تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** پيانو **

پيانو: برقي پيانو 1960-1970ع وارن ڏهاڪن ۾ عام ٿيو. هن وڏي آڪار وارا پراڻي پياني جي جاءِ والاري. پراڻو ساز اسڪولن، ڪاليجن ۽ ڪلبن ۾ رکيل هوندو هو. دراصل هن کي اصل معنيٰ ۾ برقي ساز نه سمجهڻ گهرجي. هي هڪ برقي ڪلدار ساز آهي. هن ۾ آوازُ ينتري (Mechanical) طريقي سان پيدا ٿيندو آهي. پوءِ ڊوهن (Pickups) جي ذريعي، اهي آوازَ سُريلا ٿي ويندا آهن. هن کان اڳ وارا پيانا 1920ع ۾ ايجاد ٿيا هئا. برقي پيانا هن وقت نٿا ٺهن، شايد آخري نمونا 1980ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري ٺهيا. برقي پيانا اُڀا آهن ۽ انهن جون تارون مترڪن سان وڄن. پياني جي ٻين قسمن ۾ برقي طريقا آهن: بهرحال انهن سڀني سازن جي آوازي خاصيت صوتي (Acoustic) پياني جهڙي آهي. هن جا ڪيترائي نمونا/ قسم آهن. هر قسم ٻئي کان ٿورو ٿڪو الڳ سر مستي سان آهي.

هي يورپ جو مقبول ساز آهي. هي اصل ۾ تار جو ساز آهي. هن جي اندرئين اڌ حصي تي سر منڊل وانگر انيڪ تارون ڊيگهه ۾ الڳ الڳ سرن جي نمائندگي ڪندڙ تاڻيل هونديون آهن. اهي تارون ننڍين ڪاٺين وسيلي ساز جي اڳئين پاسي واري ڪليدي تختيءَ هيٺيان، هر هڪ تار ڪليد سان اهڙي نموني ملايل آهي، جو ڪنهن به ڪليد تي يا آڱر رکبي ....وڌيڪ پڙهو