سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
هجري تاريخ ۾
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
پير جنان جي قبرستان ۾ مقبرو: پير جنان جي قبرستان، ديهه اين. اي- 87، تعلقي ۽ ضلعي نواب شاهه (هاڻوڪي بينظير آباد) ۾ واقع هي مقبرو ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو معلوم ٿئي ٿو. هن قبرستان کان ڏيڍ ڪلوميٽر اوڀر طرف اسلم بروھيءَ جو ڳوٺ، 500 ميٽر اتر طرف پٺاڻ ڳوٺ، 200 ميٽر اولهه ۾ چانڊين جو ڳوٺ، ڏکڻ ۾ ٻن ڪلوميٽرن پنڌ تي ڄام صاحب نواب شاهه روڊ ۽ 8 ڪلوميٽر اتر اولهه تي نواب شاهه جو شهر آھي. ھي ماڳ اتر ويڪرائي ڦاڪ260 15' '42"'' ڊگريون ۽ اوڀر ڊگھائي ڦاڪ 680 28' 00"'' ڊگرين ۾ واقع آھي. ھن مقبري جي ڊيگهه ويڪر 6.10 ميٽر ۽ اوچائي 8 ميٽر، رٿ ۾ چورس آھي. ھن جي اڏاوت ۾ پڪيون سرون (ص: 24x18x4) گل ۽ گارو استعمال ٿيل آھي. اونھي ڪمان سان اوڀر ۾ دروازو ڏنل آھي. ھر پاسي، مھاڙي کي ڇڏي 10 عدد مستطيل پانيل ٻن قطارن ۾ ھڪ ٻئي جي مٿان ٺھيل آھن. اتر ۽ ڏکڻ ۾ دريون ھوا جي گذر لاءِ ڇڏيل آھن. گنبذ، اٺڪنڊي ڳچ (Drum) جي مٿان ٺھيل آھي. جيڪو مقامي طرز جو گول نموني جو ٺهيل آھي. گنبذ تي به ٻه دريون ھوا جي گذر لاءِ اتر ۽ ڏکڻ ۾ ڇڏيون ويون آھن. گنبذ جي مٿان ابتو ڪنول گل (مھاپدما) ٺھيل آھي. گنبذ جو نمونو آدم خان جي اوائلي ٺهيل مقبري واري....وڌيڪ پڙهو