تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-07-05 عيسوي تاريخ ۾


1880.07.05ع :  ارنيسٽ مئڪي 5 جولاءِ 1880ع تي انگلينڊ جي شهر برسٽل ( Bristol ) ۾ جنم ورتو ... وڌيڪ پڙهو 1900.07.05ع :   نامياري صحافي ماهر تعليم ۽ تحريڪ پاڪستان جي ڪارڪن محمد شريف طوسيءَ 5 جولاءِ 1900ع تي امر تسر ۾ جنم ... وڌيڪ پڙهو 1940.07.05ع :  طارق اشرف جو پورو نالو سيد اشرف علي ولد سيد لطف علي شاهه هو، سندس جنم 5 جولاءِ 1940ع تي حيدرآباد ۾ ٿ... وڌيڪ پڙهو 1945.07.05ع :  سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب ۽ محقق دادا سنڌيءَ جو اصل نالو ڪريم بخش ولد محمد قاسم سومرو هو. سندس جنم 5... وڌيڪ پڙهو 1953.07.05ع :  سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪا، محقق ۽ نقاد، پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز خواجه، 5 جولاءِ 1953ع تي حيدرآباد... وڌيڪ پڙهو 1955.07.05ع :  بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير محمد اسلم رئيساڻي ولد نواب غوث بخش خان رئيساڻي، 5 جولاءِ 1955ع تي بلوچستا... وڌيڪ پڙهو 1958.07.05ع :  آذر ناياب بدايوني 5 جولاءِ 1928ع تي ڀارت جي شهر بدايون جي قاضي ٽولا محلي ۾ پيدا ٿيو. ... وڌيڪ پڙهو 1962.07.05ع :  انور علي شاهه 5 جولاءِ 1962ع تي وفات ڪئي... وڌيڪ پڙهو 1963.07.05ع :  مشهور ليکڪا، شاعره، ڪالم نويس ۽ ڪمپيئر، شبنم گل، 5 جولاءِ 1963ع تي دادوءَ ۾ ڊاڪٽر بشير احمد لاشاريءَ... وڌيڪ پڙهو 1967.07.05ع :  اداڪار، گلوڪار، ڊرامه نويس ۽ شاعر وزير فرهاد سولنگيءَ 5 جولاءِ 1967ع تي ڳوٺ مياڻيءَ لڳ ٺٽ ڳوراهو، تع... وڌيڪ پڙهو 1977.07.05ع :  5 جولاءِ 1977ع تي ملڪ ۾ مارشل لا لڳڻ بعد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ تي هن نوڪريءَ تان استعيفا... وڌيڪ پڙهو 1982.07.05ع :  نوجوان محقق، اسڪالر، تعليمدان ۽ اديب ڊاڪٽر ساجده پروين جو جنم 5 جولاءِ 1982ع تي ڳوٺ مهتاڻا، تعلقي گم... وڌيڪ پڙهو 1988.07.05ع :  سنڌ جي ناليواري سماجي ورڪر، اديبه ۽ سياستدان سڪينه عتيق الزمان جو جنم نومبر 1923ع ۾ لکنو هندستان جي ... وڌيڪ پڙهو 2003.07.05ع :  مولانا قاضي عبدالقادر سرهيو ولد الهورايو خان سرهيو، شهر ڊرگهه بالا تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ سال 134... وڌيڪ پڙهو 2006.07.05ع :  جانڻ فقير هن صوفي منش بزرگ ۽ شاعر 5 جولاءِ 2006ع تي وفات ڪئي . ... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** دبيار **

دبيار: دبيار جهرڪ ويجهو هڪ قديم خطو آهي. لفظ دوبيار ’دو آبيار‘ مان نڪتل آهي. قديم دور ۾ هي سنڌو درياهه جو دو آبو رهيو آهي. دبيار کي ٽن طرفن کان جابلو علائقو آهي. فقط هڪ طرف ڏکڻ کان ڪچي جو علائقو لڳي ٿو، جتان هن وقت سنڌو درياهه فقط ٽي ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. حيدرآباد کان ٺٽي ويندڙ رستو به انهي علائقي وٽان گذري ٿو. هن علائقي ۾ شاه اسماعيل جو قبرستان ۽ هزارين سال آڳاٽو ماڳ ’ماجيراءِ جي ماڙي‘ پڻ آهن. ٽالپرن جي دور ۾ ڏکڻ طرف کان سنڌو درياهه جي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ بچاءُ بند ڏنو ويو، تنهن کان پوءِ هي علائقو باقاعدي زرعي علائقو آهي. دبيار جي علائقي مان ئي ساپاهه (سپاهه) واهه وهي ٿو.

ڪن تاريخدانن جو رايو آهي ته سڪندراعظم سنڌ فتح ڪرڻ بعد واپس ويندي، هتي ڪجهه وقت پنهنجي فوج ترسائي هئي، تنهنڪري هن واهه تي نالو سپاهه پيو. دبيار جي علائقي ۾ ئي مخدوم نوح رح جو ڪوٽ هو. هتي مخدوم لطف الله عرف لاکي پير جو مقبرو به آهي، جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو همعصر شاعر هو. هن قبرستان ۾ قديم دور جون قبرون ۽ چوکنڊيون موجود آهن.

دبيار ۾ جماري، ٻٻر، شيخ، سيد، مير بحر، سولنگي، چانگ قبيلا رهن ٿا.....وڌيڪ پڙهو