تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** صديقي محمد صالح **

صديقي، محمد صالح: مخدوم محمد صالح صديقي ولد مخدوم محمد حسن، ٽالپرن جي دور جو هڪ صوفي درويش، عالم، خطاط، طب ۽ علم جعفر جي ڄاڻوءَ طور سڃاتو ويندو هو. پاڻ يارنهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي چاچي مخدوم محمد عارف مفتيءَ کان سمورا رواجي علم حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ ڪتابن جي مطالعي ۾ مشغول رهندو هو ۽ يادِ الاهيءَ ۾ محو هوندو هو. ايتريقدر جو ماڻهو کيس مجذوب سمجهندا هئا. پاڻ کي جعفري طريقي جو پيروڪار سڏرائيندو هو. اهل بيت جي محبت جي وڏي دعوى رکندو هو. گوشه نشيني، چله نشيني ۽ رياضت ۾ ايترو ته محو ۽ مشغول رهندو هو جو فقط وڻن جي پنن تي گذران ڪندو هو. هن سڄي زندگي شادي ڪانه ڪئي. پاڻ کي ملندڙ نذرانن کي غريبن، محتاجن ۽ ضرورتمند ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. درويش، شاهه عبداللطيف جي ڪلام کي ٻڌڻ جو ڏاڍو شائق هو، جنهن ڪري سندس ٻه فقير، سومر ۽ فضل کيس شاهه جو ڪلام ٻڌائي راتين جون راتيون وجداني ڪيفيت ۾ مشغول رکندا هئا. درويش جي تقويٰ ۽ پرهيزگاري ڪري ٽالپرن جي ساڻس ڏاڍي الفت ۽ عقيدتمندي هئي. جڏهن مير نصير خان ولد مراد علي خان سنڌ جو والي ٿيو. تڏهن مخدوم کي ديهه سامٽياڻي ۾ جاگير ڏنائين. ڪتاب ‘سيوهڻ صدين کان’ جي مصنف موجب، هن....وڌيڪ پڙهو