تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ڏونڪن جو ناچ ڏانڊيا ناچ **

ڏونڪن جو ناچ/ڏانڊيا ناچ: هيءُ هڪ منفرد ناچ آهي، جيڪو عيدن، شادي مراديءَ يا خاص تهوار تي ڪيو ويندو آهي. هي ناچ ڏونڪن تي ڪيو ويندو آهي ۽ گهڻو ڪري رات جي وقت رچايو ويندو آهي. هن ناچ کي ٿر ۾ ’ڏانڊيا ناچ‘ چوندا آهن. ناچ دوران ڇوڪريون يا ڇوڪرا حلقو ٻَڌي گول ڦرندا آهن. هن ناچ مهل ويڪري ميدان تي وچ ميڙ ۾ مڱڻهار بيهي دهل وڄائيندو آهي ۽ نچڻ وارا هٿن ۾ ڏونڪا جهلي نچندا آهن، جن جي ٻنهي ڇيڙن ۾ پنج يا ست ننڍا گھنگھرو ٻڌل ٿيندا آهن، اهي گول دائرو ٺاهي نچندا آهن ۽ ڏونڪا هڻندا ويندا آهن. هن ناچ وقت دهلاري آهستي آهستي ’ڏانڊيا‘ وڄت ڪندو آهي، جنهن جا ٻول ’ڍينجان- ڌينجان- ڌينچڪ- ڌينچڪ- ڌين‘ هوندي آهي. ناچ ڪندڙ دهلاريءَ جي چوڌاري گھيرو ڪري پير سان پير ملائي هڪ کي ٻئي جي ڏنڊيءَ سان لئه موجب هڻندا ۽ ڦرندا ايندا آهن. پوءِ جيئن وڄت جي لئي تيز ٿيندي ويندي، تيئن تڪڙا ڏونڪا وڄائيندا ۽ گڏ ڪافي به چوندا ويندا آهن. ڪافيءَ جي ٿلهه کي گھڻيون وراڻيون ڏيندا آهن، تڪ چئي ماٺ ڪندا آهن، ڏانڊيو وڄندو ايندو آهي، پير پير سان کڄندو ايندو آهي. تال وٺڻ تي سڀئي جنهن جاءِ تي هوندا اتي ئي ويهي رهندا. ٻي تال تي ڏيڍي ڦيري ڏيندا ۽ ٽئين....وڌيڪ پڙهو