيڊماستر مقرر ٿيو. 1911ع ۾ رياست خيرڳڙهه جي وڪٽوريا هاءِ اسڪول جو هيڊماستر، 1918ع ۾ اتر سنڌ ۾ ملا اسڪولن جو ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ۽ ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1922ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جو پرنسپال مقرر ٿيو، ان عهدي تي چوڏهن سالن تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. پهرين جنوري 1936ع تي کيس سنڌ جو ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو. سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ کان پوءِ 1937ع ۾ راجڪوٽ جي ’راجڪمار چيفس ڪاليج‘ جو وائيس پرنسپال مقرر ڪيو ويو. 1939ع جي ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران کيس سنڌ لاءِ ’وار رسڪ انشورنس‘ واسطي اسپيشل آفيسر مقرر ڪيو ويو. 1942ع ۾ سنڌ ۾ حرن جي ٻارن جي تعليم لاءِ سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو. ان کان پوءِ کيس پير پاڳاري جي فرزندن جي تعليم لاءِ نگران مقرر ڪيو ويو. 1947ع ۾ تعليم کاتي ۾ اسپيشل آفيسر مقرر ٿيو. خانصاحب غلام علي نانا، ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽس ڪمشنر، حيدرآباد مونسپالٽيءَ جو نامزد ميمبر، ٽنڊي باگي هاءِ اسڪول جو ميمبر ۽ سيڪريٽري رهيو. 1944ع کان 1946ع تائين سنڌ مدرسي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري رهيو. خانصاحب سنڌ ۾ مسلمان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي گڏيل تعليم جو باني هو. تعليم جي واڌاري لاءِ سدائين پتوڙيندو رهيو. حيدرآباد شهر ۾ سندس نالي سان هڪ اسڪول به قائم ٿيو. خانبهادر غلام علي نانا پهرين نومبر 1970ع تي وفات ڪئي. سندس پٽ جسٽس فيروز نانا ۽ پوٽي انيتا غلام علي پڻ سنڌ ۾ چڱي شهرت رکندڙ فرد آهن.
سندس تعليمي خدمتن جي عيوض 1933ع ۾ ڪراچيءَ ۾ بمبئيءَ جي گورنر لارڊ بربورن کيس ’خانبهادر‘ جو خطاب ڏنو، جڏهن ته 1935ع ۾ کيس جارج پنجين ’سلور جوبلي‘ جو تمغو ڏنو. سنڌ ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جي سرشتي کي نئين سر ٺاهڻ لاءِ بمبئي سرڪار هڪ ڪميٽي ٺاهي، جنهن جو کيس ميمبر مقرر ڪيو ويو.


لفظ خانبهادر غلام علي ناناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1880.05.29  عيسوي

نامور تعليمي ماهر خانبهادر غلام علي نانا ولد خانبهادر نورالدين، 29 جون 1880ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.


1970.11.01  عيسوي

خانبهادر غلام علي نانا پهرين نومبر 1970ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بخشل ٿلهو
بهاول خان انڙ
شيخ نوريو
پير غلام مجدد سرهندي مولانا
درويش حاجي عبداللطيف شاهه قادري
سنڌ سوديشي هوزرِي مل
ابن النديم
پيرزادو عبدالمجيب
ڀڳوان ايس گدواڻي
دريانو مل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون