تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-09-27 عيسوي تاريخ ۾


1328.09.27ع :  ابن تيميه کان مس ۽ قلم کسيا ويا ته ڪي شيون ڪوئلي سان پڻ لکيائين . 27 سيپٽمبر 1328ع تي دمشق ۾ وفات ... وڌيڪ پڙهو 1857.09.27ع :  سگهڙ قاضي الھورايو نظاماڻي 27 سيپٽمبر 1857ع تي ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1899.09.27ع :  بيگم مريم حاتم بدرالدين طيب جي: بوهرا فرقي جي بزرگ سر اڪبر حيدريءَ جي ڌيءُ بيگم مريم حاتم ، 27 سيپ... وڌيڪ پڙهو 1933.09.27ع :   هندستان جو مشهور سنڌي اداڪار، ڊراما ليکڪ ۽ هدايتڪار، سندر بوٽاڻي، 27 سيپٽمبر 1933ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائ... وڌيڪ پڙهو 1945.09.27ع :   پاڪستان جو مشهور وڪيل، دانشور ۽ سياستدان اعتزاز احسن 27 سيپٽمبر 1945ع تي ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1961.09.27ع :  ادريس محمد مولوي ڊاڪٽر السندي: مولوي ڊاڪٽر محمد ادريس ولد مولانا محمد قاسم سومرو ، 27 سيپٽمبر 196... وڌيڪ پڙهو 1966.09.27ع :  سياسي اڳواڻ ممتاز علي ولد محمد حيات ڀنڊ 27 سيپٽمبر 1966ع تي ڳوٺ مينهين خان ڀنڊ ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿي... وڌيڪ پڙهو 1981.09.27ع :  شهاب الدين چشتي 1896ع ڌاري شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.27 سيپٽمبر 1981ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1991.09.27ع :   بي بي صغران 27 سيپٽمبر 1991ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 2009.09.27ع :  حسن شيخ 27 سيپٽمبر 2009ع تي وفات ڪئي، کيس ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو.... وڌيڪ پڙهو

هجري تاريخ ۾


0510.01.22ھ: سنڌ جو ناليوارو بزرگ ۽ ولي الله سيد محمد مڪي بن سيد محمد شجاع 22 محرم 510هه/1116ع تي مڪي شريف ۾ ڄائو... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** سورٺ ٿيٻو **

سورٺ ٿيٻو: مسلم ليگ (ن) سنڌ جي اڳواڻ سورٺ ٿيٻو جو اصل نالو سورٺ ٿهيم ڌيءَ محمد عمر ٿهيم آهي. هن دادو شهر ۾ 15 آڪٽوبر 1968ع ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم دادوءَ مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول خيرپورناٿن شاهه مان 1985ع ۾ ڏني، هن انٽر گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج خيرپورناٿن شاهه مان 1987ع ۾ ڪرڻ کانپوءِ بي. اي (آنرز) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1990ع ۾ ڪئي.

سورٺ ٿيٻو، سياست جي شروعات 1990ع ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ (ليڊيز ونگ) ضلعي دادوءَ جي صدر جي حيثيت ۾ ڪئي ۽ ٻه سال اُن عهدي تي رهي ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ هن ’سنڌ نيشنل فرنٽ‘ ڇڏي مسلم ليگ (نواز گروپ) ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ کيس مسلم ليگ (ن) ليڊيز ونگ سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جتي 1999ع تائين ڪم ڪندي رهي. هوءَ سال 2000ع کان 2001ع تائين ٻه سال مسلم ليگ (ن) ليڊيز ونگ جي صوبائي صدر رهي. ٻيو ڀيرو 2010ع کان 2011ع تائين ٻه سال سنڌ جي صدر به رهي آهي.

سورٺ ٿيٻو 1995ع ۾ ميهڙ جي معروف ليکڪا بيگم بادام ناتوان جي فرزند گلزار احمد ٿيٻي سان شادي ڪئي، جيڪو مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ مير ٿيٻي جو ڀاءُ آهي.

جڏهن ميان نواز شريف....وڌيڪ پڙهو