سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
پَرمَارُ: پرمار هندن جي مختلف پرتن ۾ راجپوتن (سوڍن)، سوٽهڙن، مينگهواڙن ۽ ڪولهين ۾ نُک ٿيندي آهي. پرمارن جي اصل جنم ڀومي پارڪر آهي. هندو شاسترن مطابق شري پرسرام کي ڀڳوان وشنوءَ جو ڇهون اوتار ڪري ليکيو وڃي ٿو. هڪ روايت آهي ته هڪ دفعي ڳئون جي معاملي تان راجپوت راجا ڪرتويه ۽ شري پرسرام جي وچ ۾ ويڙهه ٿي، جنهن تي راجا جي ماڻهن شري پرسرام جي پيءَ شيراج جمندگانيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو. جنهن تي شري پرسرام اعلان ڪيو ته مان ڪنهن به راجپوت کي بخش نه ڪندس. انهيءَ اعلان سان راجپوت ناس ٿي ويا. هندو ڌرم موجب چؤٻول اٿيو ته راڪاس هندو رعيت کي گهڻو ستائين ٿا. برهمڻن، ڀڳوان جي پرارٿنا ڪئي ۽ منتر پڙهيا، جنهن تي ڪِن ”مار! مار!“ چيو. ان ڏينهن کان وٺي انهن جو نالو پرمار پئجي ويو. هنن ”آبو“ جبل کي 900ع ڌاري پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو هو. سڄي پارڪر ۾ پکڙجي ويا.
ڪتاب ”راجپوتانا اتهاس“ ۾ راجپوت سوڍن ۾ پرمارن جون هيٺيون شاخون بيان ٿيل آهن: سوڍا، سانکلا، موريا، سومرا، کيسر، ميپاوت، وهل، ٻلهر، ڪاٻار، امٽ، ريهور، چوٽورا، کيچر، ڍونڍا، سورٺيا، سوکڙا، هريا، ڪوهلا، پويا، ڀوجا، سپل، ڀيٻا، ڀوڪرڻا، ديوا، ڪهوريا، ڪالس....وڌيڪ پڙهو