تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-07-01 عيسوي تاريخ ۾


1901.07.01ع :  خانصاحب غلام رسول ڪيهر، پهرين جولاءِ 1901ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ڪيهرن ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1904.07.01ع :  سنڌ جو مشھور بيورو ڪريٽ ۽ شاهه لطيف جو پارکو، پھرين جولاءِ 1904ع تي سنڌ جي تاريخي شھر شڪارپور جي ڪڙي... وڌيڪ پڙهو 1922.07.01ع :  مشهور محقق ۽ آرڪيالاجسٽ، ڊاڪٽر ايس. آر. رائو جو پورو نالو شڪاريپورا رنگناٿ رائو (Shikaripura Rangana... وڌيڪ پڙهو 1922.07.01ع :  دادي پرڪاش مڻي، حيدرآباد سنڌ ۾ 1 جولاءِ 1922ع تي گوپالداس جي گھر جنم ورتو. ... وڌيڪ پڙهو 1924.07.01ع :  آڏواڻي ، رام ڪرشن ھيرانند ” راھي “ پهرين جولاءِ 1924ع ۾ سنڌ جي شھر حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1926.07.01ع :   پاڪستان جو ناليوارو ليکڪ، مؤرخ ۽ عالم، پروفيسر شريف المجاهد، 1 جولاءِ 1926ع تي مدراس (گڏيل هندستان)... وڌيڪ پڙهو 1928.07.01ع :  الهداد جهنجهي ، پهرين جولاءِ 1928ع تي پيدا ٿيو ... وڌيڪ پڙهو 1929.07.01ع :  ڊاڪٽر جميل جالبي ، 1 جولاءِ 1929ع تي عليڳڙهه ۾ ڄائو .... وڌيڪ پڙهو 1934.07.01ع :   ڊاڪٽر عبدالخالق راز ولد آخوند محمد حسن خان ’مسڪين‘ سومرو، پهرين جولاءِ 1934ع تي ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙي... وڌيڪ پڙهو 1934.07.01ع :   ڊاڪٽر عبدالخالق راز ولد محمد حسن ‘مسڪين’ سومرو، پھرين جولاءِ 1934ع تي ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙي، تعلقي خا... وڌيڪ پڙهو 1937.07.01ع :  پاڪستان سطح جو مشهور والي بال رانديگر خادم حسين انڙ ولد حاجي فاروق علي انڙ، پهرين جولاءِ 1937ع تي ڳو... وڌيڪ پڙهو 1938.07.01ع :  هندستان جو مشهور ڪلاسيڪل بانسري نواز هري پرساد چوراسيا، اتر پرديش صوبي جي شهر الهه آباد ۾، پهرين جول... وڌيڪ پڙهو 1939.07.01ع :  احمد بخش بدوي: احمد بخش بدوي ” مٺل “ شاعر ۽ مضمون نگار ، شڪارپور جو رهاڪو ، نامور شاعر ۽ صوفي ف... وڌيڪ پڙهو 1940.07.01ع :  1 جولاءِ 1940ع کان 10 فيبروري 1942ع تائين نوابشاهه ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو.... وڌيڪ پڙهو 1940.07.01ع :  حڪيم ظل الرحمان سيد 01 جولاءِ 1940ع تي هندستاني رياست ڀوپال (موجوده مڌيه پرديش) ۾ هڪ عالم ۽ حڪمت وار... وڌيڪ پڙهو 1951.07.01ع :   مير محمد پرهياڙ جوجنم 1- جولاءِ 1951ع تي بدين ضلعي ۾ ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1960.07.01ع :  مشهور نفسياتي ماهر، اديب ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو پهرين جولاءِ 1960ع تي ڳوٺ راهوجا، تعلقي قنبر ۾ حاجي ش... وڌيڪ پڙهو 1960.07.01ع :   سائنسدان ۽ ائروناٽيڪل انجنيئر ڪلپنا چاولا هندستان جي پهرين ۽ شايد سنڌي قوم جي به پهرين خلاباز (Astr... وڌيڪ پڙهو 1960.07.01ع :   پروفيسر عبدالله ملاح ولد محمد پريل ملاح پهرين جولاءِ 1960ع تي بدين شهر ۾ جنم ورتو. ... وڌيڪ پڙهو 1961.07.01ع :  برطانيا جي شهزادي ليڊي ڊائنا، پهرين جولاءِ 1961ع تي جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1969.07.01ع :  سنڌ جي ناليواري شاعر ڊاڪٽر الطاف عاصيءَ جو پورو نالو الطاف حسين ولد عبدالغفور چانڊيو آهي. سندس جنم پ... وڌيڪ پڙهو 1970.07.01ع :  آرائين ، طارق مسعود پهرين جولاءِ 1970ع ۾ نوابشاهه ۾ ڄائو ... وڌيڪ پڙهو 1970.07.01ع :  پهرين جولاءِ 1970ع تي بلوچستان کي صوبي جو درجو مليو، پر صوبي ۾ هاءِ ڪورٽ الڳ نه هئي، سنڌ ۽ بلوچستان ... وڌيڪ پڙهو 1970.07.01ع :   سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد (پختونخوا) صوبن جي گڏيل جدوجهد سان ئي اڳتي هلي ون يونٽ ٽٽو ۽ 1 جولاءِ 1970ع ت... وڌيڪ پڙهو 1970.07.01ع :  عبدالله عاصم ولد صدرالدين سومرو پهرين جولاءِ 1970ع تي ڳوٺ مرزاپور تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ ڄا... وڌيڪ پڙهو 1970.07.01ع :  دمشھور ليکڪ ۽ صحافي آر. بي. سارنگ پھرين جولاءِ 1970ع تي، ٽنڊي محم خان جي ڳوٺ سعيد متو ۾، محمد سومار ... وڌيڪ پڙهو 1972.07.01ع :  شهنائي نواز، طبلي نواز، نوحه خوان، عبدالستارولد غلام جعفر سمو، پهرين جولاءِ 1972ع تي رتيديري، ضلعي ل... وڌيڪ پڙهو 1982.07.01ع :  خوشاب پنجاب جي سرگوڌا ڊويزن جو هڪ ضلعو ۽ مشهور شهر آهي. شروع ۾ خوشاب تعلقو هو، جنهن کي پهرين جولاءِ ... وڌيڪ پڙهو 1994.07.01ع :   پهرين جولاءِ 1994ع تي ’گورنمينٽ هاءِ اسڪول پير بخش شجراع‘ مان هيڊماستر جي عهدي تان رٽائر ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 2005.07.01ع :   اي. آر بلوچ 82 سالن جي عمر ۾ پھرين جولاءِ 2005ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 2021.07.01ع :   انور اقبال ڪيسنر جي مرض سبب پھرين جولاءِ 2021ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي ۽ ميوه شاهه قبرستان ۾ آرامي ٿي... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** علي اظهار **

