تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** جمالي حاجي علي بخش **

جمالي حاجي علي بخش: مشهور شاعر، فقير حاجي علي بخش جمالي، آگسٽ 1916ع تي ڳوٺ بچل مهيسر، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. هن جي تعليم پرائمريءَ جا چند درجا هئي. کيس ننڍي هوندي کان ئي شاعريءَ جو شوق هو. هن شاعريءَ ۾ وڏي مهارت حاصل ڪئي. سندس همعصر شاعرن ۾ عبد عاقلي، مولوي عبدالله اثر، اياز حسين قادري، ميان غلام عباس قادري جوش، زيب عاقلي، محمد علي جوهر، مولوي نور الدين نور ۽ ٻيا ڪيترائي نالا اچن ٿا.

حاجي علي بخش جمالي پنهنجي نالي اڳيان ’فقير‘ لکندو هو. حساس طبيعت جو مالڪ هو. هن معاشري ۾ ٿيندڙ ظلمن، زيادتين ۽ بي انصافين تي سندس دل هميشه ڪڙهندي هئي، جنهن جو ثبوت سندس اها اصلاحي شاعري آهي، جنهن ۾ هن دل کولي پيڙا جو اظهار ڪيو آهي. هن شعر جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي، جنهن ۾ حمد، نعت، مولود، مناجات، بيت، غزل، مخمس، مسدس، مثمن، ڪافيون، ٽيهه اکريون ۽ قطعا اچي وڃن ٿا.

فقير حاجي علي بخش جا ٻه ڪتاب ’جهڙا گل گلاب جا‘ ۽ نعتيه ديوان ’محسن اعظم‘ سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي جي سهڪار سان شايع ٿيا، جن مان نعتيه ديوان ’محسن اعظم‘ تي کيس 1995ع ۾ کيس صدارتي اوارڊ به مليو. هيءُ سنڌي لوڪ ادب جي حوالي س....وڌيڪ پڙهو