تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-09-20 عيسوي تاريخ ۾


1388.09.20ع :  فيروز شاهه 20 سيپٽمبر 1388ع تي وفات ڪري ويو . ... وڌيڪ پڙهو 1911.09.20ع :   پير حسام الدين راشدي 20 سيپٽمبر 1911ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي رتيديري جي ڳوٺ بهمڻ ۾ ڄائو... وڌيڪ پڙهو 1920.09.20ع :  مشهور استاد، شاعر ۽ سماج سڌارڪ استاد شفيع محمد ٻگهيو 20 سيپٽمبر 1920ع تي شهر گچيري پراڻي تعلقي موري ... وڌيڪ پڙهو 1933.09.20ع :  ٿياسافيڪل سوسائٽي جي صدر ڪرنل الڪاٽ جي وفات ( 17 فيبروري 1907ع ) کان پوءِ ايني بيسنت دنيا جي ٿياسا... وڌيڪ پڙهو 1933.09.20ع :  ايني بيسنت جون ڪيتريون يادگار تصنيفون آهن . پاڻ 20 سيپٽمبر 1933ع تي لاڏاڻو ڪيائين .... وڌيڪ پڙهو 1942.09.20ع :  قربان علي عباسي، 20 سيپٽمبر 1942ع تي ڳوٺ ٻيڙي چانڊيي، تعلقي ۽ ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ جي هڪ زميندار گهرا... وڌيڪ پڙهو 1950.09.20ع :  سيد امجد حسين شاهه جيلاني ، 20 سيپٽمبر 1950ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو... وڌيڪ پڙهو 1955.09.20ع :  قاضي اسدعابد جو جنم 20 سيپٽمبر 1955ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. ... وڌيڪ پڙهو 1961.09.20ع :  ابڙو ڊاڪٽرعبدالحي: اديب ، دانشور ۽ عالم ڊاڪٽر عبدالحي ابڙو 20 سيپٽمبر 1961ع تي دوداپور ڀُٽو ويجهو ،... وڌيڪ پڙهو 1963.09.20ع :  پاڪستان لاءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏندڙ پھريون هندو رانديگر انيل ولد دلپت سوناواريا 20 سيپٽمبر 1963ع تي ڪراچي... وڌيڪ پڙهو 1965.09.20ع :   مشهور نعت گو شاعر رفيق امروٽيءَ جو اصل نالو سيد نظام الدين ولد سيد محمد شاهه امروٽي آهي. سندس جنم 2... وڌيڪ پڙهو 1983.09.20ع :  جامعي محمد سرور پروفيسر کيس علمي ۽ فڪري خدمتن جي عيوض حڪومت پاڪستان طرفان ’ تمغه امتياز ‘ سان نواز... وڌيڪ پڙهو 1995.09.20ع :  20 سيپٽمبر 1995ع تي بينظير جي پنهنجي حڪومت ۾ سازش ڪري سندس موڀي ڀاءُ ميرمرتضيٰ ڀٽي کي شهيد ڪيو ويو ... وڌيڪ پڙهو 1996.09.20ع :  مير مرتضيٰ ڀٽو 20 سيپٽمبر 1996ع تي شهيد ٿيو ... وڌيڪ پڙهو 1999.09.20ع :  ايڇ ايم خواجه 20 سيپٽمبر 1999ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ذيابيطس **

ذيابيطس (Diabetes Mellitus): هيءَ بيماري رت ۾ مٺاڻ جو مقدار وڌي وڃڻ (Hyperglycaemia) ڪري ٿيندي آهي. رت ۾ مٺاڻ وڌڻ جو سبب انسولين جي گهٽتائي، ناقص هجڻ يا بلڪل ختم ٿي وڃڻ آهي، ڇو ته جسم ۾ ڪاربوهائيڊريٽ ۽ سڻڀ جي ڳرڻ (جذب ٿيڻ) جو ڪيميائي عمل (Metabolism) نه ٿي سگهندو آهي، ان ڪري رت ۾ مٺاڻ وڌي ويندو آهي. جيتوڻيڪ انسولين پاڻ به پروٽين جو هڪ قسم آهي، پر اها اهڙي قسم جي پروٽين آهي، جيڪا ٻي پروٽين کي ڳاريندي (جذب ڪندي) آهي.

انسولين لبلبي (Pancreas) جي لينگرهانس جي ٻيٽاريءَ ۾ موجود بي تنت عضوي ۾ ٺهندي ۽ اُن مان خارج ٿيندي آهي.هيءَ بيماري هڪ ڏينهن ۾ نه ٿيندي آهي، نه وري هڪ ڏينهن ۾ ڇڏي ويندي آهي. هيءَ بيماري مريض سان سڄي عمر رهي ٿي ۽ گهڻي عرصي تائين رهڻ ڪري مريض لاءِ وڏي هاڃيڪار ثابت ٿيندي آهي. هيءَ بيماري مريض جي جسم جي هر هڪ تنتي ۽ مشڪي نظام کي اهڙيءَ ريت نقصان پهچائيندي آهي جيئن اڏوهي ڪاٺ کي اندران کائي چَٽُ ڪري ڇڏيندي آهي. ذيابيطس کي پرهيز، مناسب ۽ ترتيبوار خوراڪ ۽ ورزش سان ڪنٽرول ۾ رکي سگهجي ٿو.

(الف) ذيابيطس جا قسم (Types of Diabetes)

(1) انسولين تي دارومدار ر....وڌيڪ پڙهو