تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** چوٽياريون ڊئم **

چوٽياريون ڊئم: چوٽياريون ڊئم، تعلقي ۽ ضلعي سانگهڙ ۾ آبپاشيءَ جي لحاظ کان نارا ڪئنال وانگر وڏي اهميت جو حاصل آهي. سانگهڙ ۾ جُون ۽ جولاءِ جي گرمي پد 40°c يا ڪن حالتن ۾ اڃا به مٿي وڃي ٿو، جڏهن ته هتي سراسري برسات 40 ملي ميٽرن کان 125 ملي ميٽرن تائين پوي ٿي. چوٽياريون بند سانگهڙ شهر کان اوڀر طرف 35 ميل کن پري جمڙائو هيڊ کان به 30 ڪلوميٽر پري، سامونڊي سطح کان 60 ميٽر اوچو هٿرادو پاڻي گڏ ڪرڻ جو بند آهي. جمڙائو هيڊ بابت چيو وڃي ٿو ته اهو هاڪڙي/ سرسوتيءَ جو پيٽ هو ۽ 70 عيسويءَ ۾ ڪن قدرتي سببن جي ڪري سُڪي ويو.

هن بند جي اوڀر ۾ اڇڙي ٿر جون وارياسيون ٽڪريون آهن، جڏهن ته اولهه ۽ ڏکڻ ۾ نارا ڪئنال وهي ٿو. هن بند جي چوڌاري مٺي پاڻيءَ جون ڪيتريون ئي ڍنڍون جهڙوڪ: گن ڍنڍ، واري ڍنڍ، ججور ڍنڍ، ڦليلي ڍنڍ، سرميائو نارو، کوڙ وغيره مشهور آهن. بند جو ترو ڪچي مٽيءَ تي مشتمل آهي. هي بند 2003ع ۾ نارا ڪئنال جي کاٻي ڪناري تي تعمير ڪيو ويو هو. 58 ڪلوميٽرن جي هن ڊئم جو اتر وارو بند 19 ڪلوميٽر، اولهه وارو بند 14 ڪلوميٽر، ڏکڻ وارو بند 16 ڪلوميٽر ۽ ڏکڻ اوڀر وارو بند 9 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. هن بند کي رانتو ڪئ....وڌيڪ پڙهو