سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
ڀڳوان اٽلاڻي: مشھور ليکڪ ۽ ڊرامانويس ڀڳوان اٽلاڻيءَ 10 مارچ 1945ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ هندوستان لڏي ويو. BSc تائين تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ اسٽيٽ بينڪ آف انڊيا ۾ ملازمت ڪئي، جتان رٽائرڊ ڪري هن وقت جئپور ۾ رهي ٿو. سندس ڪھاڻين ۽ ڊرامن جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’پالتو‘ (لانگ پلي: 1983ع)، (2) ’ڪنڊن جا ٻج‘ (ڪھاڻين جو مجموعو: 1985ع)، (3) ’ڀنڊارو‘ (ڊرامن جو مجموعو:1986ع)، (4) ’الوداع‘ (ريڊيائي ڊرامن جو مجموعو: 1989ع) ۽ (5) ’پنھنجي پنھنجي رڃ‘ (ناول: 1991ع) شامل آهن. سندس ڪم جي مڃتا طور کيس ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ آل انڊيا سنڌو ڪلچرل سوسائٽيءَ، راجستان سنڌي اڪيڊمي، راجستان ساهتيه اڪيڊمي، ڊپارٽمينٽ آف لئنگئيجز گورنمينٽ آف هريانا، ماهوار رسالي ”مڪتا“، ”سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ گورنمينٽ آف انڊيا، دهليءَ“ طرفان مليل اوارڊ شامل آهن. هي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ قائم ڪيل اداري نئشنل ڪائونسل فار دي پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (NCPSL)جو ميمبر ۽ راجستان سنڌي اڪيڊميءَ جو چيئرمئن (2000ع- 1997ع) به رهيو آهي. هي فري لانس صحافي به آهي. ڪيترين اخبارن ۾ سندس ليک ڇپبا رهيا آهن. ادب ۾ سندس اظهار ج....وڌيڪ پڙهو