تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** چچ نامه/ چچ نامو **

چچ نامه/ چچ نامو (فتح نامه سنڌ: ڪتاب): اسلامي دؤر ۾ ننڍي کنڊ ۾ تاريخ بابت لکيل هي پهريون ڪتاب آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو اندازو آهي ته اصل عربي ڪتاب 225هه/ 840ع کان 400 هه/ 1009ع واري عرصي ۾ تاليف ٿيو ۽ علي ڪوفي 613هه/ 1216ع ۾ ان جو فارسي ترجمو ڪيو. ڪتاب جي مصنف بابت ڪجهه به معلوم ڪونهي. البت ڪتاب جي عربي نالي بابت ٻه روايتون آهن: هڪ موجب ان جو نالو منهاج الدين و الملک ۽ ٻي راويت موجب هن تاريخي ڪتاب جو نالو تاريخ منهاج المسالڪ آهي. علي بن حامد ڪوفي مغربي ۽ وچ ايشيا ۾ انتشار جي ڪري پنهنجو اصل ملڪ ڇڏي اچ شريف پهتو. ان وقت هتي ناصرالدين قباچه (602 – 625 هه) جي حڪومت هئي. علي ڪوفي عربي ۽ فارسي ٻولين جو اڪابر هو. هي اچ جي درٻار ۾ قباچه جي وزير شرف الملڪ جي وفات کانپوءِ سندس پٽ عين الملڪ جو پڻ وزير ٿيو، جنهن سان به علي بن حامد جا سٺا تعلق برقرار رهيا. ليڪن بعد ۾ ٻنهي ۾ دوري پيدا ٿي. ان ڪري علي ڪوفي ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ جي رٿا ڪئي ته جيئن وزير عين الملڪ کي وري راضي ڪري وٺي. ان پسمنظر ۾ علي ڪوفي، اچ کي ڇڏي، سنڌ جي قديم دارالحڪومت اروڙ ۾ آيو، جتي سندس ملاقات قاضي اسماعيل سان ٿي. قاضي صاحب هن کي ....وڌيڪ پڙهو