ديوان ليلارام وطڻ مل خاڪي

ديوان ليلارام وطڻ مل ’خاڪي‘: عالم، نقاد، ناٽڪ نويس ۽ شاعر ديوان ليلارام سنگهه وطڻ مل ’خاڪي‘، 13 آڪٽوبر 1867ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. هو حيدرآباد جي لعلواڻي عامل ديوانن مان هو. هن مکي ڌنراج جي ڪوششن سان مئٽرڪ تائين حيدرآباد مان تعليم حاصل ڪئي. 1886ع ڌاري بمبئي ويو. بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي ۽ ايل. ايل. بي پاس ڪري پھرين وڪالت ڪئي ۽ پوءِ سول ڪورٽ جي جج مقرر ٿيڻ کانپوءِ 1918ع ڌاري رٽائرڊ ٿيو. هو سنڌي، انگريزي، سنسڪرت، هندي، پنجابي ۽ سرائڪي ٻولين جو ماهر، صوفياڻن خيالن وارو ويدانتي ۽ نانڪ پنٿي اڳواڻ ليکبو هو. ادب ڏانھن سندس لاڙو شاگرديءَ واري دؤر کان هو. شاعريءَ ۾ ’خاڪي‘ تخلص سان، غزل جي شاعر طور سڃاتو ويندو هو. سندس شاعريءَ جو مجموعو ’ديوان خاڪي‘ مشھور آهي. هن شاهه لطيف ۽ ان جي ڪلام بابت انگريزيءَ ۾ Life, Religion and Poetry of Shah Latif جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو، جيڪو 1890ع ۾ ڇپيو. ان کان سواءِ هن جو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي تي هڪ تنقيدي ليک ’ڀارت واسيءَ‘ اخبار ۾ شايع ٿيو. هن سنڌيءَ ۾ ناٽڪ به لکيا. سندس پھريون ناٽڪ ’هرشچندر‘ هو، جيڪو 1885ع ۾ اسٽيج تي پيش ڪيو ويو. ان کان سواءِ ’سروجن راڌا‘، ’رامائڻ‘، ’مھن تارڪا‘، ’دروپدي‘، لوڀي لاکيڻا‘ ۽ ’شاهه عادل خان‘ سميت ٻيا ڪيترائي سندس ناٽڪ شايع ٿيا ۽ اسٽيج تي ڏيکاريا ويا. هو علم عروض ۽ موسيقيءَ جو ڄاڻو هو. موسيقيءَ جي اصولن تي ٺاهيل سندس راڳ، ناٽڪ ’سورجن راڌا‘ ۾ ڏنل آهي. هن 1941ع ڌاري حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1867.10.13  عيسوي

نامور عالم نقاد، ناٽڪ نويس ۽ شاعر ديوان ليلارام سنگهه وطڻ مل ’خاڪي‘، 13 آڪٽوبر 1867ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

نور مصطفىٰ شيخ ڊاڪٽر
بلو سي راڻي
عبدالله ملاح پروفيسر
سيده شهلا رضا
پوڪرداس ٿانور داس
چوڌري پرويز الاهي
سندر اگناڻي
آسر داس صوفي
ڌڱاڻو جتوئي
رمضان سخيراڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون