تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ٽنڊو محمد خان **

ٽنڊو محمد خان: هي شهر ٽنڊي محمد خان ضلعي جو هيڊڪوارٽر، مشهور شهر ۽ ديهه آهي. هن ديهه ۾ ’پير ڏنو ماڇي‘، ’جمعو پرهياڙ‘ ۽ ’هاشو‘ نالي سان ٽي ڳوٺ آباد آهن:

ٽنڊي محمد خان شهر جو باني، ميرمحمد خان ٽالپر هو، جيڪو ديهه پٽ باران ۾ ديره جات جي علائقي ۾ رهندو هو. ڪلهوڙا دور تائين سڀ ٽالپر اُتي رهندا هئا. جڏهن مير فتح عليءَ جي حڪومت قائم ٿي ته مير محمد خان کي هڪ وڏي جاگير ملي، جنهن جي ڪل پکيڙ اٽڪل ٽي لک ايڪڙ هئي. مير فتح علي خان جي حڪومت 1783ع ۾ قائم ٿيڻ ۽ جاگير ملڻ کان پوءِ ان جي نظرداريءَ لاءِ ميرصاحب کي وقت به وقت هتي اچڻو ٿي پيو ۽ ديره جات جي ڦِٽڻ کان پوءِ کيس هتي پنهنجو ڳوٺ ٻڌائڻ لاءِ هن جي نظر هن علائقي تي پئي، جتي هينئر ٽنڊومحمد خان آباد آهي. ”گونيءَ“ جي ڪپ تي هي شهر مير فتح علي خان جي حڪومت جي اٺن سالن کان پوءِ 1791ع ۾ آباد ٿيو. مير محمد خان ٽالپر، ٽنڊي محمد خان آباد ڪرائڻ کان 22 سال پوءِ، 13 آڪٽوبر 1812ع تي وفات ڪري ويو. سندس مقبرو ان وقت جي مشهور شهر فتح باغ ۾ آهي، جيڪو ماتليءَ جي ويجهو آهي. ڪنهن زماني ۾ موجوده ٽنڊي محمد خان شهر جي وچ ۾ هڪ واهه وهندو هو، جنهن جو نالو امام واه....وڌيڪ پڙهو