سيد عبدالرحيم موسوي

سيد عبدالرحيم موسوي

سيد عبدالرحيم موسوي

سيد عبدالرحيم موسوي: سيد عبدالرحيم موسوي ولد سيد غلام مرتضى موسوي، 5 آڪٽوبر 1957ع تي سکر ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم پراڻي سکر جي مين پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي، ثانوي تعليم لاءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول روهڙيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. روهڙيءَ جي سيد عطا حسين شاهه ڊگري ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ پاڻ ڪراچيءَ ۾ سنڌي جو استاد مقرر ٿيو، ملازمت سان گڏ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرن لاءِ به ڪوشان رهيو. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بين الاقوامي تعلقات جي مضمون ۾ ايم. اي جو امتحان پاس ڪيائين، انکانسواءِ ايس . ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل. ايل. بي جي به سند حاصل ڪيائين. شاهه صاحب جي ملازمت وارو هنڌ لياري هجڻ سبب هن هتان جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي حالتن جو تمام ڳوڙهو مشاهدو ۽ اڀياس ڪيو، اهوئي ڪارڻ هو جو هن لياري ڪميونٽي ڊوولپمينٽ پروجيڪٽ ۾ انگريزي سکڻ لاءِ داخلا ورتائين. هن اداري ۾ رهڻ ڪري کيس لياريءَ جي مسئلن بابت گھڻي ڄاڻ حاصل ٿي. ان ڪري لياري پروجيڪٽ ڪائونسل جو ميمبر مقرر ٿيڻ سان گڏ ان ڪائونسل جي قائم ڪميٽيءَ جو چيئرمئن به مقرر ٿيو. 1997ع ۾ کيس لياري پروجيڪٽ جو صدر چونڊيو ويو. هيءُ سياسي، سماجي ۽ ثقافتي مصروفيتن سان گڏ علم ۽ ادب ڏانهن به متوجهه رهيو، 1992ع کان 1996ع تائين روزاني اخبار ’عوامي آواز‘ ۾ ’رند پروڙين راز‘ عنوان سان ڪالم لکندو رهيو، جنهن ۾ سياسي، سماجي ۽ ثقافتي نوعيت جو مواد پيش ڪندو هو. انهن ڪالمن مان چونڊ ڪري ’رند پروڙين راز‘ عنوان سان ڪتاب ڇپايائين. ان کان سواءِ سندس هڪ ٻيو ڪتاب ’سماجي انقلاب‘ به شايع ٿيل آهي.


لفظ سيد عبدالرحيم موسويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.10.05  عيسوي

سيد عبدالرحيم موسوي ولد سيد غلام مرتضى موسوي، 5 آڪٽوبر 1957ع تي سکر ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بيگم ممتاز راشدي
عبدالقادر بلو
حنيف صديقي
بچايو رند
سيد لطف علي شڪر الاهي ٺٽوي
طلعت اقبال
عبدالستار ڀٽي
الھبچايو فقير
شمس الدين احمد حڪيم
احمد محمد قاضي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون