تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-06-21 عيسوي تاريخ ۾


1837.06.21ع :  جان بيمس ( Sir John Beames ) : سر جان بيمس ، 21 جون 1837ع تي انگلنڊ جي شهر گرين وچ ۾ ڄائو . ... وڌيڪ پڙهو 1918.06.21ع :   مولانا عبدالغفور 11 رمضان 1336هه مطابق 21 جون 1918ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ جي جامع مس... وڌيڪ پڙهو 1932.06.21ع :   لونگ خان ولد محمد پريل سولنگي، سيتا وليج جي ڀر ۾ واقع ننڍڙي ڳوٺ ’وريو سولنگيءَ‘ ۾ 21 جون 1932ع تي پ... وڌيڪ پڙهو 1935.06.21ع :  آخوند هدايت الله ” مشتاق “ هالائي 21 جون 1935ع پهرين ربيع الثاني 1354 هه تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1938.06.21ع :  مولوي عبدالحڪيم 22 ربيع الثاني 1357هه مطابق 21 جون 1938ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1944.06.21ع :  سيف ٻنوي 21 جون 1944ع تي ٻنون ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1953.06.21ع :   بينظير ڀٽو جي ولادت 21 جون 1953ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي... وڌيڪ پڙهو 1958.06.21ع :   مشھور لکيڪ، سماج سُڌارڪ ۽ شاعر محمد رفيق بلوچ 21 جون 1958ع تي ڪراچيءَ جي لياريءَ واري علائقي ۾ پوره... وڌيڪ پڙهو 1962.06.21ع :  پ پ پ اڳواڻ ڄام سيف الله ولد ڄام عبدالستار ڌاريجو، 7 جون 1962ع تي عادلپور، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. ڪيل... وڌيڪ پڙهو

هجري تاريخ ۾


1131.10.16ھ: عالم، فاضل مخدوم عبدالرحمان ٺٽوي ولد مخدوم محمد هاشم ٺٽوي 16 شوال 1131هه/1719ع ڌاري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** اياز قادري **

اياز قادري: پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري ناميارو شاعر، افسانه نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ماهر تعليم هو. 19 جنوري 1927ع تي لاڙڪاڻي جي مشهور قادري خاندان ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو فقير غلام سرور قادري هو. جيڪو پڻ غزل جو سٺو شاعر هو. هن صحافت جي ميدان ۾ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هفتيوار اخبار ”الحقيقت“ به ڪڍي هئائين. اياز قادريءَ لاڙڪاڻي مدرسه هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد ڪراچيءَ مان بي. اي (آنرس)، ايم. اي (فارسي)، ايم. اي (سنڌي) ۽ ايل ايل بيءَ جون ڊگريون حاصل ڪيون. هن سنڌي غزل جي اوسر تي پي ايڇ ڊي جو مقالو علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ لکي، ڊاڪٽريءَ جي سَند حاصل ڪئي. اياز قادري 1950ع کان 1970ع تائين ايس. ايم. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرر رهيو. 1971ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو پهريون چيئرمئن مقرر ٿيو ۽ ڏهن سالن تائين انهيءَ عهدي تي فائز رهيو. پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ”شاهه لطيف چيئر“ جو باني ڊائريڪٽر پڻ رهيو. ان دوران سندس يادگار ڪارنامو، پروفيسر سيد وقار رضويءَ جي تعاون سان، شاهه لطيف رحه جي مڪمل ڪلام جو نثري اردو ترجمو آهي، جيڪو اڪادمي ادبيات پاڪستان طرفان چئن جلدن ۾ ڇپايل آهي. اردو، س....وڌيڪ پڙهو