تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-11-11 عيسوي تاريخ ۾


1910.11.11ع :  عبدالقيوم چنا ولد خليفو محمد قاسم چنا، 11 نومبر 1910ع ۾ پاٽ شريف لڳ ڳوٺ ڪلريءَ ۾ پيدا ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1911.11.11ع :   هن مشهور اداڪار ۽ فنڪار جو اصل نالو سريندر ناٿ ۽ فلمي نالو سريندر هو. هن 11 نومبر 1911ع تي پٽياله ج... وڌيڪ پڙهو 1916.11.11ع :  پير محمد زمان شاهه هاشمي 11 نومبر 1916ع تي مٽياري ۾ جنم ورتو... وڌيڪ پڙهو 1918.11.11ع :  11 نومبر 1918ع تي وڙهندڙ ملڪن ۾ جنگبنديءَ جي ٺاهه تي صحيحون ٿيڻ تائين ٻنهي پاسن جا 2 ڪروڙ ماڻهو مارج... وڌيڪ پڙهو 1920.11.11ع :  علي احمد بروهي 11 نومبر 1920ع تي کنڀڙا ڳوٺ ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1930.11.11ع :  سنڌي ٻوليءَ جي نامور ليکڪا ۽ تعليمدان ايشوري جوتواڻي ، 11 نومبر 1930ع تي سيوهڻ ، سنڌ ۾ جنم ورتو .... وڌيڪ پڙهو 1936.11.11ع :  فوٽ بال جو بهترين رانديگـر اسـتـاد حبيب الله ڪلهوڙو، 11 نومبر 1936ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1938.11.11ع :  اين .جي .مجمدار کي بدقسمتيءَ سان 11 نومبر 1938ع تي جوهي تعلقي ۾ نئين گاج ڀرسان روهيل جي ڪنڀ يا ڪُن و... وڌيڪ پڙهو 1951.11.11ع :   مشھور سنڌي ڪلاسيڪل ڊانسر انيلا سندر جو جنم 11 نومبر 1951ع تي الھاس نگر، مھاراشٽرا (هندستان) ۾ ٿيو. ... وڌيڪ پڙهو 1957.11.11ع :  امير حسن ( راڳي ) : -امير حسن- 11 نومبر 1957ع ۾ صدر حيدرآباد ۾ ڄائو . سندس خاندان ۾ اڳ ۾ ڪو به ڳائڻو... وڌيڪ پڙهو 1960.11.11ع :  مشهور ڪهاڻيڪار، ڊرامانويس ۽ ڪمپيئر سيد ماڪن شاهه ولد سيد جيئرو شاهه رضوي، 11 نومبر 1960ع تي جهڏي، ضل... وڌيڪ پڙهو 1980.11.11ع :  حاجي عبدالرحيم لغاري 11 نـومـبر 1980ع تي وفات ڪئي ۽ کيس مدرسي جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويو.... وڌيڪ پڙهو

هجري تاريخ ۾


0260.03.08ھ: 8 ربيع الاول 260هه/ پهرين جنوري 874ع تي 27 سالن جي عمر ۾ رحلت ڪيائين. ... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** پير جنان جي قبرستان ۾ مقبرو **

پير جنان جي قبرستان ۾ مقبرو: پير جنان جي قبرستان، ديهه اين. اي- 87، تعلقي ۽ ضلعي نواب شاهه (هاڻوڪي بينظير آباد) ۾ واقع هي مقبرو ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو معلوم ٿئي ٿو. هن قبرستان کان ڏيڍ ڪلوميٽر اوڀر طرف اسلم بروھيءَ جو ڳوٺ، 500 ميٽر اتر طرف پٺاڻ ڳوٺ، 200 ميٽر اولهه ۾ چانڊين جو ڳوٺ، ڏکڻ ۾ ٻن ڪلوميٽرن پنڌ تي ڄام صاحب نواب شاهه روڊ ۽ 8 ڪلوميٽر اتر اولهه تي نواب شاهه جو شهر آھي. ھي ماڳ اتر ويڪرائي ڦاڪ260 15' '42"'' ڊگريون ۽ اوڀر ڊگھائي ڦاڪ 680 28' 00"'' ڊگرين ۾ واقع آھي. ھن مقبري جي ڊيگهه ويڪر 6.10 ميٽر ۽ اوچائي 8 ميٽر، رٿ ۾ چورس آھي. ھن جي اڏاوت ۾ پڪيون سرون (ص: 24x18x4) گل ۽ گارو استعمال ٿيل آھي. اونھي ڪمان سان اوڀر ۾ دروازو ڏنل آھي. ھر پاسي، مھاڙي کي ڇڏي 10 عدد مستطيل پانيل ٻن قطارن ۾ ھڪ ٻئي جي مٿان ٺھيل آھن. اتر ۽ ڏکڻ ۾ دريون ھوا جي گذر لاءِ ڇڏيل آھن. گنبذ، اٺڪنڊي ڳچ (Drum) جي مٿان ٺھيل آھي. جيڪو مقامي طرز جو گول نموني جو ٺهيل آھي. گنبذ تي به ٻه دريون ھوا جي گذر لاءِ اتر ۽ ڏکڻ ۾ ڇڏيون ويون آھن. گنبذ جي مٿان ابتو ڪنول گل (مھاپدما) ٺھيل آھي. گنبذ جو نمونو آدم خان جي اوائلي ٺهيل مقبري واري....وڌيڪ پڙهو