علي اظهار: ناليواري اديب، شاعر، ترجمي نگار ۽ صحافي علي اظهار جو پورو نالو علي محمد ولد ڌڻي بخش سومرو آهي. سندس جنم 7 جنوري 1971ع تي ڀريا سٽي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڀريا سٽيءَ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڀريا سٽيءَ مان، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري مان ۽ ايم. ايس. سي (ايگريڪلچر) زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان 1998ع ۾ ڪيائين. ان کان سواءِ هن صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه مان صوفي ازم ۾ ڊپلوما به ڪئي آهي. هن عملي زندگيءَ جي شروعات 2003ع ۾ ايگريڪلچر آفيسر جي حيثيت ۾ ڪئي. هن وقت زرعي توسيع کاتي ڄام شوري ۾ ايگريڪلچر آفيسر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

هن لکڻ جي شروعات 1987ع ڌاري ڪئي. سندس لکڻيون ادبي رسالن توڙي اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون. علي اظهار، سنڌي ادبي سنگت جي دريا خان جلباڻي، ٽنڊي ڄام ۽ حيدرآباد شاخن سان سلهاڙيل رهيو. علي اظهار زرعي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران، 1995ع ڌاري ماهوار رسالي ‘هزار داستان’ جو ايڊيٽر رهيو. 1999ع ۾ ڪجهه عرصي لاءِ عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي ايڊمنسٽريٽوِ آفيسر طور ڪم ڪيائين. ان کانپوءِ روزاني ‘سچ’ اخبار جي ڪرائيم....وڌيڪ پڙهو