سدورو مل ايم راجپوت

سدورو مل ايم. راجپوت: نامور ليکڪ ۽ اخبار نويس سدوري مل ايم. راجپوت 23 آڪٽوبر 1926ع تي ڳوٺ چانڊڻ تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گھوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. ورهاڱي دوران پنهنجن وڏن سان گڏجي ڀوپال (ڀارت) لڏي ويو. هن ادب جي شروعات ڪالمن ۽ ڪهاڻين لکڻ سان ڪئي. سنڌي، هندي ۽ اردو اخبارن ۾ سندس ڪهاڻيون ۽ ڪالم ڇپيا، انهن اخبارن ۾ سندس هندو واسي، نيو سنسار، سماچار، هندو ڀومي، چئلينج، پرڪاش (سنڌي)، نيو ڀارت ٽائيمز، ڌرم يگ، هند سماچار وغيره شامل آهن. سدورو مل مختلف اخبارن: سنديش، زندگي هفتيوار (ڀوپال)، امرشڪتي، سنڌو شڪتي، گيان ڌارا (ڀوپال)، سنڌڙي ۽ سنت نرنڪاري ماهوار رسالي جو به ايڊيٽر رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’اوتار اپديش‘ (ٽي ڀاڱا)، ’برهم گيان‘، ’روحاني راز‘، ’انمول رتن‘، ’شڌاڻي سنت جي سنڌ ياترا‘ (1976ع) ۽ ’هند ۽ سنڌ جي سنتن جون جيون جهانڪيون‘ شامل آهن.: نامور ليکڪ ۽ اخبار نويس سدوري مل ايم. راجپوت 23 آڪٽوبر 1926ع تي ڳوٺ چانڊڻ تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گھوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. ورهاڱي دوران پنهنجن وڏن سان گڏجي ڀوپال (ڀارت) لڏي ويو. هن ادب جي شروعات ڪالمن ۽ ڪهاڻين لکڻ سان ڪئي. سنڌي، هندي ۽ اردو اخبارن ۾ سندس ڪهاڻيون ۽ ڪالم ڇپيا، انهن اخبارن ۾ سندس هندو واسي، نيو سنسار، سماچار، هندو ڀومي، چئلينج، پرڪاش (سنڌي)، نيو ڀارت ٽائيمز، ڌرم يگ، هند سماچار وغيره شامل آهن. سدورو مل مختلف اخبارن: سنديش، زندگي هفتيوار (ڀوپال)، امرشڪتي، سنڌو شڪتي، گيان ڌارا (ڀوپال)، سنڌڙي ۽ سنت نرنڪاري ماهوار رسالي جو به ايڊيٽر رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’اوتار اپديش‘ (ٽي ڀاڱا)، ’برهم گيان‘، ’روحاني راز‘، ’انمول رتن‘، ’شڌاڻي سنت جي سنڌ ياترا‘ (1976ع) ۽ ’هند ۽ سنڌ جي سنتن جون جيون جهانڪيون‘ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.10.23  عيسوي

نامور ليکڪ ۽ اخبار نويس سدوري مل ايم. راجپوت 23 آڪٽوبر 1926ع تي ڳوٺ چانڊڻ تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گھوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. ورهاڱي دوران پنهنجن وڏن سان گڏجي ڀوپال (ڀارت) لڏي ويو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آفتاب ابڙو
قلندر شاهه لڪياري
سدورو مل ايم راجپوت
پوپٽي هيراننداڻي
ڊاڪٽرعبدالجبار جوڻيجو
عاجز ڪريم پوري
عبدالمالڪ ميمڻ انجنيئر
صبا دشتياري
ساقي سجاولي
الياس سيتا پوري
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون